پاڪستانسنڌ

اسلام ڪُوٽ ۾ ٿرڪول جي متاثر رهواسين جو مظاهرو

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ۾ ٿرڪول بلاڪ ون جي متاثرن ڪمپني انتظاميا انتظاميا خلاف ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته ڪمپني انتظاميا قبرستان ۾ اسان جي وڏن جون قبرون مسمار ڪري ظلم ڪيو آهي. نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ ٿرڪول بلاڪ ون جي ڳوٺ ڀاوي جو تڙ ۽ مهاوي جو تڙ جي رهواسين سائينو سنڌ ڪمپني جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي، ڳوٺاڻن محبتو ڀيل، اشوڪ، چيلو، پرمانند، موڙجي، مٺو، گانگو، دودو، جهامن ڀيل ۽ ٻين چيو ته ٿرڪول بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ سائينو سنڌ ڪمپني علائقي ۾ ترقي ۽ متاثر ٿيندڙ ماڻهن سان انصاف ڪرڻ بجا ويتر ظلم ۽ قبضا ڪري رهي آهي، ڪمپني اسان جي پراڻي قبرستان تي بلڊوزر وٺي اچي قبرون مسمار ڪري رهي آهي، اسان جي اعتراض تي ويتر ڳوٺاڻن کي ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن ڪمپني وارن اسان کان سڀ ڪجھ کسيو آهي پر هاڻي ابن ڏاڏن جون قبرون به کسي رهي آهي. هنن سرڪار کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن مليل رپورٽ موجب جنهن هنڌ تي ڪمپني طرفان زمين جي ليول ڪئي پئي وڃي اتي بلاڪ ون جي پاور پلانٽ جي ڀرسان آباد ڪولهي برادري جي گهرن کي الاٽ ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button