ملڪ ۾ بحران ختم ٿيڻ جا امڪان پري پري تائين نظر ڪونه ٿا اچن. هڪ پاسي سياسي ۽ معاشي بحران آهي ته ٻئي پاسي عدليا ۾ بحران ۽ ٽڪراءُ واري صورتحال پيدا ٿي پئي آهي. جنهن کان پوءِ ملڪي حالتون ڪيڏانهن وينديون ان بابت ماهرن جا الڳ الڳ رايا آهن. عمران خان نيازيءَ کي اقتدار مان تڙڻ کان پوءِ سياسي بحران وڌيڪ تيز ٿيندو پيو وڃي. عدالتون هن جي پاسي بيٺل آهن، کيس هر ڪيس ۾ ضمانت ملي رهي آهي ۽ گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ هو عدالتن جو سهارو وٺي رهيو آهي. ايستائين جو سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس عمر عطا بنديال جهڙي ريت عدالتي ڪارروايون هلائي رهيو آهي، ان مان ائين ٿو محسوس ٿئي هو ڪنهن به ڪيس کي آئيني حساب سان ڏسڻ بدران پي ٽي آءِ جي هڪ ڌر بڻيل جج طور ڏسي رهيو آهي.
ڪالهه عدالتي ڪارروائي جي حوالي سان جيڪي ٻه خبرون آيون آهن، اهي اهم آهن. هڪ خبر ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي پاڻمرادي نوٽيس بابت فيصلي تي سرڪيولر جاري ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل سرڪيولر ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس فائز ۽ جسٽس امين جي فيصلي ۾ آرٽيڪل 184/3 تي آبزرويشن پاڻمرادو نوٽيس ۾ اچي ٿي، ٻه رڪني بينچ جو فيصلو صحافين بابت پاڻمرادي نوٽيس جي پنج رڪني بينچ جي فيصلي جي ٽڪراءُ ۾ آهي ۽ ٻن ججن جو فيصلو قانوني طور لاڳو نه ٿيندو.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ خاص بينچ رولز جوڙڻ تائين آرٽيڪل 184(3) جي سمورن ڪيسن کي ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو هو. فيصلي ۾ چيو ويو هو ته رولز جوڙڻ تائين آرٽيڪل 184(3) جا سمورا ڪيس ملتوي رهندا. فيصلي موجب چيف جسٽس کي خاص بينچ جوڙن جو اختيار ڪونهي. سپريم ڪورٽ رولز ۾ چيف جسٽس کي اسپيشل بينچ جوڙڻ جو اختيار ڪونهي. اسپيٽل بينچ ۾ مختلف بينچن مان هڪ هڪ جج کي شامل ڪيو ويو هو.
پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلين جون چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف ڪيس جي شنوائي ڪرڻ واري بينچ هڪ ڀيرو وري ٽٽي وئي. چار رڪني بينچ ۾ شامل جسٽس جمال مندوخيل ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. اليڪشن ملتوي ڪرڻ خلاف درخواست جي شنوائيءَ ۾ گذريل ڏينهن جي حڪم نامي ۾ جسٽس جمال مندوخيل اختلافي نوٽ لکيو آهي.
ان اختلافي نوٽ ۾ جسٽس مندوخيل لکيو آهي ته آئون بينچ جو ميمبر هئس، فيصلو لکڻ وقت مون سان صلاح نه ڪئي وئي، آئون سمجهان ٿو، آئون بينچ ۾ مس فٽ آهيان. دعا آهي ته هن ڪيس ۾ جيڪا بينچ هجي، اهڙو فيصلو اچي جو سڀئي قبول ڪن ۽ رب اسان جي اداري تي رحم ڪري. آئون ۽ اسان جا ساٿي جج آئين جا پابند آهن.
