ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مضبوط صوبا، سگهاري پاڪستان جي ضمانت

Editorial-Article- Ali Memon

پاڪستان 23 مارچ 1940ع واري ٺهرا تحت ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي سرواڻي ۾ وجود ۾ آيو، جنهن جي روشني ۾ ملڪ جي باني طرفان پاڪستان جي قانون ساز اسيمبلي جي پهرين اجلاس کي 11 آگسٽ 1947ع تي ڪيل خطاب ۾ اهو پڻ واضح ڪري ڇڏيو ته، نئون ملڪ ڪهڙي قسم جو هوندو ۽ ان جو سرشتو ۽ نظام ڪيئن هوندو؟ انهن بنيادي سوالن ۽ نقطن بابت واضح ڪري چيو ويو ته، پاڪستان ۾ سمورا ماڻهو آزاد پنهنجن مذهبن ۽ عبادت گاهن ۾ وڃڻ لا آزاد هوندا، جنهن سان رياست جو ڪوبه تعلق نه هوندو ۽ نه ئي رياست طرفان ملڪ جي شهرين سان انهن جي مذهبن ۽ عقيدن جي بنياد تي ڪو فرق يا امتياز رکيو ويندو. پاڪستان جي باني جي انهي خطاب ۾ واضح طور تي پاڪستان کي پنهنجي سمورن شهرين لا برابري جي بنياد تي پنهنجي وطن ۽ سيڪيولر ملڪ طور قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. پر ملڪ ٺهڻ جي صرف ڏيڍ سال بعد پاڪستان جي باني جي اوچتو انتقال ڪري وڃڻ بعد ملڪ وڏن حادثن جو شڪار ٿي ويو. ملڪ ۾صدارتي نظام لاڳو ڪري ڇڏيو ويو ۽ مرڪزي حڪومت لا تيزي سان رستا هموار ڪيا ويا. اڳتي هلي ملڪ جي بنيادي معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي صوبن جو وجود ئي ختم ڪرڻ لا ون يونٽ قائم ڪري صوبن جي بنيادي حيثيت ۽ حقن جي لتاڙ ڪئي وئي. ملڪ جو صدر هڪ بادشاهه وانگر حڪمران ٿي ويو جنهن ملڪ ۾ شخصي ۽ گروهي آمريت کي رواج ڏنو ۽ طاقتور ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڊگهو عرصو ملڪ پنهنجي چونڊيل پارليامينٽ ۽ آئين کان محروم رهيو. اهڙي ريت ملڪ ۾ مرڪزي حڪومت ۽ اڳتي هلي ون يونٽ پڻ قائم ڪري وفاقي ايڪائين صوبن ۽ رياستن جي آزاد حيثيت کي ختم ڪري ڇڏيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ وڏين هاڃيڪارين جو شڪار ٿي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. ملڪ ۾ مختلف حڪمرانن ۽ آمرن طرفان پيدا ڪيل هاڃيڪاريون اڃا تائين جاري آهن ۽ ملڪ هن وقت پنهنجي تاريخ جي تمام خوفناڪ ۽ هاڃيڪار صورتحال جو شڪار آهي.
