ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

صرف چونڊون ئي سياسي ۽ معاشي بحران جو حل آهن؟

ملڪ اندر رياستي بحران ان موڙ تي پهتل آهي، جتي اهي جن کي مثالي ادارو سمجهيو پئي ويو، ان کان وٺي اعليٰ عدليا ۽ پارليامينٽ تائين سڀئي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪري رهيا آهن. هي ڪنهن کي به خبر ناهي يا سوجهه ٻوجهه ناهي ته زندگي جي سموري نظام کي ڪيئن صحيح رستي يا Right Track تي آڻي سگهجي ٿو، جيڪڏهن شڪ جو فائدو ڏجي ته ممڪن آهي ته ڪنهن اداري کي بحران حل ڪرڻ جي سمجهه هجي به سهي، پر سڀ ٻڏڻ کان بچڻ لاءِ پرانهان ڀڄي رهيا آهن، ڊپ کان ڪٿي ڪنهن کي بچائيندي هو پنهنجي جان نه وڃائي ويهن. آخرڪار هي صورتحال ڪٿي ڇيهه ڪندي؟ يا بحران پنهنجي منطقي نتيجي تائين پهچندو، سڀ ڪجهه ڀسم ڪري ڇڏيندو ۽ ڪا ٻيڙي به نه ايندي جنهن تي چڙهي جان بچائي سگهبي. هن قيامت جهڙي منظر ۾ ڪوبه محفوظ نٿو سمجهيو وڃي، انڪري محمود ۽ اياز جو فرق به ختم ٿي ويو آهي!
هڪ “مقدس ادارو” ته بحران جي شروعاتي شڪل کي ڏسندي پاسيرو ٿي ويو آهي، باقي پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيا آهن. هن بحران جو بنياد يا بحران جي ماءُ ملڪ ۾ 2018 کان آيل تباهي ۽ اهم ادارن جي Miscalculation آهي، جن کان اهڙي غلطي ٿي وئي يا انهن ڄاڻي واڻي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ Hybrid Regime جنم ورتو، جنهن پاڻ اعتراف ڪيو ته هو اناڙي هئا، انڪري کين خبر ئي نه هئي ته حڪمراني جو آرٽ ڪيئن ايندو آهي؟ ان کانپوءِ لاڳاتار زوال ئي زوال اچي رهيو آهي، جيڪو هاڻ سڀني جي ڪنٽرول کان نڪري ويو آهي. هاڻ ته سياسي گرمي پد به ان سطح تي پهتل آهي، جيڪو رهيل ڪسر پوري ڪري رهيو آهي ۽ ان بحران سمورين ڌرين کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. هي دنيا جي گولي تي واحد ملڪ ناهي، جيڪو موجوده بحران مان گذري رهيو آهي، دنيا جا ڪيترائي ملڪ ان کان وڌيڪ ڊپريشن جو شڪار ٿيا، پر انهن ۾ هي سوچ هئي ۽ انهن چاهيو پئي ته ڪهڙي ريت بحران کان ٻاهر نڪري سگهجي ٿو. اسان وٽ به اهڙيون ڪيتريون ئي ڌريون آهن، جيڪي بحران کي حل ڪري سگهن ٿيون. پر ڪابه ڌر، ٻئي تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪڏهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن هنن ادارن تي نشان لڳائجي ته اهي نٿا چاهين ته بهتر گس تي اچن. سڀني کان اهم ادارو سياسي ڌريون آهن،جيڪي معاملن کي سمجهن ٿيون ۽ انهن جو تجربو به غضب جو آهي. انهن تي هر موڙ تي طاقتور حلقا بي اعتمادي جو اظهار ڪندا رهيا آهن، ان سان گڏ ملڪ جي عدليا آهي، جيڪا پڻ صحيح رخ ۾ نه آهي. ان جا فيصلا سياسي گرمي پد کي گهٽائڻ بدران وڌائي رهيا آهن، انڪري آئيني ۽ قانوني مسئلن کي حل لاءِ آزاد ۽ خودمختيار فورم جي ضرورت آهي. موجوده عدالتي نظام کي رڳو عوام جي اشوز تي انصاف فراهم ڪرڻ واري ڪم سان لڳائڻ جي ضرورت آهي. انهن کي ڪنهن به صورت ۾ سياسي معاملن ۾ الجهڻ جي ضرورت ناهي. هن ڀيري سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، کي چيو ويو ته هو ملڪي آئيني معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ فل ڪورٽ جوڙي ته ان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اعليٰ عدالت جا جج، ٻين عوامي اشوز ۾ مصروف آهن، انڪري ائين ڪري نٿو سگهجي. هي وضاحت ته درست آهي، پر سياسي ۽ آئيني معاملن کي اوليت جي بنياد تي Once for all حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن هي الزام درست آهي ته ڪيس ٻڌڻ ۽ انهن لاءِ بينچون فرمائش تي قائم ٿين ٿيون ته بحران ڪهڙي ريت حل ٿيندو. هي ڊپ به موجود آهي ته جيڪڏهن اعليٰ عدالت جي 17 ججز کي هڪ ڇت هيٺان ويهاريو ويو ته جيڪا منشا شامل آهي ته مرضي جا فيصلا وٺڻا آهن، اها ته پوري نه ٿيندي. عدليا جي سموري تاريخ ايتري شاندار به ناهي، ان جي باوجود عام ماڻهوءَ کان وٺي خواص تائين سڀني جي اميدن جو مرڪز به هي عدالت آهي.
