هڪ خاص نظر سان ڏٺو وڃي ته دنيا ۾ ڪو اهڙو جيءُ ڪونهي، جنهن سان ڪو مسئلو نه هجي. هر فرد ڪنهن نه ڪنهن مسئلي ۾ ڦاٿل آهي. هر ملڪ مٿان ڪو نه ڪو مسئلو موجود آهي. هن وقت جڏهن پوري دنيا ۾ ماحولياتي تباهيءَ جو شور وڌي رهيو آهي ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسان جي هيءَ ڌرتي به هڪ وڏي مسئلي جو شڪار آهي.
ڪورونا جي جهٽڪي کان پوءِ پوري دنيا معاشي مسئلن جي ور چڙهي وئي آهي ۽ اهي قومون ۽ اهي ملڪ جيڪي ڪڏهن خوشحاليءَ جي علامت سمجهيا ويندا هئا، اڄ اهي بدحاليءَ جي تصوير بڻيل آهن. ڪنهن کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اسان ڪنهن طرف وڌي رهيا آهيون؟ هي دور هڪ سرنگهه جهڙو محسوس ٿي رهيو آهي ۽ اسان کي پريشاني ان وقت وڪوڙي ٿي وڃي، جڏهن اسان هن تاريڪ ۽ ڪاري سرنگهه جي آخر ۾ ڪا به روشني ڏسڻ جي حالت ۾ نه آهيون؟ ان مهل اسان هڪ طرح سان مايوسيءَ جي ڪيفيت جي ور چڙهي وڃون ٿا ۽ اسان کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اسان جو ڇا ٿيندو؟
پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن ۾ هڪ آهي، جيڪي ملڪ پنهنجي ڪمزور معيشت سبب دنيا ۾ تمام گهڻي مصيبت جو شڪار آهن. جڏهن ته پاڪستان جي ڀر پاسي وارا ملڪ پنهنجي اقتصاديات ۽ پنهنجي رهڻي ڪهڻيءَ ۾ ڪافي چڙهي آيا آهن. اسان جو ملڪ ڪنهن وقت ڀارت کان وڌيڪ بهتر پوزيشن ۾ هو ۽ ڀارت کي اهو خوف هو ته پاڪستان هن جي مقابلي ۾ تمام گهڻو اڳتي وڌي ويندو ۽ هن مهل اها صورتحال آهي جو پاڪستان پنهنجي ان اڳوڻي حصي کان به پوئتي پئجي ويو آهي، جنهن کي هو ڪنهن دور ۾ پنهنجي مٿان هڪ طرح جو بار سمجهندو هو ۽ محسوس ڪندو هو ته جيڪڏهن هن ان مان جند آجي نه ڪئي ته هن جي لاءِ تمام گهڻا مسئلا پيدا ٿي پوندا. اسان ان سلسلي ۾ بنگلاديش جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، جنهن جو ٽڪو پاڪستان جي روپئي کان اڳتي نڪري ويو آهي ۽ نه صرف بنگلاديش پر هاڻي پوري دنيا اهو تسليم ڪرڻ لڳي آهي ته بنگلاديش ترقيءَ جي رستي تي آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ بنگلاديش هڪ اهڙي ملڪي جي طور تي سڃاتو ويندو، جيڪو نه صرف پنهنجن پيرن تي بيٺل هوندو پر ان جي ماڻهن جي زندگيءَ جو معيار به بهتر هوندو. جيڪڏهن بنگالي خوشحال ٿين ٿا ته اسان کي ان سبب ارهو نه پر سرهو ٿيڻ گهرجي. ڇو ته هو نه رڳو مسلمان آهن پر هو ڪڏهن اسان جو حصو هئا. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هو مظلوم هئا. اڄ انهن جي حالت اها ناهي، جيڪا ڪالهه هئي. اڄ هو بهتر پوزيشن ۾ آهن.
