ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ نظر انداز ٿيندڙ مستحق

Editorial-Article- Shahid Rajpar

پاڪستان پيپلز پارٽي پاران غريب مستحق خاندانن توڙي بيواهه عورتن يتيم ٻارڙن جي مدد لا جوڙيل پروگرام بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي جيترو اپڊيٽ ڪرڻ جي ضرورت آھي اوترو ئي ان جي نگراني جي سخت ضرورت آھي ڇاڪاڻ ته اڳ کان وٺي ڊوائيس هولڊرن جون شڪايتون آھن ته اهي وظيفي مان ڪٽوتي ڪري رهيا آھن جڏهن ته وقتن به وقت مختلف ايس ايس پيز ڊوائيس هولڊرن کان پاڪ ڪتاب تي هٿ رکي قسم پڻ ورتا آھن ته اهي ڪٽوتي نه ڪندا پر آفيسر جي وڃڻ کان پو ساڳيا انداز جاري آھن هاڻي ته حد ٿي وئي آھي جو ڪٽوتي ڪرڻ سان ٻارڙن جو وظيفو مڪمل هڙپ ٿا ڪري ڇڏين ڊوائيس هولڊر ڄڻ ته هنن قسم ئي ماڻهن جا حق هڙپ ڪرڻ جو کنيو هو افسوس آھي جو معصوم ٻارن جا آيل وظيفي جا پئسه ڊوائيس هولڊر ائين گم ٿا ڪري ڇڏين ڄڻ آيا ئي نه هئا ٻيو وري هاڻي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڊائنامڪ سروي سينٽرن ۾ رجسٽريشن جي عمل کان ويندي رقم ڪڍرائڻ واري مرحلي دوران مستحق خاندانن کي رب ڄاڻي ڪيترين ئي تڪليفن مشڪلاتن مان گذرڻو پئجي رهيو آھي ۽ اهو هڪ نه ختم ٿيندڙ سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو مستحق ۽ نادار عورتن لا ۽ هر ٽئين مهيني مستحق عورتن کي پلسراط پار ڪرڻي پئي پوي، جڏهن ته ذريعن کان اهو پڻ معلوم ٿيو آھي ته مستحق عورتن کي حراسمينٽ جو شڪار پڻ ڪيو وڃي ٿو هڪ عورت نالو نه ٻڌائڻ يا لکڻ جي شرط مڃڻ کان پو پيش ايندڙ واقعن جي باري ۾ ٻڌايو ته پهرين سروي ته اسان جي گهرن ۾ ٿي وئي هئي ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو اي ٽي ايم (ATM) ڪارڊ آساني سان ملي ويو هو پهرين قسط جي رقم ٿوري هوندي هئي ته ڪا ڪٽوتي به ڪانه ڪئي ويندي هئي ۽ جڏهن کان قسط وڌڻ شروع ٿي ته ڄڻ مشڪلاتون وڌڻ شروع ٿي ويون آھن ان عورت شرمندگي محسوس ڪندي چيو ته ادا اسان غريب انتهائي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آھيون ۽ غربت جي چيچڙي ۾ پيڙھجي رهيان آھيون عزت نفس کي ڏسجي ٿو انهن پئسن ڏي نهارجي ئي نه ۽ جي پنهنجي ٻچن کي ڏسون ٿا ته زهر جو ڍڪ به پي وڃون ٿا!
عورت چيو ته پهرين ڊوائيس هولڊر مرون واري اکين سان گهوريندا هئا ۽ پئسه به ڪٽوتي ڪندا هئا ۽ هاڻي ته رجسٽريشن جي بهاني جنسي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ۽ انهن جي ڳالهين ۾ نه اچڻ تي رجسٽريیشن فيس جي بهاني تنگ ڪيو وڃي ٿو جيڪا ٻه هزارن کان ٽي هزارن جي آھي ۽ رجسٽريشن جي مد ۾ مطلب چانهن پاڻي رشوت خرچي نه ڏيڻ جي صورت ۾ روزانو چڪر ڪاٽرائي ڪاٽرائي پريشان ڪيو وڃي ٿو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ضلع آفيس سميت تعلقي آفيسن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پئجي ٿو پر وري به ظالمن کي ترس ذرو ناهي اسان ايترو مجبور آھيون جو رجسٽريشن لا ڪرائون پڻ قرض کڻي ڪري کڻي ويننديون آھيون پر آفيس اندر ويٺلن کي ڪو احساس ئي ناهي.
