رانديون

بنگلاديش آخري ٽي 20 سيريز ۾ انگلينڊ کي ڪلين سوئيپ شڪست ڏئي ڇڏي

بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي 20 سيريز ۾ عالمي چيمپيئن انگلينڊ کي ڪلين سوئيپ شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق شير بنگلا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل آخري ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم رڳو 2 وڪيٽن جي نقصان تي 158 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ اوپنر لٽن داس هڪ ڇڪي ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 73 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، شنٽو 47 تي ناٽ آئوٽ رهيو، روني تلڪدار 24 ۽ شڪيب الحسن 4 رنسون ڪيون، انگلش بالرن عادل رشيد ۽ ڪرس جارڊن هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي. جڏهن تھ انگلينڊ 6 وڪيٽن تي 142 رنسون ٺاهي 16 رنسن تان شڪست کاڌي، ڊيوڊ ملان 53 ۽ جوز بٽلر 40 رنسن سان نمايان رهيا، ڪرس ووڪس 13 ۽ بين ڊڪيٽ 11 رنسون ڪيون، باقي بيٽر سنگل ڊجيٽ ۾ ئي محدود رهجي ويا. بنگلاديش جي بالر تسڪين احمد 2، تنوير اسلام، شڪيب الحسن، مستفضر الرحمان هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي. ياد رهي تھ ٽن ميچن واري ٽي 20 سيريز ۾ عالمي چيمپيئن انگلينڊ ڪابھ ميچ ناهي کٽي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button