پاڪستان جي حالت ڪڏهن بهتر ٿيندي؟ پاڪستان ۾ هر حڪمران جڏهن به اقتدار ۾ اچڻ چاهيندو آهي ته هو پرفريب ڳالهيون ڪندو آهي ۽ چوندو آهي ته جيڪڏهن هن کي اقتدار مليو هو ته هو ملڪ جي تقدير تبديل ڪري ڇڏيندو. هي حڪمران ۽ خاص طور تي ميان شهباز شريف ته بار بار پيو ورجائيندو هو ته هو ملڪ کي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جو مثال بڻائي ڇڏيندو ۽ اڄ هن جي حڪومت کي سال پورو ٿيڻ وارو آهي پر هن مهل تائين هن جي حڪومت ۾ شيون بهتر ٿيڻ بدران بدتر ٿيون آهن. اسان هن وقت تائين ڪو به اهڙو عمل يا ڪا به اهڙي ڪوشش نه ڏٺي آهي، جنهن کي اسان پنهنجي لاءِ اميد جي علامت سمجهون ۽ اسان تصور ڪريون ته شيون بهتر ٿينديون. شيون بهتر نه پيون ٿين. شيون بدتر ٿي رهيون آهن. انهن جي بدتري ان مهل تمام گهڻي وڌي وڃي ٿي، جڏهن انهن جي حوالي سان اسان کي تمام گهڻي بهتريءَ جي سلسلي ۾ نااميدي وڌي وڃي ٿي. اسان هن وقت قومي سطح تي نه صرف مسئلن ۾ ڦاٿل ملڪ آهيون پر اسان جي حوالي سان سڀ کان وڏو منفي پهلو اهو اڀري آيو آهي جو اسان گهڻا ۽ تمام گهڻا مايوس به آهيون ۽ اها مايوسي ان مهل شديد ٿي وڃي ٿي، جڏهن اسان کي پنهنجي مستقبل جي شڪل ۾ اڃان وڌيڪ مسئلا وڌندا نظر اچن ٿا. هرقوم جو اهو حق هوندو آهي ته هن کي هڪ پرسڪون ۽ وڏي ڳالهه ته اهڙو واعدو وفا ڪرڻ وارو ماحول ملي جنهن ۾ هن کي پوري دلجاءِ هجي ته هن ڪنهن به طرح سان ڪنهن مسئلي جي ڪن ۾ نه ڪرندو ۽ اسان هر ڏينهن مسئلن جي ڌٻڻ ۾ هيٺ کان هيٺ وڃي رهيا آهيون ۽ اسان کي پاڻ سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اسان جو ڇا ٿيندو؟
پاڪستان جي سلسلي ۾ هڪ شيءَ اهم آهي ۽ اها سمجهڻ گهرجي ته اسان جو شمار دنيا جي انهن ملڪن ۾ آهي، جتي عوام ۽ حڪمرانن جا مسئلا الڳ الڳ آهن. انهن ملڪن کي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان هڪ قسم جو اطمينان هوندو آهي، جن ملڪن جو عوام ۽ اتان جا حڪمران ساڳي قسمت وارا هجن. پر جڏهن حڪمرانن جا مسئلا الڳ هجن ۽ عوام جا مسئلا الڳ هجن ته ان صورت ۾ اها اميد ختم ٿي وڃي ٿي، جنهن اميد جي سهاري سان ڪا قوم پنهنجي سخت وقت کي منهن ڏيندي آهي. ڇو ته مشڪل حالتن ۾ اميد وڏي شيءَ هوندي آهي. جڏهن ته نااميدي هڪ اهڙي بيماري هجي ٿي، جيڪا انسان کان هن جو سڀ ڪجهه ڦري وٺي ٿي ۽ انسان کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هو ڇا ڪري سگهي ٿو يا هن جو مستقبل ڪهڙو ٿيڻ جي طرف وڌي رهيو آهي. اسان جي هر وک اسان کي هڪ وڌيڪ بدتر صورتحال جي طرف ڌڪي رهي آهي. ڇو ته اسان جنهن سفر ۾ آهيون، ان سفر ۾ حڪمرانن ۽ ملڪ جي ماڻهن جي وچ ۾ بنيادي تفاوت تمام گهڻو آهي ۽ وڏي ڳالهه ته انهن