ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پورهيت طبقي جي نجات ڇا ۾ آهي؟

Editorial

اها پڪ آهي ته وفاقي، صوبائي ۽ مڪاني حڪومتون مهانگائي ختم ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي نه ٿيون رکن، ڇو ته مهانگائي حڪمران طبقي جو نه پر عام پورهيت، هيٺين طبقي جي ماڻهن جو مسئلو آهي. پر پو به اها ذميواري حڪومتن جي ئي آهي، جو اهي ماڻهن کي رليف مهيا ڪن ۽ انهن جي ڀلي لا رٿابندي ڪن. ان اميد سان ته حڪومتون ڪجهه ڪنديون، اسان عوام طرفان پنهنجي ڳالهه رکون ٿا ۽ انتظار ڪريون ٿا ته ڏسون ڇا ٿو ٿئي. جيتوڻيڪ لوڪ ڏاهپ ۾ اهو چيو ويو آهي ته جنهن جي ڄمار معلوم هجي، تنهن جا ڏند نه ڏسبا آهن، يا وري اهو ته هٿ ڪنگڻ کي ڪهڙي آرسي! جيڪي حڪمران چوڏهين آگسٽ 1947ع کان وٺي عوام جي ڀلائي لا ڪجهه نه ڪري سگهيا هجن، تن ۾ آسرو رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي، پر ڇا ڪجي ڳالهيون ۽ مطالبا وقت جي حڪمرانن کان ئي ڪبا آهن ۽ انهن جي آڌار تي اهو ڏٺو ويندو آهي ته حڪمران عوام جي مطالبن تي ڪيترو ڌيان ڏين ٿا.
رمضان جي مهيني ۾ اهو ڏٺو ويو آهي ته هتي پاڪستان ۾ مهانگائي وڌي وڃي ٿي. جڏهن ته سڌريل ملڪن ۾ مذهبي ڏڻ ايندا آهن، ته اتي وري خاص رعايتن جا اعلان ڪيا ويندا آهن ۽ عام ماڻهن جي ڀلي جون ڪيتريون ئي رٿائون عمل ۾ آنديون وينديون آهن. تازو متحده عرب امارات مان اها خبر آئي هئي ته رمضان جي مهيني ۾ ماڻهن کي عام ضرورتن جي شين جي خريداري تي 75 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي، يعني جيڪڏهن ڪنهن هڪ هزار رپين جي خريداري ڪئي ته ان کان اڍائي سئو رپيا ورتا ويندا. پر افسوس آهي جو هتي ان جي بلڪل ابتڙ ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن رمضان کان اڳ کاڌي پيتي جون ڪي شيون، مثال طور سموسن ۽ پڪوڙن کي ئي وٺجي، جيڪڏهن اهي درجن ۽ ڪلو جي حساب سان جيتري ۾ ملندا هوندا آهن، سي رمضان ۾ وري ڏيڍوڻ يا ٻيڻ تي ملڻ لڳندا آهن. ساڳي ئي حالت ميوي ۽ ڀاڄي جي پڻ هوندي آهي. ڇوهارا، کجيون ۽ ڪتل وغيره سان گڏ خشڪ ميوي جا اگهه پڻ چوٽ چڙهي ويندا آهن. عام مشروبات جي اگهن کي پڻ باهه لڳي ويندي آهي. ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو غريب ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد قدرت جي طرفان مهيا ڪيل انهن نعمتن جو مزو نه وٺي سگهندو آهي ۽ هڪڙي وڏي تڪليفده زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي. مهانگائي جي ڪري خرچ وڌي ويندا آهن، جنهن ڪري اهي پنهنجي ٻارن جي لا عيد جي خريداري پڻ نه ڪري سگهندا آهن. اهڙي صورتحال ۾ والدين جي لا پنهنجي معصوم ٻارڙن سان اکيون ملائڻ به مسئلو ٿي پوندو آهي. خواهشون ته پري جي ڳالهه پر ماڻهن جي هڪ وڏي اڪثريت ضرورت جون شيون به وٺي نه سگهندي آهي ۽ ائين انهن لا جياپو هڪ وڏو عذاب ٿي سامهون ايندو آهي.