اها بينچ ٽٽڻ کان پوءِ چيف جسٽس عمر عطا بنديال ٻي بينچ جوڙڻ بدران باقي ججن تي ٻڌل ساڳي بينچ کي ڪم جاري رکڻ جو چيو آهي. جنهن ۾ چيف جسٽس پاڻ به شامل آهي. ڪيس جي شنوائي دوران چيف جسٽس جو چوڻ هو ته هن عدالت سدائين آئين کي ئي اهميت ڏني آهي، ججن کي آفيسن مان ڪڍي گهرن ۾ قيد ڪيو ويو هو. هن وڌيڪ چيو ته 90 ڏينهن جي مدي کي 15 ڏينهن کان پوءِ تاريخ ڏني، صدر کي اليڪشن ڪميشن حالتون ڪونه ٻڌايون هيون. صدر کي حالتن کان آگاهه ڪيو ويو هجي ها ته شايد 30 اپريل تاريخ نه اچي ها. عدالت جي آڏو 8 آڪٽوبر جي تاريخ آهي. عدالت مشڪلاتون پيدا ڪرڻ ڪونه ويٺي آهي، عدالت کي ٺوس سبب ٻڌايو، اهو ڊائيلاگ شروع ڪريو، هڪ ڌر پارٽي چيئرمين جي گارنٽي ڏئي رهي آهي، شايد حڪومت کي به ماضي وسارڻو پوندو. عدالتي فيصلو ڏسي توهان چوندا ته بااختيار فيصلو ٿيو آهي. هر فرد جي هر نقطي جو ذڪر ڪنداسين.
چيف جسٽس ڀلي آئين جي ڳالهه ڪندو هجي پر ان ئي عدليا تي اهي الزام لڳندا رهيا آهن ته اها آئين جي تشريح ڪرڻ بدران عدالتي ڪمري ۾ آئين لکائيندي رهي آهي. اهو معاملو ان وقت سامهون آيو هو، جڏهن پي ٽِي آءِ کان ڌار ٿيل پنجاب اسيمبليءَ جي 20 ميمبرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ پئي چاهيو. جج وٽ پنهنجي ضمير کان وڌيڪ آئين جي اهميت هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته هر جج جو ضمير پنهنجو پنهنجو آهي پر ملڪ جو آئين هڪڙو آهي. ان ۾ جيڪي ڪجهه لکيل آهي اهو واضح آهي ۽ ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. تنهنڪري فيصلا آئين موجب ٿيڻ لازمي آهن.
هاڻ جيڪو ٽڪراءُ عدالت ۾ نظر اچي رهيو آهي ۽ وڏي واڪي جيڪي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ان مان ته ائين ٿو لڳي ته هي بحران ايترو جلدي ٽري ٽارو نه ڪندو ۽ عدليا جي اندران اڀرندڙ آواز عدليا جي ساک کي متاثر به ڪندا ۽ ان لاءِ خطرو به آهن. ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ ملڪ ۾ چونڊون چاهي ٿي پر حڪومت ۽ ان سان لاڳاپيل سموري مشينري ان لاءِ تيار ڪونهي. ان کان سواءِ هن سال ئي عدليا ۾ به تبديلي اچڻي آهي، عمر عطا بنديال پنهنجي سيٽ تي ڪونه هوندو.
پاڪستان کي هر قسم جي بحران ۾ ڦاسائڻ کان پوءِ اها ڳالهه ته واضح ٿي وئي آهي ته ڪو به ادارو پنهنجو ڪم بهتر نموني ڪونه ڪري رهيو آهي. هڪ پاسي پارليامينٽ آهي، جيڪا ڪو بل پاس ڪري ٿي ته ان کي عدالت رد ڪري ڇڏيندي آهي ته ٻئي پاسي وري سياسي ميدان ۾ پي ٽي آءِ هڪ سياسي پارٽي بدران ڪنهن عقيدي پرستي وارو ٽولو بڻجي وئي آهي. ان پارٽيءَ جا پوئلڳ عقل جي ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. اهي ان ڳالهه کي ئي سچ سمجهن ٿا جيڪا عمران خان نيازيءَ جي واتان نڪري ٿي. جڏهن ته سچ انهن جي سامهون پڌرو پيو آهي پر اهي ان کي قبولڻ لاءِ تيار ڪونه آهن.
هاڻوڪي بحران مان نڪرڻ لاءِ عدليا کي اهو طئي ڪرڻو پوندو ته اها آئين سان بيٺل آهي يا وري ان پارٽيءَ سان جيڪا گذريل ڪجهه سالن کان ملڪ ۾ تباهيءَ جو سبب بڻجي رهي آهي ۽ ان کي روڪڻ لاءِ ڪابه ڪوشش ڪونه ٿي رهي آهي.