جو مقصد ۽ مفاد الڳ الڳ آهي. پاڪستان جي حڪمرانن جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته هو مفت ۾ ملڪ مٿان حڪومت ڪرڻ چاهين ٿا، انهن جي خواهش آهي ته انهن کي اهڙو ماحول ملي جنهن ۾ انهن کي ڪوئي به تنگ نه ڪري ان حد تائين جو انهن کان عوام به نه پڇي ته انهن جا مسئلا ڪير حل ڪندو ۽ اهي مسئلا ڪڏهن حل ٿيندا. حڪمرانن کي جيڪڏهن ڪا شڪايت آهي ته اها صرف ۽ صرف انهن سياستدانن مان آهي، جيڪي انهن جي اقتدار جي لاءِ بدستور خطرو بڻيل آهن ۽ جيڪڏهن اسان ڳالهه بنهه کولي ڪريون ته اها آسان ٿي پوندي. شهباز شريف ۽ پي ڊي ايم جي ٻين پارٽين جي حڪومت اهو چاهي ٿي ته ڪنهن طرح سان انهن جي حڪومت هلندي رهي ۽ ملڪ ۾ چونڊون نه ٿين ۽ جيڪڏهن ٿين به ته اهڙيون ٿين، جن ۾ هو هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور نموني سان ڪامياب ٿي ويهن ۽ انهن کي وري پنجن سالن جو مدو ملي وڃي. جڏهن ته عمران خان شهباز شريف جي حڪومت پويان هٿ ڌوئي لڳو آهي ۽ هو وفاقي حڪومت حاصل ڪرڻ جي جنون ۾ ايترو ته اچي ويو آهي جو هن کي پنهنجون ٻه صوبائي حڪومتون قربان ڪندي به ڪا پرواهه نه ٿي. هن جي ان روش سبب حڪومت تمام گهڻي پريشان آهي. ڇو ته ان کي محسوس ٿي رهيو آهي ته عمران حڪومت حاصل ڪرڻ کان سواءِ ماٺ ڪري نه ويهندو. جڏهن ته اسان جو عمران خان به اقتدار جو پوڄاري بڻجي ويو آهي. جيڪڏهن هو ماڻهن جي مسئلن جي ڳالهه ڪري به ٿو ته هن جو فوڪس وري به پنهنجي اقتدار تي آهي. هو ڪنهن به طرح سان پاور ۾ اچڻ جو خواهشمند آهي. هن جي ايجنڊا تي به ملڪ کي مسئلن کان آجو ڪرڻ ۽ عوام کي مهانگائيءَ جي عذاب مان ڪڍڻ ناهي. جيڪڏهن اهڙي ڪا اسڪيم هن جي دماغ ۾ هجي ها ته هو ان تي ان وقت ڪم ڪري ها، جڏهن ساڍا ٽي سال اقتدار جو مالڪ هو پاڻ هو. هن جي دور ۾ به عوام جي مقدر ۾ دانهون آهون هيون ۽ هن کان پوءِ صورتحال بهتر ٿيڻ بدران بدتر ٿي آهي ۽ عمران خان هن وقت به جيڪڏهن شهباز شريف جي حڪومت لاءِ مصيبت پيدا ڪري ويٺو آهي ته ان جو سبب اهو ناهي ته هو عوام کي مهانگائيءَ ۽ ملڪ کي مجبوريءَ مان ٻاهر ڪڍڻ چاهي ٿو. هن جي مرضي اها آهي ته هن کي مڪمل طور تي بااختيار اقتدار ملي ۽ هو بنا ڪنهن ٽينشن جي اقتدار جا مزا ماڻي.
حڪمرانن ۽ سياستدانن جا خواب الڳ آهن. عوام جو عذاب ان طرح جو ناهي، جنهن طرح جي تڪليف ۾ حڪمران ۽ سياستدان آهن. انهن جا مسئلا الڳ آهن ۽ عوام جي لاءِ ته صرف هڪ ئي مسئلو آهي ۽ اهو آهي مهانگائي! مهانگائي جنهن جو حل ڪنهن حڪومت وٽ ناهي. جنهن جي خاتمي جي اميد وارو مک ڪنهن به سياستدان جو ناهي. ان صورتحال ۾ ان پريشان سوال جو پيدا ٿيڻ فطري آهي ته نيٺ هن ملڪ ۽ هن جي ماڻهن جو ڇا ٿيندو؟