پاڪستانسنڌ

نظرياتي بحران سبب قومي تحريڪ نتيجا نه ڏئي سگهي آهي:خالق جوڻيجو

فريدآباد: فريدآباد ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران سنڌي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ بابت ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو. ليڪچر پروگرام ۾ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي وسيلن تي ڌاريا قابض آهن، اسان وٽ تيل، گئس ۽ معدني وسيلا وڏي مقدار ۾ آهن. ھن چيو ته پ پ به ڌارين اڳيان بيوس بڻيل آهن، اسان وٽ اقتدار ۾ ويٺل ڀاڙيا آهن، مائوزي تنگ چيو هو ته جڏهن مسئلن ۾ منجھي پئو ته ماڻهن ۾ وڃو، اسان تي مصيبت آهي ته اسان کي اھم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻا پوندا. پنهنجي ڌرتي ۽ وسيلن تي پنهنجو اختيار حاصل ڪرڻو پوندو. ھن چيو ته پنهنجن ادارن جي مالڪي ۽ وارثي ڪرڻي پوندي، اسان جي ڌرتي وسيلا پيدا ڪيا آهن، اھي سنڌي ماڻهن جا وسيلا آهن. ھن وڌيڪ چيو ته روٽي ۽ ڪپڙو ڏنو نه پر کسيو اٿن، ڌارين ماڻهن جي يلغار اچي رھي آهي، پر انهن کي ڪير روڪي نٿو سگھي، انهن کي ڪالونيون ٺاھي ڏنيون پيون وڃن، اسان ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثرن جي مالڪي ڪئي، سنڌي ماڻهن لا ڪم ڪيو. ھن چيو ته پنهنجو وطن ۽ ڌرتي بچائڻي آهي، اسان جو سنڌي پاڻي جي واري تي ماڻهو ماري سگھي ٿو، پر سنڌ جي وسيلن جي مالڪي نه ٿو ڪري سگھي. ھن وڌيڪ چيو ته گڏ ٿيو، ھينئر وقت جي ضرورت آهي. ليڪچر پروگرام ۾ ڪامريڊ امير چانڊيو، ايس يو پي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالڪريم چانڊيو، ڪامريڊ قادر چانڊيو، نادر چانڊيو، مختيار چانڊيو، سلمان چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪيو. ليڪچر پروگرام ۾ سياسي سماجي، علمي اڳواڻن، ادبي دوستن، صحافين ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ٻئي پاسي خيرپور ناٿن شاهه ۾ عبدالخالق جوڻيجو سان سياسي ڪارڪنن ملاقات ڪئي. جنهن دوران پروفيسر امير علي چانڊيو، ممتاز لاکير، جميل چانڊيو ۽ ابراهيم جمالي موجود هئا. ملاقات دوران عبدالخالق جوڻيجي چيو ته قومي تحريڪ ھن وقت تائين گھربل نتيجا نه ڏئي سگهي آهي، جنهن جو اھم ڪارڻ نظرياتي بحران آهي، ۽ اسان نظرئي کان ھٽي ڪري اشوز طرف وڌيڪ ڌيان ڏنو آهي، نتيجي ۾ اسان ھڪ اشو خلاف جدوجهد ڪريون ٿا ته حڪمران ڪو ٻيو سنڌ دشمن اعلان ٿا ڪن ته اسان وري ان جي پٺيان لڳي ٿا وڃون، ٻين لفظن ۾ ته اسان جي جدوجهد جو تعين حڪمران ٿا ڪن، ان ڪري ضروري آھي ته اشوز سان گڏ ان رياستي نظام خلاف به جدوجهد ڪجي. ھن وقت ضرورت ان ڳالهھ جي آھي ته قومي تحريڪ جو نئين سر سيڪيولر ۽ جاگيردار مخالف بنياد وڌو وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ وانگر سنڌ دوست ۽ سنڌ دشمن ڌرين جي وچ ۾ چٽي لڪير ڪڍڻي پوندي، ان لاءِ نوجوانن کي مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. ان موقعي تي خيرپور ناٿن شاهھ ۾ جيئي سنڌ محاذ جو يونٽ کوليو ويو، جنھن ۾ منصور گاڏھي کي آرگنائيزر ۽ ماجد علي کوسي کي ڊپٽي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button