جنهن ڏينهن کان ملڪ گهڻ رخن بحرانن جي ور چڙهيو آهي، ادارن کي ڇيڪ ڇڏيو ويو ته اهي جيئن چاهين شهرين جي زندگين کي اجاڙي ڇڏين ۽ انهن کان ڪوبه پڇڻ وارو ناهي ته شهرين جا ڪي بنيادي انساني حق به ٿيندا آهن. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ بنيادي انساني حقن بابت ايستائين جو پارليامينٽ کي قانون سازي ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي، پر اسان وٽ انهن جي ضمانت ئي ناهي. اهڙيون تاويلون گهڙيون ويون آهن، جن مان سمجهي سگهجي ٿو ته عوامي حقن جي تحفظ لاءِ نه ئي ڪو قانون جو ادارو آهي، نڪي وري پارليامينٽ آهي. عوام کي ڪيئن ٻنهي هٿن سان ڦريو لٽيو وڃي ٿو، ان جو تصور به ڪري نٿو سگهجي. ماضي قريب ۽ ايستائين جو هينئر به اهي ماڻهو جن جا پيارا غائب آهن، انهن جون عورتون، والدين ۽ ٻارڙا روئيندي، عدالتن ٻاهران راتيون ۽ ڏينهن گذاريندا رهيا. ايستائين جو هڪ انساني حقن جي علمبردار انتهائي اعليٰ پائي جي عورت، کي جنهن ويل ٻڌايو ويو ته هن جو مڙس افغانستان ۾ مارجي چڪو آهي ۽ جهادي هو ته هن جي اکين مان لڙڪ رڪجي نه رهيا هئا، پر ان عورت ان ڳالهه تي يقين نه ڪيو ته سندس مڙس ماريو ويو آهي. ان وقت اعليٰ عدالت جي جج عورت سان مخاطب ٿيندي چيو هو ته هو ان جي اکين مان لارون ڪري وهندڙ لڙڪن جو ڪجهه به ڪري نٿا سگهن، هو آئين ۽ قانون اڳيان مجبور آهن! هي ساڳي صورتحال اسان جي ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڏسي چڪا آهيون. هاڻ ملڪ جو سڀني کان اعليٰ منصف يا جج، به ڀريل عدالت ۾ پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهيو. جنهن ويل سندس سمورا ساٿي جج، ساٿ ڇڏي ويا ته هو جذباتي ٿي ويو. چوڻ لڳو ته گذريل ڪجهه سالن دوران ججز سان ڇا ٿيو؟ هو اظهار ڪندو ته پاڻي کي آڳ لڳي ويندي! هن جي بيوسي وارن لڙڪن کي ڏسي ڪري عدالتن جي جهان تي عقابي نظر رکندڙن چيو ته هي ڇا آهي؟ هنن کي ايڏي طاقتور هجڻ باوجود پنهنجو ڏک ته ياد آهي، پر انهن ماڻهن جو ناهي، جن کي سوالي سڏيو ويندو آهي. هو انصاف جي خيرات گهرڻ لاءِ عدالت جا چڪر ڪاٽيندي جتيون گسائي ڇڏيندا آهن! ان لاءِ چئبو آهي، جتي باهه ٻري، سا جاءِ جلي..!
