ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مظلوم قومون ۽ پناھگيريت جو سوال

اڳوڻي فاٽا سان تعلق رکندڙ ايم اين اي محسن داوڙ 30 مارچ تي قومي اسيمبلي اندر پناھگيرن کي پاڪستاني شهرين جهڙا حق ۽ سهولتون ڏيڻ لاءِ هڪ بل پيش ڪيو آهي چون چون جي مربي جي اتحادي حڪومت ان بل جي ڪا به مخالفت ناهي ڪئي پر اهو وڌيڪ غور لاءِ ڪميٽي جي لاءِ ڪيو ويو آهي. بل کي قومي ريفيوجي قانون 2023ع جو نالو ڏنو ويو بل تحت ڪنهن به مهاجر کي يعني غير ملڪي کي جيڪو پاڪستان ۾ مهاجر بڻجي اچي ٿو تنهن کي پاڪستان مان نيڪالي نه ڏئي سگھبي. مهاجر جو درجو حاصل ڪندڙ جي گھر واري، ٻار، نابالغ ڀائر، ڀينرون به مهاجر تصور ٿيندا، حڪومت انهن جو پورو پورو خيال رکندي، مهاجر جي سهولت لاءِ ڪميشن قائم ٿيندي، مهاجر کي رهائش، زمين خريد ڪرڻ جي قانوني سهولت ميسر هوندي.
اهو بل ان فرد پاران پيش ڪيو ويو آهي جيڪو پنهنجو پاڻ کي ترقي پسند پٺاڻ، مظلوم قومن جو طرفدار، جمهوريت پسند ۽ انقلابي سڏائڻ ۾ سڀني کان وڌيڪ سرگرم هوندو آهي. يقينن محسن داوڙ ۽ سندس حمايتن کي اها پوري پوري ڄاڻ آهي ته هن ملڪ جي پوري تاريخ مهاجر تضادن جي ور ڪيئن ۽ ڪهڙي طرح سان ٿيندي رهي آهي. خاص ڪري ٻاهران ايندڙ ماڻهن هتان جي مظلوم قومن سان ڪهڙو رويو ۽ جٺون ڪيون آهن، ڇا هو تاريخ جي ان باب کان بيخبر آهي ته هي ملڪ هن خطي جو اهڙو ملڪ آهي جتي ان جي اندر رهندڙ قومن جي حقن کان وڌيڪ ڌارين جي سهولتڪاري ۽ حقن جو خيال رکيو ويندو آهي، اهو سلسلو هن ملڪ جي ٺهڻ کان ئي شروع ٿيو ۽ اهو ئي تضاد وڌندي وڌندي اندروني خانه جنگي، ٽڪرائن، نفرت ۽ تعصب جو سبب به رهيو آهي.
شروعات ۾ هن خطي جي ورهاست سبب آبادي جو هڪ ٻئي پاسي لڏپلاڻ جو عمل رهيو جيڪو به شديد ٽڪرائن ۽ نفرتن مان گذريو ۽ اهو دور هن خطي جي تاريخ جو انتهائي وحشتي ۽ دردناڪ دور ٿي گذريو. هندستان جي اندر ورهاڱي کان پوءِ جيڪا آبادي منتقل ٿي سا ته ٿي پر 60 جي ڏهاڪي کان پوءِ اوڏانهن آبادي وڃڻ جو ڪو به وڏو ۽ وڌندڙ سلسلو نه رهيو سواءِ ڪجھه هيڪڙ ٻيڪڙ خاندان يا فردن جي پر پاڪستان ۾ اهو سلسلو انتهائي منظم طريقي سان تعصبي ۽ نسل پرستي جي بنيادن تي وڌندي انهن ٻاهرين ايندڙ ماڻهن کي سهولتون ڏنيون ويون 71 جي جنگ کان پوءِ بنگال اسان کان الڳ ٿي ويو، ورهاڱي ۾ جيڪي بهار کان آيل مسلمان بنگال ۾ هئا، انهن بنگلاديش جي شديد مخالفت ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ بنگلاديش جي حڪومت انهن جا بنيادي شهري حق ۽ ملڪي حق ختم ڪري، کين پناھگير ڪيمپن ۾ رهائي ڇڏيو، جن کي وقتن به وقتن هن ملڪ يعني پاڪستان جي اندر ڪڏهن قانوني ته ڪڏهن غير قانوني داخلا ڏني ٿي وڃي ۽ ان جا وڌ کان وڌ حمايتي ورهاڱي ۾ آباد ٿيندڙ “مهاجر” رهيا آهن.
