تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهھ محمود قريشي پنھنجن ويجھن حلقن ۾ ان ڳالھھ جو اظھار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي تھ ھو عمران خان جو جانشين آھي. ھن جو اھڙو خيال ھن جو خواب تھ ھو پر ھاڻي حالتون ان خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ طرف وٺي وڃي رھيون آھن. اردوءَ جو شعر آھي:
“دل ڪا جانا ٺھر گيا
صبح گيا يا شام گيا”
عمران خان جو وزير اعظم نھ ٿيڻ تھ طعھ ٿي ويو آھي. ھاڻي ان حقيقت کي عمران خان پاڻ بھ تسليم ڪرڻ شروع ڪيو آھي. ڇو تھ ھو اسٽيبلشمينٽ سان ايترن اختلافن ۾ اچي ويو آھي جو ھن کي ٻيو ڀيرو وزير اعظم ٿيڻ جي اجازت مشڪل ملي. پر اھا بھ حقيقت آھي تھ ھو ۽ ھن جي پارٽي ملڪ ۾ ھن مھل شھرت جي بلندين تي پھتل آھن. ان ڪري اھو بھ ممڪن نظر نھ ٿو اچي تھ پي ٽي آءِ کي ريٽي اقتدار انھن قوتن جي حوالي ڪيو وڃي، جيڪي قوتون عوام ۾ حمايت نھ ٿيون رکن. ان سلسلي ۾ ھن وقت تائين جيڪو خيال سڀ کان وڌيڪ سگھارو نظر اچي رھيو آھي، اھو ھي آھي تھ اسٽيبلشمينٽ اقتدار جو حق تحريڪ انصاف جي حوالي ڪرڻ جي موڊ ۾ آھي پر ان لاءِ پي ٽي آءِ عرف عمران خان کي پنھنجي ذات جي قرباني پيش ڪرڻي پوندي. ھن کي پويان رھي وزارت اعظميٰ لاءِ پنھنجي پارٽيءَ جو ڪو اھڙو نالو پيش ڪرڻو پوندو، جيڪو اسٽيبلشمينٽ لاءِ قابل قبول بھ ھجي ۽ جنھن ۾ ڊپلوميٽڪ گڻ بھ ھجن. تحريڪ انصاف ۾ اھڙين خوبين جو مالڪ نھ تھ فواد چوڌري آھي ۽ نھ وري شھباز گل آھي. اسد عمر جو نالو بھ اھم آھي پر ھن جو ايترو قد ڪونھي. جڏھن ته شيرين مزاريءَ کي اسٽيبلشمينٽ مشڪل قبول ڪندي. ان سموري تناظر ۾ شاھه محمود قريشي ھڪ اھڙو شخص آھي، جيڪو پيپلز پارٽيءَ ۽ تحريڪ انصاف جي اقتداري دور دوران پرڏيھي وزير بھ رھيو آھي ۽ ھن جي شخصيت ۾ ٻين سان ملي جلي ھلڻ جي لچڪ بھ آھي. ھو ھن مھل تائين اسٽيبلشمينٽ سان الجھيو بھ ناھي. ھو تحريڪ انصاف جو سافٽ (Soft) چھرو آھي ۽ ھن کي قبول ڪرڻ ۾ مخالف ڌر کي بھ گھڻي تڪليف نھ ايندي ۽ ھو ھڪ اھڙو فرد آھي، جيڪو عزت ۽ آبرو سان فرمان برداريءَ جو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو. ھن ۾ اھا صلاحيت آھي تھ ھو ئي هن وقت عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ کي وڏي حد تائين راضي رکي سگھي ٿو. ان حوالي سان عمران خان بھ پنھنجو ذھن ٺاھڻ شروع ڪيو آھي تھ ھن کي قبول نھ ڪرڻ جي صورت ۾ ھو پنھنجي پارٽيءَ طرفان وزارت اعظميٰ لاءِ شاھه محمود قريشيءَ جو نالو پيش ڪندو.
