ڪُوڙ بَدُوڙ جي ڪايائن جي هڪ خاص مُدي واري ڄمار هوندي آهي، جنهن کان پوءِ ڪير ڀل ڪيتري به کڻي ڪوشش ڇونه ڪري پر اها ڳالهه بيهندي ناهي. اسان جي مانواري ملڪ جي ڪايا جو به هن وقت اهو ساڳيو ئي حال آهي. ٻيو جيئن ته غلط بنيادن تي بيٺل ڪابه عمارت جڏهن ڊهڻ شروع ڪندي آهي ته سڀ کان اول انهي عمارت جي جوڙن ۾ ڏار پوڻ شروع ٿيندا آهن ۽ ايئن پوءِ هنڌان هنڌان ويندي آهي اها عمارت ڏار هڻندي، تان جو وڃي پَٽ پوندي آهي. اسان جي ملڪ ۾ ڇا پيو ٿي؟ اهو ئي ته ٿي پيو جو رياست جا جوڙ تمام وڏي تيزي سان ڏار هڻڻ لڳا آهن. عدالتي نظام هجي يا عسڪري اسٽبلشمينٽ، نام نهاد پارلياماني جمهوري ادار هجن يا ميڊيا جا ٿاڪ، جتي به وڃي پردو کڻي اندر ڏسجي ٿو ته ڪم لٿا پيا آهن.
مٿي جن ڏارن جو پاڻ ذڪر ڪيوسين تن ڏارن جا تازا نشان عدالت سڳوري ۾ ٿا ڏسجن. ٿيو هيئن آهي جو سپريم ڪورٽ پاران پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ اليڪشن جي حوالي سان پهرين مارچ تي جيڪو پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويو هو، تنهن ۾ آيل فيصلي تي اعتراض سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. اهي اعتراض به ڪنهن ٻئي هنڌان نه پر خود عدالت اندران ئي سامهون آيا آهن جيڪي جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس جمال مندوخيل اٿاريا آهن. پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ انهن ججن جو اهو موقف آهي ته هتي جڪيو “ون مين پاور شو” وارو نظام هلي رهيو آهي، تنهن سان اداري جي خوداختياري متاثر ٿئي ٿي ۽ پهرين مارچ واري فيصلي بابت سندن چوڻ آهي ته اهو فيصلو ٽي ٻه نه پر چار ٽي جي فرق سان هو.
پاڻ جيئن ته قانون جا ماهر ناهيون ۽ نه ئي عدالت سڳوري جي فيصلن تي ڪو گهڻو اپٽار پنهنجي وس ۾ آهي، تنهن ڪري ان معاملي ۾ وڌيڪ ڊيگهه ڪرڻ بدران پاڻ رڳو اها ئي ڳالهه هتي رکي آهي، جيڪا هتان جي عدالتي نظام ۾ موجود تضادن بابت ٻن مانوارن جج صاحبن پاڻ ڪئي آهي. ها “ون مين پاور شو” واري ڳالهه. جيڪڏهن ان ڳالهه جي جوهر کي ڏسجي ته اها انتهائي اهم ترين ڳالهه آهي. هن ملڪ جي هيستائين جيڪا به ٻيڙي ٻُڏي آهي، سا دراصل انهي ون مين پاور شو جي شوق شڪارن سبب ئي ٻُڏي آهي. رياست جو ڪهڙو به ادارو کڻي ان جي تاريخ جا پنا اٿلائي ڏسو، توهان کي فرد سدائين قانون ۽ اخلاقي ضابطن کان مٿاهان ملندا. مثال طور سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي پوزيشن کي ئي کڻي وٺون ته ان پوزيشن تي اسٽبلشمينٽ کان ويندي سمورين اقتداري ڌرين جي لَٺ آخر ڇو پئي لڳندي آهي؟ اهو ان ڪري جو اسان وٽ عدالتون آمرن ۽ هر دور جي حڪمرانن جي پسند ناپسند هيٺ هلنديون رهيون آهن. تنهن ڪري هر ڪنهن جي اها ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجي سنگت ساٿ وارو عدالتي سيٽ اپ هجي ته جيئن مخالفن کي سوڙهو ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو اڄڪلهه اهو عمران خان رڳو عدالت سان بيهڻ جو رينگٽ ڪري رهيو آهي جيڪو ڪالهه تائين هن ملڪ جي فوج کي ئي ملڪي سلامتي جو اول آخر ضامن قرار ڏنيندو هو!؟ ايئن ڇو ٿيو آخر؟ اهو ان ڪري جو فوج جي نئين سربراهه جي مقرري واري راند ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ عمران کي رڳو عدالتون ئي ملڪ جي سلامتي جون ضامن نظر اچڻ لڳيون. عدالتون به اهي جيڪي سندس حق ۾ فيصلو ڏين. جيڪڏهن اڄ به ملڪ جي ڪائي عدالت عمران خان جي خلاف فيصلو ڏي ٿي ته عمران خان جي ٻولي اتي ٻي هوندي آهي ۽ کيس قانون جون ڀڃڪڙيون نظر اچڻ لڳنديون آهن. تڏهن ته شاهه محمود قريشي کي به ٻن جج صاحبان واري اختلافي نوٽ تي اداري جي ساک متاثر ٿيندي نظر آئي آهي ۽ هن پنهنجي پريس بريفنگ ۾ اهو چيو آهي ته ججن جا رڳو فيصلا ڳالهائيندا آهن، جڏهن هو پاڻ ڳالهائين ته مناسب ناهي لڳندو؟ ايئن ڇو؟ اهو ان ڪري جو مٿي ڄاڻايل ٻن جج صاحبن جيڪا ون مين پاور شو واري نشاندهي ڪئي آهي، سا عمران خان جي انهي “جوڊيشل اسٽبلشمينٽ” جا برج لوڏي ٿي، جنهن ۾ عمران جو آخري آسرو آهي. واضح ڪندا هلون ته انهي جوڊيشل اسٽبلشمينٽ ۾ عمران خان آخري آسري واري ڳالهه مريم نواز پنهنجي تازي بريفنگ ۾ ڪئي آهي. هاڻ جڏهن عدليه جو ئي اهو حال هجي ته پوءِ باقي ادارن جي صورتحال ڪهڙي هوندي؟ ان جو اندازو توهين پاڻ لڳائي سگهو ٿا.