هڪ ٻي عورت چيو ته رجسٽريشن جي مرحلي کان ويندي وظيفو وصول ڪرڻ جو مرحلي دوران اسان سان جيڪي حراسمينٽ سميت ٻيا مسئلا پيش اچن ٿا جيڪڏهن اهي اسان پنهنجي گهر جي مردن کي ٻڌايون ته الائي جي ڪيترا اڻوڻندڙ واقعا پيش اچن ۽ مرد وظيفي جا پئسه وصول ڪرڻ ته ڇا پر اسان جو انهن آفيسن توڙي ڊوائيس هولڊرن وٽ وڃڻ ئي بند ڪريو ڇڏين يا ڪوئي انتهائي قدم نه کڻي وٺن.
ان عورت چيو ته پاڪستان ۾ واپڊا، پوليس ۽ صحت کاتا ته نالي چڙھيا آھن ته اهي وڏا ڪرپٽ رشوت خور ۽ ٻين جا حق هڙپ ڪندڙن جي ور چڙھيل آھن پر صحت کاتي ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ اهڙن ماڻهن جو نه هجڻ ضروري آھي پر ان کان وڌيڪ تذليل ۽ تڪليف بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ آھي جيڪا رجسٽريشن کان ويندي وظيفو ملڻ تائين هلي ٿي سا ئي پاڪستان جي ڪنهن به اداري ۾ نه هوندي پر مجبوري غربت ۽ ٻچن جي پيٽ گذر ۽ لٽا ڪپڙا انگ ڍڪڻ لا ڪشالا ڪٽڻا ٿا پون.
افسوس جو مقام آھي ته اهڙي انڌيرنگري جو ايتري بيواجبين ۽ بيقاعدگين جو ڪو نوٽيس وٺڻ وارو ناهي هر روز پرنٽ ميڊيا سميت اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خبرون شايع ۽ نشر ٿين پيون ته اڄ ڦلاڻي آفيس ۾ عورتن کي رجسٽريشن ڪرڻ جي بغير واپس روانو ڪيو ويو عورتن کان ڊوائيس هولڊر ڪٽوتي بهاني پورا پئسا ناهن ڏئي رهيا وغيره وغيره،
پر ان باوجود ڪٽوتي خواري ۽ ٻي ڳالهھ رشوت نه ڏيندڙ عورتن جي رجسٽريشن ۾ وري اسڪور به وڌيڪ لکيو وڃي ٿو جيڪو انتهائي مذمت ۽ افسوس جوڳو عمل آھي.
سنڌ اندر مختلف شھرن کان اخبارن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڊائنامڪ سروي سينٽرن تي مستحق عورتن سان پيش ايندڙ واقعن جون خبرون ته روز جي زينت بڻيل آھن پر ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪابه ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي، ضلعي نوشھروفيروز جي ضلعي آفيس سميت مڙني تعلقن جي آفيسن ۾ انڌيرنگري لڳي پئي آھي تعلقو مورو، تعلقو نوشھروفيروز، تعلقو ڀريا، تعلقو ڪنڊيارو ۽ تعلقو محراب پور جي مستحق خاندانن کي انهن پنجن آفيسن ۾ روزاني بنيادن تي رجسٽريشن لا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو ۽ آفيسن ٻاهران ايجنٽ مقرر ٿيل آھن جيڪي مستحق عورتن کي پنهنجي ڳالهين ۾ آڻي 2000 کان 3000 وصول ڪن ٿا ۽ جيڪي عوتون هڪ هزار کان پندرهن سئو روپيه ڪميشن ايجنٽن کي ڏين ٿيو انهن جي رجسٽريشن ڪئي وڃي ٿي ۽ گهٽ پئسه ڏيندڙ عورت جو اسڪور وڌيڪ لکيو وڃي ٿو جنهن کان پو اها عورت وظيفي کان محروم ٿي وڃي ٿي ضلعي نوشھروفيروز جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڊائنامڪ سروي سينٽر ضلعي آفيس نوشھروفيروز ۽ تعلقه ڀريا جي ڊائنامڪ آفيسن ۾ ته رشوت جي بازار ايتري ته گرم آھي جو اتي گارڊن ھٿان عورتن کي تذليل ۽ انهن سان ايندڙ مردن کي گٿن لفظن سميت تشدد جو نشانو ڪيو وڃي ٿو نوشھروفيروز ۽ ڀريا ۾ مقرر