تازو بي بي سي جي نمائندي عمران خان جو انٽرويو ڪندي جڏھن ھن کان اھو سوال ڪيو تھ ھن جي گرفتار ٿيڻ يا نااھل ٿيڻ جي صورت ۾ پارٽيءَ جي قيادت چوڌري پرويز الاھي ڪندو؟ تھ ان سوال جو جواب ڏيندي ھن پھرين پرويز الاھيءَ جي قربانين جو تذڪرو ڪيو ۽ پوءِ چيو تھ ھو ايترن گھڻن دٻائن جي باوجود بھ جڏھن ھن پي ٽي آءِ ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو تھ اسان کي لازمي طور تي ھن کي عزت ڏيڻي ھئي. ان لاءِ ھن کي اسان ھڪ عزت وارو عھدو ڏنو. جڏھن تھ تحريڪ انصاف جو ھڪ پنھنجو آئين آھي. ان آئين جي حوالي سان ھر شيءَ صاف آھي. ظاھر آھي تھ آئون چيئرمين آھيان ۽ مون کان پوءِ وائيس چيئرمين آھي. اھڙي طرح ھن شاھه محمود قريشيءَ جو نالو کڻڻ کان سواءِ ھن جي طرف صاف ۽ شفاف اشارو ڪري چيو تھ ھن جي جاءِ ڪير والاريندو؟
عمران خان جي پوري ڪوشش ھوندي تھ ھو ايندڙ دفعي ۾ بھ ملڪ جو وزير اعظم ٿئي. پر ھو جنھن گھيري ۾ آھي. ھو جنھن طرح سان اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءَ ۾ اچي ويو آھي. ھاڻي جيڪڏھن ھو پير پويان بھ ڪري ۽ ھڪ “نئين شروعات” جو واعدو بھ ڪري، تڏھن بھ اسٽيبلشمينٽ ھن جي اھڙي واعدي کي ۾ مشڪل قبول ڪندي. ڇو تھ اسٽيبلشمينٽ کي اھا پڪ ٿي چڪي آھي تھ “پڪي گھڙي ڪنا نھ پوندا آھن” ۽ عمران خان ھڪ اھڙو پڪو گھڙو آھي، جيڪو ڪنھن بھ وقت ڪجھھ بھ چئي ۽ ڪري سگھي ٿو. ان صورت ۾ وري ھڪ محاذ آرائي ۽ وري خواري! سو اسٽيبلشمينٽ ان سلسلي ۾ پنھنجو ذھن ٺاھي ويٺي آھي تھ ھوءَ عمران خان جي واپسيءَ جو تجربو ڪنھن بھ صورت ۾ نھ ڪندي. اسٽيبلشمينٽ کي اھو يقين اچي ويو آھي تھ عمران خان ھڪ تھ پنھنجي عادت ۽ ٻيو تھ عوامي حمايت جي ڪري اھڙي مزاج جو مالڪ بڻجي ويو آھي تھ ھو ڪنھن بھ شيءَ تي ضد ٻڌي، ڪو تماشو ڪرڻ ۾ ڪنھن قسم جو عار محسوس ڪري نھ ٿو سگھي.
ھن وقت ملڪ جنھن معاشي صورتحال کي منھن ڏئي رھيو آھي ۽ جنھن طرح سان عالمي سطح تي پاڪستان جو اميج متاثر ٿيو آھي، ان صورتحال ۾ پاڪستان ھاڻي ڪنھن وڏي مانڌاڻ کي برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ھرگز ناھي. اسٽيبلشمينٽ کي بھ اھو احساس ٿي ويو آھي تھ ھاڻي ملڪ نون تجربن جو متحمل ٿي نھ ٿو سگھي. ان ڪري ھڪ اھڙي واٽ ورتي وڃي، جنھن ۾ ملڪ جو گاڏو بنا گوڙ جي گھلبو ھلي ۽ ڪو بھ اھڙو تڪرار پيدا نھ ٿئي، جنھن سان ملڪ ڪنھن اھڙي مشڪل ۾ اچي وڃي.
