پاڪستانسنڌ

ٿر ۾ اٽو ختم، ڊي سي سنڌ سرڪار کي خط لکي ڇڏيو

مٺي: ٿر ۾ڪڻڪ جي داخلا تي پابندي سبب اٽي جي چڪين تي اسٽاڪ ختم ٿي ويو، ڊي سي ٿرپارڪر سنڌ سرڪار کي اٽي جو بحران پيدا ٿيڻ جي خدشي کان لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو، ٿر ضلعي ۾ خصوصي طور ڪڻڪ جي چرپر تي پابندي ختم ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي. خبر موجب ٿر ۾ ڪڻڪ جي داخلا تي پابندي سبب ضلعي جي ڪل 17 لک آبادي لا اٽي جي چڪين تي رڳو ٻن ڏينهن جي اٽي جو اسٽاڪ بچيو آھي، جنهن ڪري ٿر ۾ اٽي جو شديد بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو ٿي ويو آهي. امڪاني بحران واري صورتحال سبب ڊي سي ٿرپارڪر لعل ڏنو منگي چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي ڪڻڪ جي ضلعي ۾ داخلا تي پابندي ختم ڪرڻ لا سفارشي خط لکي اٽي جي کوٽ پيدا ٿيڻ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آھي. ڊي سي لکيل خط ۾ ڄاڻايو آھي ته ٿر ۾ اٽي جو اسٽاڪ ختم ٿي ويو آھي، ضلعي ۾ ڪڻڪ جي داخلا تي پابندي ختم نه ڪئي وئي ته اٽي جو شديد بحران پيدا ٿيندو، ٿر ۾ ڪڻڪ جي پوکي نٿي ٿئي ۽ ٻاهرين ضلعن مان ٿر ڏانهن ڪڻڪ آڻڻ تي پابندي آھي، جنهن ڪري ٿر ۾ اٽو ملڻ مشڪل ٿي ويندو. ٿر کي ڪڻڪ جي سرڪاري ڪوٽا سان گڏ ضلعي ۾ ڪڻڪ جي داخلا تي لڳل پابندي ختم ڪئي وڃي ته جيئن اٽي جي امڪاني بحران واري صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي. ٻئي طرف چڪي مالڪن موجب مٺي سميت ٿر جي چڪين تي اٽي جو اسٽاڪ صرف ٻن ڏينهن جو بچيو آھي، ڪڻڪ نه ملڻ ڪري ٻن ڏينهن کانپو ٿر ۾ اٽو ختم ٿي ويندو. هنن مطالبو ڪيو ته ٿر ۾ ڪڻڪ جي داخلا تي پابندي ختم ڪري ٿر ۾ خصوصي طور ڪڻڪ پاليسي ۾ نرمي ڪئي وڃي. ٻئي طور خوراڪ کاتي جي ڪامورن بدين، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ضلعن جي ٿر ۾ داخل ٿيندڙ رستن تي ڪئمپون قائم ڪري ڪڻڪ جي داخلا روڪي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button