هي ڀائي لوڪ هر وقت بهارين کي آباد ڪرڻ جي لاءِ نه رڳو مطالبا ڪندا آهن پر جڏهن ڪنهن حڪومت جي اتحاد ۾ جڙندا آهن تڏهن به اهائي ڪوشش ڪندا آهن ته بنگلاديش جي بهارين کي پاڪستان آندو وڃي نه رڳو پاڪستان آندو وڃي پر انهن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو وڃي. افغانستان جي ثور انقلاب کان پوءِ هن ملڪ ۾ غير ملڪين پناھه گيرن جو وڏو تعداد اچڻ شروع ٿيو، سرڪاري انگن اکرن ۾ چيو ويو آهي ته پندرهه لکن جي لڳ ڀڳ افغاني پاڪستان ۾ آيا آهن پر حقيقتون ۽ آيل ماڻهن جي تعداد کي ڏسي ڪري باآساني اهو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته پنجويهن لکن کان مٿي آهي ۽ انهن جو 80 سيڪڙو سنڌ ۾ رهي ٿو وڏي تعداد ۾ اهي افغاني پناھه گير ڪراچي حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين وڏن شهرن ۾ آهن هنن جي آبادي سنڌ جي پوري ٽوپو گرافي کي بري طرح متاثر ڪيو آهي نه رڳو ٽوپو گرافي متاثر ٿي آهي پر انهي سان گڏوگڏ سنڌ جي سياسي سماجي ۽ معاشي رخن تي بري طرح سان اثرانداز ٿي آهي.
هاڻي هي دهرائڻ جي ضرورت ناهي ته جڏهن به ڪا ڌاري آبادي ۽ خاص ڪري اها نسلي بنيادن تي هڪ هجي، انهن جي وچ ۾ هڪ تمام گھڻو جارحانه اتحاد هوندو آهي ۽ اهو جارحانه اتحاد ئي اصل آبادي جي لاءِ هر وقت جھيڙن ۽ ٽڪرائن جو سبب ٿئي ٿو، ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ٺهڻ جي دوران جيڪي ٽڪراءَ اتان جي اردو ڳالهائيندڙن سان پٺاڻن جا ٿيا ان ڪراچي کي ٻن زون ۾ ورهائي ڇڏيو هو، تڏهن ضيا جي دور ۾ مهاجر قومي موومينٽ الطاف حسين جي قيادت ۾ ٺهي (جيڪي پوءِ متحده قومي موومينٽ جي نالي سان هلي پئي) انهيءَ جي وجود ۾ اچڻ سان جيڪي ٽڪرا شروع ٿيا، پاڻ ان جو ورجاءُ نٿا ڪريون هڪ اسٽوڊنٽ بشرا زيدي جي ايڪسيڊنٽ کان پوءِ پوري ڪراچي لساني جھيڙن ۾ ٻري پئي ۽ ان جي مقابلي ۾ پوءِ پنجابي پٺاڻ اتحاد ٺاهيو ويو، جنهن جي اڳواڻي پ پ پ جي سرگرم اڳواڻ سرور اعواڻ ڪئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪراچي رت سان ڳاڙهي ٿي وئي آبادي لڏپلاڻ ڪري ٻن زون ۾ ورهائجي وئي چوڻ جو مطلب هي آهي ته هن وقت به سنڌ جي اندر ڌارين جي آباڪاري سنڌ جي ٽوپو گرافي تبديل ڪندي سنڌ جي سياست ۾ جيڪي ناسور پيدا ڪيا آهن انهن مان وقتن به وقتن رت ٽمڪي پيو.
