ملڪ ۾ سياسي بحران گذريل ڪيتري عرصي کان هلي رهيو آهي، ان سياسي بحران نه رڳو ملڪ جي عوام ۾ بي چينيءَ کي جنم ڏنو آهي پر ان سان گڏ معيشت کي به ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. معيشت جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي. جنهنڪري هڪ پاسي مهانگائي وڌي رهي آهي ته ٻئي پاسي عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف جا شرط به ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. انهن شرطن ۾ ڳرا ڳرا ٽيڪس ته شامل آهن پر عوام کي مختلف مدن ۾ جيڪي سبسڊيون ملنديون رهيون آهن، انهن جو خاتمو به شامل آهي. تنهنڪري صورتحال گهڻي بهتر ٿيندي نظر نه اچي رهي آهي. ڇا ڪڏهن هن ملڪ جي واڳ ڌڻين اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هي ملڪ ڇا جي ڪري اهڙي بحران جي ور چڙهيو آهي جو اتان نڪرڻ بنهه ناممڪن نظر اچي رهيو آهي. ان جو هڪ سبب سياسي تجربا آهن. تازو ئي جيڪو عمران خان وارو سياسي تجربو ڪيو ويو. ان تجربي ملڪ جي معيشت ۽ سياسي نظام کي ايترو ته نقصان پهچايو آهي جو ان جو ازالو ڪرڻ ئي ناممڪن لڳي رهيو آهي. پر لڳي ائين رهيو آهي ڄڻ هي بحران اڃا به وڌيڪ هلندو رهندو.
گذريل ڪجهه وقت کان جيڪا سياسي ۽ معاشي غيريقيني واري صورتحال نظر اچي رهي آهي. ان جي ڪري عوام سڀني کان وڌيڪ لوڙي رهيو آهي. عوام لاءِ هاڻوڪي حڪومت به ڪو رليف ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي. ان مهانگائيءَ جو هڪ اهڙو سلسلو شروع ڪيو آهي، جيڪو کٽڻ جو نالو ئي ڪونه پيو وٺي. عوام لاءِ اهڙو ڪجهه به ڪونهي، جنهن لاءِ اهو چئي سگهجي ته حڪومت ان کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڪيو آهي. عمران خان جيڪي ڪجهه پنهنجي حڪومت ۾ ڪيو ۽ ان کان پوءِ هن وقت تائين بحران جي شدت کي وڌائڻ ۾ هو اهڙو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جنهن سان صورتحال جي بهتر ٿيڻ جا امڪان نظر نٿا اچن. مسئلو اهو آهي ته نه حڪومت عوام جي باري ۾ سوچي رهي آهي ۽ نه ئي عمران خان کي عوام جي ڳڻتي آهي. هو اڄ به پنهنجو اقتدار وڃائڻ جي ڏک ۾ ورتل آهي ۽ کيس ان ڳالهه تي گهڻي ڪاوڙ آهي ته هن کي اقتدار کان ڌار ڇو ڪيو ويو. ڪنهن ملڪ جو سياسي بحران اهڙو ڪونه هوندو آهي، جنهن کي حل نه ڪري سگهجي ۽ خاص طور عوام کي رليف ڏيڻ جو ڪو گس نه هجي. پر لڳي ائين رهيو آهي ته پي ڊي ايم جي حڪومت جي نيت ئي ڪونهي جو اها عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي.
عوام کي اها نالي ماتر اميد هئي ته جيڪڏهن عمران خان ويندو ۽ پي ڊي ايم جي حڪومت ايندي ته اها وڌ کان وڌ عوام کي رليف ڏيندي. پر اهڙُو ڪجهه به نه ٿيو ۽ هاڻوڪي حڪومت عوام کان اهو رليف به کسي ورتو جيڪو عمران خان جي حڪومت ۾ مليل هو. پر هاڻوڪي حڪومت جيڪي ڪلور عوام سان ڪيا آهن، انهن کي عوام ڪنهن به ريت وساري ڪين سگهندو. ڇاڪاڻ ته حڪومت نه ته پنهنجن وزيرن جون مراعتون گهٽائڻ لاءِ تيار آهي ۽ نه ئي ان جي سنجيدگي نظر اچي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن به حڪومت جي ايجنڊا تي عوامي مسئلا ڪونه آهن. عوام سان لاڳاپيل مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي ته اها عوام دوست ٿي ئي نٿي سگهي.
اسين سمجهون ٿا ته هاڻوڪي سياسي بحران جو حل چونڊون نه آهن پر بهتر جمهوري نظام آهي، هڪ اهڙو جمهوري نظام جيڪو آزاد هجي ۽ پنهنجي پر ۾ اختيار رکندو هجي. هتي صورتحال اهڙي ٿي لڳي جو جيڪو به بحران پيدا ٿئي ٿو ته ان کي حل ڪرڻ لاءِ ڪابه اڳڀرائي ڪونه ٿي ڪئي وڃي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هاڻوڪي سياسي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو گس ڪڍيو وڃي ته جيئن عوام جون پريشانيون گهٽ ٿين ۽ ان کان سواءِ ملڪي معيشت به سگهاري ٿي سگهي.