عملي جو شڪايتن باوجود ڪو به کڙتيل نه ٿو نڪري ان جو سبب يا ته ڀريا ۽ نشھروفيروز جي آفيسن ۾ ويٺل عملو بااثر آھن يا کائڻ ۽ کارائڻ جا ماهر آھن جو نه ڪو ايڪشن ورتو ٿو وڃي نه ئي ڪو نوٽيس جڏهن ته ڀريا ۾ مقرر انچارج جي باري ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته هو لوڪل آھي ۽ علائقي جا سڀ ايجنٽ هن جي مٺ ۾ آھن جن کان هو في رجسٽريشن جا پندرهن سئو روپيه وٺي هڪ پرچي ڏئي ٿو ۽ نالا پاڻ وٽ رکي ٿو انهن غيرقانوني پرچين تي ٻاهر بيٺل گارڊ عورتن کي سڏي اندر موڪلي دروازو بند ڪري ڇڏي ٿو ۽ پري پري جي علائقن کان آيل عورتن کي اس تي بيهاري بيهاري واپس ڪيو وڃي ٿو جيڪو عمل اسان لا لمحه فڪريه آھي ۽ ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته جڏهن پاڪستان سرڪار وٽ پاڪستان جي هر فرد جو رڪارڊ موجود آھي ته پو آخر ڪار ايتري انسان ذات جي تذليل ڇو پئي ڪئي وڃي نادرا آفيس ۾ رڪارڊ ۽ بائيو ڊيٽا جڏهن مڪمل آھي ته پو آخر ڪنهن کي راضي ڪرڻ لا مستحق خاندانن ۽ عورتن کي تذليل جو نشانو بڻايو ٿو وڃي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جهڙي متحرڪ اداري وٽ ووٽر لسٽون موجود آھن ۽ اگر ننڍن ٻارن جا نالا چاڙھڻا آھن ته ٻارڙن جو رڪارڊ ب فارم جي صورت ۾ نادره وٽ محفوظ آھي ۽ جيڪڏهن وفاقي سرڪار ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي چاهي ته اليڪشن ڪميشن پاڪستان جي اداري ۽ نادره کان رڪارڊ وٺي اهو بيننظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ ان ۾ ننڍن ملازمن کي پڻ شامل ڪيو وڃي جن جو پگهار پنجاهه هزار يا چاليھه هزارن کان گهٽ آھي انهن جي ٻارڙن کي به وِظيفي ۾ شامل ڪيو وڃي جيئن اهي به مهانگائي کان ڪجهھ آجا ٿي سگهن يا ته اهو ڪم يوسين جي ڪائونسلرن کي سونپيو وڃي ته اهي پنهنجي پنهنجي يوسي جي مڙني ماڻھن جا فارم ڀري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ جمع ڪرائين ۽ هڪ رسيو فائيل پاڻ وٽ موجود رکن جيڪو وقت سر ڪم اچي سگهي ۽ جنهن ۾ وقت تي ڪو ٻار ڄمي ٿو اهو ايڊ ڪري سگهجي يا نادره جهڙي اداري معرفت راشن ڪارڊ في فرد جو جاري ڪيو وڃي جيئن ٻين ترقي يافته ٻاهرين ملڪن ۾ هر فرد کي ڏنو ويندو آھي يا روزاني جي پريشانين کان بچڻ لا مستحق خاندانن ۽ عورتن لا آسانيون پيدا ڪرڻ لا حڪمت عملي جو وڃي جيئن مستحقن کي آساني سان حق ملي سگهن ضرورت ان ڳالھه جي به آھي ته ڊوائيس هولڊرن کي پڻ پابند ڪيو وڃي ته وظيفي جا پئسه مڪمل ڏنا وڃن ۽ ٻارن جي وظيفي جا پئسه پڻ لازم ڏنا وڃن ۽ هڪ رسيد ڏني وڃي جيڪا صاف ۽ چٽي هجي جنهن تي ڊوائيس هولڊر جي مڪمل معلومات سميت مستحق جو نالو يا اين آئي سي نمبر ۽ رقم جو تعداد ۽ ٻارن جي وظيفي متعلق ڄاڻ هجي ته ٻارن جو وظيفو آيو آھي يا نه ۽ اگر ڪو وظيفو مڪمل هڙپ ڪري ته ان خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ مستحقن کي پنهنجا حق ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button