افغانين جي اچڻ کان پوءِ ان تضاد ۾ وڌيڪ شدت ايندي رهي آهي هاڻي ته اهو تضاد سڌو سنئون سنڌي ماڻهن سان ٽڪراءَ ۾ اچي پيو. محسن داوڙ جي بل پيش ڪرڻ کان پهريان ڪيترن ئي ايم اين ايز افغاني پناھه گيرن کي سيٽل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن جن ۾ قادر مندوخيل سرِ فهرست رهيو. انهن سڀني کي اها ڄاڻ آهي ته هن بل جي ذريعي هاڻي وڌ کان وڌ ان جو فائدو افغاني ريفيوجيز کي ٿيندو. افغانستان جيڪو پنهنجي سماجي ۽ سياسي ٽڪرائن جي نه کٽندڙ تضادن جو شڪار ٿي ويو آهي اتان ماڻهن جي هڪ وڏي آبادي وڏي پيماني تي هر روز لڏپلاڻ پئي ڪري ۽ تن جو رخ سنڌ جي طرف آهي پاڪستان جي اندر جيتري سهولت سنڌ جي اندر مهاجرن کي ملي ٿي، اوتري ڪنهن ٻئي صوبي ۾ نٿي ملي هتي جا بنيادي ڪارڻ هي آهن ته هڪ هتي وڏي تعداد ۾ تمام مهاجرن جا نسلي گروھه رهن ٿا، جيڪي پنهنجي طاقت کي وڌائڻ جي لاءِ يعني اتحاد ۽ ووٽ بينڪ کي وڌائڻ جي لاءِ ٻاهرين جي لاءِ سهولتڪاري ڪرڻ ۾ سرگرم آهن ۽ ٻيو سبب هتان جي حڪومتن جو رهيو آهي.

جيڪي هر وقت سنڌ جي مستقبل ۽ سنڌي عوام جي مستقبل کي آڏو رکڻ جي بجاءِ پنهنجي وقتي اقتداري مفادن کي ترجيح ڏين ٿا انهن جو ڪو به مفاد ناهي ته سنڌي عوام جي سماجي ۽ قومي صورتحال ڪيتري خراب ۽ بدتر ٿيندي وڃي پئي تنهن ڪري پاڪستان جي اندر سنڌ جيڪڏهن پناھگيرن جي لاءِ جنت جو خطو چئجي ته صحيح رهندو. پر هي ڪڏهن به نه وسارڻ گھرجي ته نسلي ۽ لساني تضاد ڪڏهن به معاشري کي استحڪام ۽ ترقي ڏئي نٿا سگھن. پٺاڻ ترقي پسند ۽ قوم پرستن کي ڀلي سنڌي عوام جو احساس نه هجي اصول پرستي هنن جي آڏو مفادن کان وڌيڪ ڪا به معنيٰ نه رکندي هجي، پر هي تضاد جيڪي پناھگيريت جي صورت ۾ وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جا نتيجا خطرناڪ نڪرندا.
پاڪستان جي وجود کي هر وقت اهڙن ئي تضادن نقصان پهچايو آهي ۽ اڳتي به اهڙا ئي تضاد نقصان پهچائيندا، پناھگيرن لاءِ انساني حق جو سوال انهن ملڪن ۾ وڌيڪ اهميت رکندو آهي جتي ان ملڪ جي اصل آبادي يعني ان جي شهرين جا انساني حق قومي حق ۽ سياسي حق محفوظ هجن مظلوم قومن جا هن ملڪ ۾ پنهنجا ئي حق جڏهن سواليه نشان يا گناھه بڻجي وڃن اتي مهاجرن کي سيٽل ڪرڻ جي قانون سازي صرف ۽ صرف نفرتون، ٽڪرا ۽ جھيڙا پيدا ڪندي پر جيڪڏهن پٺاڻ نسل پرستي جي بنيادن تي سوچيندي اهو سمجھن ٿا ته هو مستقبل ۾ سنڌ جي آبادي ۾ هڪ وڏو پنهنجو تناسب قائم ڪري ويندا ته هنن کي پهريان سوچڻ گھرجي ته مهاجرن کي يا افغانين کي آباد ڪرڻ جو تعصب پرستانه ۽ نسل پرستانه عمل هتي شديد کان شديد بحران پيدا ڪندو جنهن ۾ خود انهن جو وڏي کان وڏو نقصان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button