پاڪستان کي ھن مھل ھڪ اھڙي سرڪاري سيٽ اپ جي ضرورت آھي، جيڪو عوام ۾ حمايت بھ رکندو ھجي ۽ جنھن جا اسٽيبلشمينٽ سان تعلقات بھ بھتر ھجن. ملڪ جي اصل واڳ جن ھٿن ۾ آھي، انھن ھٿن گھڻي وقت کان وٺي دستانا پائڻ ڇڏي ڏنا آھن. اھي ھٿ ھاڻي ملڪ کي اھڙي ماحول ۾ ڏسڻ چاھين ٿا، جنھن ۾ ڪنھن بھ قسم جو ڪو وڏو وڳوڙ نھ ھجي. بس ھلڪي ڦلڪي موسيقي ھلندي رھي. قومي اسيمبليءَ ۾ ڪڏھن کل ۽ ڪڏھن خار جو ماحول ھجي پر اھڙي صورتحال نھ ھجي جو ھڪ ٻئي جي ڳچيءَ ۾ ھٿ ھجن. حڪومت تھ ھونءَ بھ احتياط ڪندي آھي پر مخالف ڌر بھ ڪجھھ اھڙو رويو اختيار ڪري، جنھن سان ملڪ جي پرديدار قوتن تي اھڙو وقت نھ اچي جو اھي مشڪل ماحول کي منھن ڏيڻ جي لاءِ پاڻ ميدان تي لھي ميڊيا جي سخت سوالن جا جواب ڏين.
پاڪستان ڪجھھ وقت کان وٺي ۽ خاص طور تي عمران خان جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ مسلسل اھڙي ماحول مان گذريو آھي، جنھن ۾ تمام گھڻيون عجيب قسم جون مشڪلاتون پيدا ٿيون آھن ۽ پاڪستان جو اڳ ۾ ئي متاثر ٿيل اميج وڌيڪ متاثر ٿيو آھي. پاڪستان ھن مھل ھڪ تمام گھڻي توازن واري پر تمام فرمانبردار ۽ انتھائي ماٺيڻي حڪومت جي تمنا ڪري رھيو آھي ۽ اھڙي حڪومت کي ھلائڻ جي لاءِ ھڪ عمليت پسند پرائيم منسٽر جي ضرورت آھي ۽ شاھه محمود قريشي پاڻ کي ان منصب لاءِ بلڪل بھ اھل سمجھي ٿو. ھن جو خيال آھي تھ ھو پاڪستان جو ڪامياب حڪمران ثابت ٿيندو.
پاڪستان لاءِ ھن مھل ھڪ نھ پر گھڻيون مشڪلاتون آھن. پاڪستان ھڪ تھ معاشي محاذ تي تمام گھڻي تڪليف جو شڪار آھي. ٻيو تھ پاڪستان جي پاڙيسري ملڪن ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿي رھي آھي، ان کي سنڀالڻ جي لاءِ سفارتي گڻن واري سربراھه جي ضرورت آھي. ھن وقت جھڙي ريت چين جي تعاون سان ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ جيڪو معاھدو ٿيو آھي، ان جا نھ صرف علائقي پر عالمي سياست تي بھ اثر پوندا. ڇو تھ چين اھو ڪجھھ ڪيو آھي، جيڪو ڪجھھ ٿيڻ امڪان کان اڳتي ھو. آمريڪا وڏي ھوشياري ۽ حرفت سان ايران ۽ سعودي عرب کي اھڙي موڙ تي وٺي آيو ھو، جتي انھن جي وچ ۾ صلح جو ڪو بھ امڪان نھ ھو. آمريڪا پنھنجي ان ايجنڊا تي ڪاميابيءَ سان عمل پيرا ھو تھ ڪنھن بھ طرح سان پھرين عرب ملڪن ۽ پوءِ دنيا جي سمورن مسلمان ملڪن جا اسرائيل سان سفارتي تعلقات بھتر بڻائجن. ان سلسلي ۾ يو اي اي ۽ قطر تھ ان اسڪيم ۾ اچي ويا، جڏھن تھ سعودي عرب جون بھ سرگرميون جاري رھيون. عين ان موقعي تي چين پاران علائقي جي ٻن سخت مخالف ملڪن جي وچ ۾ ھٿ ملائڻ واري پيش رفت ڪرائڻ جو مطلب اھو آھي تھ چين ان ايجندا تي گھڻي وقت کان وٺي ڪم ڪري رھيو ھو. ڇو تھ ايترو وڏو ڪم فوري طور تي نھ ٿيندو آھي. ان جو مطلب اھو ٿيو تھ اھو ڪم آمريڪا جي اکين کان يا تھ اوجھل ھو يا ان ڪم جو انداز اھڙو ھو جو آمريڪا چاھيندي بھ ان کي بگاڙڻ جي پوزيشن ۾ نھ ھو. ٻنھي صورتن ۾ آمريڪا جي سفارتي سياست واري شڪست ھن جي لاءِ تمام گھڻي تلخ آھي.