هي هڪ اهڙي صورتحال آهي، جنهن کي پورهيت طبقي جو هر ماڻهو هر ڏينهن، هر صبح ۽ هر شام ڀوڳيندو رهندو آهي ۽ اها اهڙي ڀوڳنا آهي، جيڪا موت تائين ان جو پيڇو ڪندي رهندي آهي. ان صورتحال کي ختم ڪرڻ ۽ تبديل ڪرڻ جي ذميواري وقت جي حڪمرانن ۽ انهن جي معاشي رٿابندين تي هوندي آهي، پر افسوس ان جو آهي جو پاڪستان جنهن طبقي جي هٿ ۾ آهي، سو طبقو عام پورهيت عوام جي ڏکن ۽ سورن کان واقف ئي ناهي. ان حڪمران طبقي غربت نه ڏٺي آهي. جيڪو طبقو ملڪ تي قابض آهي، تنهن کي اها خبر ئي ناهي ته بک ڇا ٿيندي آهي. ان طبقي جي ماڻهن ڪڏهن به ڪا شي وٺڻ لا اگهه پڇڻ جي تڪليف گوارا نه ڪئي آهي. ان طبقي کي نه سردي، گرمي جي خبر آهي ۽ نه ئي ان کي ان جي ڪا پرواهه آهي ته هن ملڪ جو ماڻهو ڪيڏي وڏي تڪليف ۾ مبتلا آهي. ان ڪري ٿي اهو ويو آهي جو عام ماڻهن جون تڪليفون هر گهڙي ۽ هر پل گذرڻ سان ختم ٿيڻ بدران وڌي رهيون آهن. پر ٻئي طرف وري حڪمران طبقي سان لاڳاپيل سياستدان ۽ ٻيا اهو چوندا رهندا آهن ته انهن کي عام ماڻهن جي تڪليفن جو احساس آهي. جيڪڏهن اهو احساس هجي ها ته پاڪستان هن حالت ۾ نه هجي ها ۽ نه ئي هتي جا ڪروڙين ماڻهو عملي طور تي جديد غلامي واري زندگي گذارڻ تي مجبور هجن ها.
جيئن مٿي چيو ويو آهي ته هن سڄي صورتحال جي ذميواري حڪمران طبقي تي لاڳو ٿئي ٿي، ان ڪري ئي اها ذميواري پڻ ان حڪمران طبقي جي ئي آهي ته اهو پنهنجي روش تبديل ڪري ۽ عام ماڻهن جي ڀلائي جون پاليسيون عمل ۾ آڻي. هاڻي جڏهن اهو سڀ ڪجهه چئي رهيا آهيون، ته اتي اسان اهو به سمجهون ٿا ته هن طبقي جي نه نيت آهي ۽ نه ئي ان وٽ صلاحيت آهي، ته اهو پورهيت طبقي جي ڀلائي لا ڪجهه ڪري سگهي. ته پو آخر ٿيڻ ڇا گهرجي؟ ان سوال جو جواب ڪو سولو ۽ سڌو ناهي، پر هڪڙي واٽ اها آهي ته هن ملڪ جو پورهيت طبقو پنهنجي طبقي جي مفادن جي باري ۾ سوچي ۽ اهڙي واٽ اختيار ڪري، جيڪا ان جي نجات ڏانهن وٺي وڃي. اهو سياسي عمل جي ذريعي ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو ۽ اهڙي سياسي عمل جي لا ضروري آهي ته پاڪستان جي عوام پاڻ منجهه فرق ۽ ويڇا سمجهي ۽ اهي ختم ڪري اڳتي وڌي ۽ ان سياسي عمل جو حصو ٿئي، جيڪو هن سڄي مانڊاڻ کي ڊاهي، ان جي جڳهه تي اهڙو نظام لاڳو ڪري، جيڪو پورهيت ماڻهن جي ڀلائي وارو هجي. اها راهه ڏکي آهي، پر ناممڪن ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button