هاڻ هتي سوال اهو آهي ته رياست جي اهم جوڙن يا ادارن ۾ اهڙا ڏار ڇو پيا آهن؟ ته پوءِ سائين منهنجا ان سوال جو جواب اهو آهي ته هي ڏار ڪي اڄ جا ناهن پيل، هي ڏار اول ڏينهن جا آهن جڏهن هن رياست جي رکوالن ادارن کي پنهنجي قانوني ۽ آئيني بيهڪ بدران پنهنجي رضا جو ٻانهو بڻائي رکڻ لاءِ ادارن ۾ مقرريون ئي اهڙيون ڪيون، جيڪي سندن سوچ کي سچ چون. پر هاڻ جيئن ته رياست جي سياسي توڙي معاشي اڪائونٽ ۾ ڪجهه پويان بچيو ئي ناهي، تنهن ڪري اهڙا ڏار وڌيڪ واضح ٿيڻ لڳا آهن ۽ اهي اڃان به وڌندا ئي ويندا جو هتي تضاد گهٽجڻ جا ڪي به ويجها امڪان نظر ڪونه پيا اچن.
مثال طور هي جيڪو وري اوچتو جهانگير ترين وارو لڏو متحرڪ ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي سو ڇاهي؟ اهو دٻاءُ آهي انهي عمران خان تي جيڪو عدالت جي اڙ وٺي هڪ ئي وقت اسٽبلشمينٽ توڙي سياسي مخالفن سان مهاڏو اٽڪائڻ جا آخري جتن ڪري رهيو آهي. انهي ڪري ئي اسٽبلشمينٽ پنهنجو بچائي رکيل مُهرو جهانگير ترين جي صورت ۾ سرگرم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڳالهيون هنن سٽن لکڻ تائين جو اهي آهن ته جهانگير ترين وارو لڏو “تحريڪ انصاف نظرياتي گروپ” جي نالي سان ڪو الڳ ڌڙو ٺاهڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي ۽ سندن موقف به اهو ئي آهي ته تحريڪ انصاف جي هن وقت تائين جيڪا به بربادي ٿي آهي سا “ون مين پاور شو” جي روش سبب ئي ٿي آهي، جنهن جو مطلب جيڪو عمران خان چوي سوئي ٿئي. ايئن اڳيان هلي پاڻ کي ٻين ادارن توڙي اقتداري ڌرين ۾ به سگهو ئي ساڳيا ڏار پوندي ڏسڻ لاءِ ملي سگهن ٿا ۽ اهي ون مين پاور شو واريون ساڳيون شڪايتون ٻڌڻ لاءِ ملي سگهن ٿيون.
ته پوءِ ڇا پاڻ اهو چئي يا سمجهي سگهون ٿا ته هن ملڪ ۾ “ون مين پارو شو” وارو ٽڪساٺ هاڻ وڌيڪ هلڻ جهڙو ناهي رهيو؟ ها بلڪل پاڻ کي اها پڪ آهي ته رياست جنهن بحران ۾ گهيرجي چڪي آهي، تنهن ۾ فردن بدران ادارن ۽ آئين کي عزت نه ڏني وئي ته پوءِ نه رهندو بانس ۽ نه رهندي بانسري. ان ڪري وقت جي گهرج اها ئي آهي ته هاڻ آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۾ رڪاوٽون وجهڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ هي جيڪي رات پيٽ ۾ هٿ جا گُڏا تيار ڪرڻ وارو ڪارخانو آهي، سو هاڻ سدائين لاءِ بند ٿيڻ گهرجي. اهي گُڏا جيستائين ٺاهيندا رهندئو، تيستائين اوهان جو اهو ئي حال رهندو جيڪو اڄ سامهون آهي. عوام جي حقيقي عوامي جمهوري سفر کي هلڻ ڏيو. اهو پنڌ پاڻهي هن رياست جي هيل تائين جي ڪُوڙ بدُوڙ کي ڇنڊيندو ڇاڻيندو هلندو ۽ نيٺ اها شفافيت به اچي ويندي، جنهن سان ڪوبه سماج سيبتو ساهه کڻڻ جهڙو ٿي سگهندو آهي. سو عوام کي ساهه کڻڻ ڏيو. عوام ئي هن ملڪ کي هلائيندڙ آهي، عوام ئي هن ملڪ کي اڏيندڙ آهي. عوام جي عزت ڪريو، دنيا ۾ توهان جي وڃايل عزت پاڻهي بحال ٿي ويندي.