پاڪستان جو ايران ۽ سعودي ٺاھه کان پوءِ ڪردار طعھ ٿيڻو آھي. ان کان سواءِ افغانستان جي صورتحال بھ ڪا تسلي بخش ناھي. ڇو تھ ھن وقت تائين طالبان جي حڪومت کي اھا عالمي قبوليت حاصل ٿي نھ سگھي آھي، جيڪا ھڪ حڪومت لاءِ لازمي ھوندي آھي. جڏھن تھ افغانستان اقتصادي ڏچي ۾ آھي ۽ پاڪستان جنھن اڀرندڙ دھشتگرديءَ کي منھن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي، اھا بھ تمام گھڻي تڪليف واري آھي. ان کان سواءِ ڀارت جو وڌندڙ ڪردار پاڪستان جي لاءِ تمام گھڻي تشويش جو ڪارڻ آھي. ان صورتحال ۾ پاڪستان پنھنجا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ھڪ اھڙي حڪومت جو خواھشمند آھي، جيڪا حڪومت سڪون سان ھلندي رھي. اھڙي سڪون ڀري سرڪار عمران خان جي قيادت ۾ ھلي نھ ٿي سگھي. ڇو تھ عمران خان جو مزاج اھڙو ناھي، جنھن ۾ جھڪاءُ جو عنصر ڀرپور انداز سان موجود ھجي. جڏھن تھ عمران خان جو وائيس چيئرمين شاھه محمود قريشي اھڙين خوبين سان مالامال آھي. ھو نھ صرف ٻن حڪومتن ۾ پرڏيھي وزارت کي بنا ڪنھن گوڙ شور يا ڪنھن بھ قسم جي ڦيٽاڙي کان سواءِ ھلائيندو رھيو تھ ھن جي ان سلسلي ۾ ساک سٺي رھي آھي. ھڪ پنھنجي ڳالھھ ٻولھھ ۾ بھ توريل تڪيل ۽ تمام توازن وارو موقف رکڻ ۾ ناڪام نھ ٿيندو آھي. وڏي ڳالھھ تھ ھو سڀني سان ٺاھي ھلڻ وارو شخص آھي. ھن جي سڀ کان وڏي خوبي اھا آھي تھ ھو عمران خان جھڙي اڳواڻ سان بھ ڪاميابيءَ سان ھليو آھي ۽ ھن سان ڪنھن بھ قسم جي ٽڪراءَ ۾ نھ آيو آھي. جيڪو شخص عمران خان سان نڀائي سگھي ٿو، اھو ھڪ فرمانبردار حڪومت بھ ھلائي سگھي ٿو. ان حوالي سان عمران جي “آئوٽ” ٿيڻ سان شاھه محمود قريشي جو “اِن” ٿيڻ فطري عمل آھي.