
پاڪستان جي ويمن ٽيم جي ڪپتان بسما معروف تمغا امتياز ۽ ڪرڪيٽر مسعود جان کي پرائيڊ آف پرفارمنس جي اعليٰ ترين سول اعزاز سان نوازيو ويو آهي. ميڊيا مطابق بسما معروف ۽ مسعود جان کي اسلام آباد ۾ ايوان صدر ۾ 23 مارچ جي حوالي سان منعقد ڪيل تقريب ۾ صدر عارف علوي اعزازن سان نوازيو آهي. هوڏانهن بيما معرف ايوارڊ وصول ڪرڻ واري تصوير شيئر ڪندي آگاهي ڏني آهي تھ کيس اعليٰ ترين ملڪي اعزاز ملڻ تي خوشي ٿي رهي آهي.