ملڪ جو مستقبل ڇا ٿيندو ۽ ملڪ جي وفاق ۽ صوبن جي آئيني وهنوار ڪيئن هلندو ۽ ملڪ جون اصل مالڪ قومون سنڌي، پنجابي، سرائيڪي، بلوچ ۽ پختونن جي مستقبل ۽ حيثيت ڪهڙي هوندي. ملڪ ۾ ٿيندڙ ڌارين ۽ پرڏيهين جي يلغار کي ڪيئن روڪي ۽ ملڪ کي محفوظ بڻائي سگهبو اهو اهڙا بنيادي نوعيت جا سوال آهن جنهن تي سموري ملڪ ۾ بحث ٿي رهيا آهن. ملڪ جا مختلف فڪري فورمز، پارليامينٽ، سياسي جماعتن ۽ ساڃهه وندن ۾ انهن معاملن تي مذاڪرا، سيمينار ۽ بحث مباحثا ٿي رهيا آهن. سنڌ جي هڪ اهم فڪري ۽ جاڳرتا واري تنظيم “دي انٽيلڪچوئل فورم” طرفان پاڪستان جي ٺهرا ۽ قائم ٿيڻ واري ڏينهن جي حوالي سان 21 مارچ 2023ع تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ هڪ سيمينار ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ وفاق ۽ صوبن کي انهي بحران مان نڪرڻ ۽ پنهنجي قومن جي ساٿ سان وري پير کوڙي بحرانن مان ٻاهر نڪرڻ لا “مضبوط صوبا ۽ مضبوط پاڪستان” جي عنوان هيٺ تمام قيمتي رايا، فڪري ڳالهيون ۽ خطاب ڪيا ويا. سيمينار جي صدارت فورم جي چيئرمين ۽ سنڌ ۾ 4 مارچ جي شاگردن واري هلچل جي هيرو مسعود نوراني ڪئي. ٻين خطاب ڪندڙ محققن، مفڪرن ۽ قانوندانن ۾ عوامي تحريڪ جو صدر لال محمد جروار، سنڌ سروينٽس سوسائٽي جي اڳواڻ پروفيسر اعجاز قريشي، ميڊم حميده گهانگهرو ايگزيڪٽو ايڊيٽر عوامي آواز، فورم جي عهديدارن اي بي لاشاري، عبدالوهاب بلوچ، اظهار عالم فاروقي، منظور حسين کوسو، غلام اڪبر ملڪ، محمد شعيب بڪڪ، صحافين ۾ ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي جنرل سيڪريٽري عاجز جمالي، صحافي علي محمد ميمڻ، منير احمد راميجو ۽ ٻين خطاب ڪيو. سيمينار کي خطاب ڪندڙ ساڃهه وندن جو چوڻ هو ته، اسان جو ملڪ پاڪستان جي 23 مارچ 1940ع ۾ لاهور جي منٽو پارڪ، هاڻوڪي مينار پاڪستان واري باغ ۾ منظور ڪيل ٺهرا جي روشني ۾ 14 آگسٽ 1947ع تي قائم ڪيو ويو. جنهن موجب ملڪ جي وفاق ۾ سمورن صوبن کي هڪ جيتري حيثيت ۽ حق حاصل هوندا ۽ هو پنهنجن وسيلن ۽ قومي حقن سان بااختيار ڪرڻ جا واعدا ڪيا ويا هئا پر تمام گهڻي ڳڻتي وارا معاملا آهن ته انهن واعدن ۽ معاهدن کان انحراف ۽ انڪار ڪيو پيو وڃي جنهن سان سموري ملڪ ۾ فڪرمندي ڇانيل آهي.
سيمينار ۾ پيش ڪيل بنيادي رٿ ۽ ڪي نوٽ فڪر موجب: ملڪ جي سمورن صوبن کي پاڪستان جي بنيادي معاهدي تحت پارليامان جي سمورن ايوانن ۾ سينيٽ آف پاڪستان وانگر قومي اسيمبلي ۾ پڻ هڪ جيتري نمائندگي ۽ حيثيت ڏني وڃي. جنهن ۾ اڳوڻي بهاولپور رياست جيڪا هاڻي ڏکڻ پنجاب صوبي جي حيثيت ۾ بحال ڪرڻ وارو آئيني بل جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي حڪومت ۾ وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي دور ۾ پارليامينٽ ۾ پيش ٿيو. پنجاب اسيمبلي طرفان تنهن وقت جي وزير اعليٰ پنجاب ميان شهباز شريف جي دور ۾ منظور ڪيو ويو ۽ ان بعد سينيٽ آف پاڪستان مان منظوري بعد قومي اسيمبلي ۾ منظوري لا آندو ويو پر مسلم ليگ ن طرفان قومي اسيمبلي ۾ ان جي حمايت کان انڪار ڪيو ويو جنهن بعد اهو بل اڄ تائين ايوان ۾ منظوري جي انتظار ۾ آهي ته انهي کي منظور ڪري ڏکڻ پنجاب صوبو قائم ڪيو وڃي. ملڪ جي وفاق کي پنجن صوبن جي برابري جي بنياد تي شراڪت دار ۽ خودمختارڪيو وڃي. سينيٽ وانگر ۽ قومي اسيمبلي ۾ پڻ سمورن پنجن صوبن کي هڪ جيتريون سيٽون طي ڪيون وڃن ۽ ملڪ تان هڪ صوبي جي هڪ هٽي ختم ڪرڻ سان ئي پاڪستان مضبوط ٿي سگهي ٿو ۽ پنهنجن سمورن بحرانن مان نڪري خوشحال ۽ ترقي يافتا سگهي ٿو. سيمينار کي خطاب ۾ مقررن جو اهو پڻ چوڻ هو ته، وفاق ۽ صوبن ۾ حقن ۽ خودمختياري واري حقن جي بنيادي ڇڪتاڻ وارو اهو سلسلو 75 سال گذري وڃڻ جي باوجود اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو آهي ۽ ملڪ وري پنهنجي اصل ۽ بنيادي مقصد ۽ رستي تي واپس موٽي نه سگهيو آهي. سيمينار کي خطاب ڪندڙن جو اهو يڪرا موقف هو ته ملڪ کي هر قسم جي بحرانن مان ڪڍڻ جو صرف واحد رستو پاڪستان کي قائم ڪرڻ دوران قائد اعظم محمد علي جناح جي واعدن موجب ئي ممڪن آهي. ملڪ کي فيڊريشن ۽ جمهوري وفاق جي صورت ۾ بحال ڪرڻو پوندو جنهن ۾ صوبن کي سندن سمورن حقن ۽ وسيلن سميت بااختيار ڪرڻ سان ئي پاڪستان مضبوط ٿي سگهي ٿو.
اسان جو سنڌو ماٿري وارو هي صدين کان خوشحال ملڪ پنهنجي تاريخ جي بدترين حالت کي ڪيئن پهتو آهي ۽ انهن حالتن جي ذميواري ڪنهن تي لاڳو ٿئي ٿي يقينن اهي معاملا لڪل ناهن ۽ ملڪ جا سمورا ساڃهه وند ۽ باشعور عوام ۽ ملڪ جون سموريون قومون انهن کان چڱي ريت واقف ۽ آگاهه آهن. ملڪ ۽ انهي جو 22 ڪروڙ عوام هن وقت جنهن هاڃيڪار صورتحال جو شڪار آهي اهو سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي ۽ پريشاني وارو معاملو آهي. ملڪ جي ساڃهه وندن، روشن خيال قانوندانن ۽ سياست دانن جي اها را آهي ته، ملڪ جي گذريل 75 سالن واري تاريخ آمراڻي تجربن ۽ حادثن ۽ سانحن ملڪ کي جهڙي ريت وڏين تباهين جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي. مسعود نوراني جو پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چوڻ هو ته هن سيمينار جو نمائنده موقف ۽ را اها سامهون آئي آهي ته، مضبوط، بااختيار صوبا ئي مضبوط پاڪستان جي ضمانت آهن. هن گهر ڪئي ته ملڪ کي قائد اعظم جي واعدن، معاهدن ۽ فيصلن موجب رضاڪاراڻو ۽ جمهوري وفاق ۽ مملڪت بڻايو وڃي ۽ ملڪ جي اقتدار اعليٰ تي قابض جاگيرداري ۽ زمينداري سرشتي جو مڪمل طور تي خاتمو ڪيو وڃي ۽ سموري ملڪ ۾ زرعي سڌارا ڪيا وڃن ۽ ملڪ جي دولت کي عوام جي ترقي ۽ ڀلائي لا ڪم ۾ آندو وڃي. ملڪ پنهنجي عوام، صوبن ۽ قومن جي ترقي ۽ تعمير وارو ڪم ڪري ۽ صوبن کي پنهنجين قومن جي ترقي ۽ بهتري لا سندن وسيلن سميت خودمختيار ڪيو وڃي. ملڪ جي 1940ع واري قراداد، قائد اعظم جي واعدن، فيصلن، صوبن ۽ رياستن سان ڪيل معاهدن تي عملدرآمد ڪيو وڃي. 1973ع واري آئين ۾ سڌارا آندا وڃن ۽18هين ترميم تي مڪمل عملدرآمد ڪيو وڃي. صوبن کي پنهنجا سمورا حق، اختيار ۽ وسيلن جي مالڪي ڏني وڃي ۽ ملڪ ۾ ڪنهن به هڪ صوبي جي بالادستي قائم ٿيڻ کي روڪيو وڃي ۽ سينيٽ وانگر قومي اسيمبلي ۾ پڻ سمورن صوبن کي هڪ جيتري نمائندگي ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button