چيو ٿو وڃي ته هينئر وڌيڪ سياست انهن عدالتن ۾ ٿي رهي آهي. جيڪڏهن اهم معاملن کي پارليامينٽ جي پليٽ فارم تان حل ڪيو وڃي ها ته موجوده ڀونچال جهڙي صورتحال جنم ئي نه وٺي ها، اهي اسٽيڪ هولڊرز، جن جي مٿي ۾ سور هو ته اهي ماڻهن جا مسئلا حل ڪندا، انهن کي ته ڪيترائي لقب ڏنا ويا. ٻئي طرف عقل ڪُل ٿي ڪري آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن فيصلا ڪيا. انهن عقل ڪُل پرمتڙين جيڪي فيصلا ڪيا ان سان مالي نقصان ڪيترو ٿيو، ان کي ته ليکي ۾ به آڻي نٿو سگهجي، پر وقت جي وزير اعظمن جي جان قبض ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا. ڪن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيٺي بيٺي گهر ڀيڙو ڪيو ويو! جيڪڏهن انصاف سڀني لاءِ ساڳيو آهي ته پوءِ جيڪڏهن ڪنهن سياستدان يا عام ماڻهو کي تڪليف ٿئي ته انصاف جو نظام لولو لنگڙو ٿي وڃي ٿو ۽ ڪنهن منصف جو نالو اسڪرين تي اچي ويو ته چيو ويو ته سمورو ادارو خطري ۾ پئجي ويو آهي؟!
هينئر ملڪ جي بحران جا محرڪ اهم ادارا آهن، جن کي مختلف نالن سان سڃاتو وڃي ٿو. بحران سياسي هجي يا معاشي انهن جو ڪارڻ به اشرافيا آهي، جيڪي لارڊز آهن. جيڪڏهن انگ اکر سامهون آندا وڃن ته هي طاقتور ملڪ جا نوي سيڪڙو وسيلا هڙپ ڪري وڃن ٿا، انهن جو تعداد هڪ يا ٻه سيڪڙو آهي، جڏهن ته ٻه سيڪڙو وسيلا اسي سيڪڙو انسانن لاءِ آهن. هي ڪيڏو وڏو خال آهي، ان کي ڪوبه ڀري نٿو سگهي. ملڪ جون حالتون بهتر ڪيئن ٿينديون؟ اهم عهدن تي ويٺل عهديدارن کي پگهار عوام جي رت ۽ ست جي پونجي مان ملي ٿي، پر هو ڪم ڪنهن ٻئي لاءِ ڪن ٿا. هو پنهنجي منصف کي لڄائي رهيا آهن. جيڪڏهن ڪنهن به عهديدار تي الزام لڳي ٿو ته هو الف يا ب جو حامي آهي، ته ان جي Integrity ڪيتري رهجي ويندي؟ انڪري ئي ته چيو ويندو آهي ته ڪفر جو نظام ته هلي سگهي ٿو، پر ناانصافي جو نه؟ جيڪڏهن مڙني ڳالهين جي باوجود هي احساس به نه هجي ته هو غلط ٽريڪ تي آهن، ته معاملا بهتر ٿي سگهن ٿا؟ جيڪڏهن اکين مان لڙڪ لاڙڻ سان مسئلا حل ٿين ها ته پوءِ عام ماڻهن جا لڙڪ ڪنهن سمنڊ کان گهٽ اونها نه ٿي وڃن ها ۽ اهي سڀني کي وهائي کڻي وڃن ها. هينئر اهي سمورا ادارا، جيڪي طاقت جو استعمال ڪن ٿا، جيڪي بااثر آهن، انهن کي پنهنجي روئي تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملڪ ۾ خوشحالي به تڏهن ئي ايندي جڏهن پهريان ماحول کي بهتر بڻايو ويندو. عوام کي سلامتي جو احساس ڏياريو ويندو، عام ماڻهو نه صرف پاڻ کي محفوظ سمجهي پر انهن جي حقن جي ضمانت به هجي. ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ ڊائلاگ جي ضرورت آهي، رڳو هي چوڻ ته چونڊون ٿي وڃن ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، هي ائين آهي ته هڪ ڏند ڪٿا هئي ته رڳو آزادي ملي ته ڏسو، ڪيئن ملڪ ۾ خوشحالي اچي ويندي، معاشي پروگرام ڪهڙو هوندو، ان تي ڪنهن جو به فوڪس نه هو. هاڻ ته ادارتي سطح تي ڀونچال آيل آهي، انڪري پهريان ادارن جي Overhauling ڪرڻي پوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button