رانديون

راندين جي فيڊريشنز جو مدو گهٽايو ويو،اسپورٽس پاليسي جو نوٽيفڪيشن جاري

پاڪستان جي نئين اسپوورٽس پاليسي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تحت راندين جي فيڊريشنز جو مدو گهٽايو ويو آهي ۽ فيڊريشن جي عهدي تي اهليت واري عمر جي حد مقرر ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان اسپورٽس بورڊ پاران جوڙيل نئين اسپورٽس پاليسي جي منظوري وزيراعظم ميان شهباز شريف پاران ڏيڻ بعد بورڊ ان جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان اولمپڪس ايسوسيئيشن جي آزاد حيثيت برقرار رکي وئي آهي، جنهن ۾ پي او اي جي عهدن جي مدت واري پابندي بھ ختم ڪئي وئي، ايسوسيئيشن عالمي راندين ۾ رانديگرن جي شرڪت بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندي. جڏهن تھ فيڊريشنز جي عهديدارن جو مدو ٻن ٽرمز تائين محدود ڪيو ويو آهي، اهڙي ريت فيڊريشن جي صدر، سيڪريٽري ۽ خزانچي جو مدو 4 سالن بدران 3 سال هوندو. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ چونڊن لاءِ آزاد اليڪشن ڪميشن جوڙي ويندي، سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان هم آهنگي لاءِ اسپورٽس ڪائونسل پڻ جوڙي ويندي، جڏهن تھ تڪرارن جي حل خاطر ايڊجيڊيڪيٽرز پينل قائم ٿيندو. اهڙي ريت  70 سال يا ان کان وڏي عمر وارو ماڻهو اليڪشن ۾ حصو نھ وٺي سگهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button