ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام کي مفت اٽي بدران سستو اٽو ڏيو

Editorial

اڄڪلهه سڄي ملڪ ۾ مفت اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ ماڻهن جون قطارون نظر اچي رهيون آهن، اهي قطارون ان ڪري نظر اچي رهيون آهن جو ملڪ ۾ اٽي جو اگهه ايترو ته چوٽ چڙهي ويو آهي جو عام ماڻهو اٽو خريد ئي نٿو ڪري سگهي، تنهنڪري حڪومت پاران مفت ۾ اٽو ورهائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پاڪستان هڪ اهڙُو ملڪ آهي جيڪو ڪڻڪ پيدا ڪرڻ ۾ پاڻڀرو رهيو آهي پر تنهن هوندي به هن ملڪ ۾ اٽي جي کوٽ پيدا ٿي پئي آهي، نتيجي ۾ ماڻهو جتي ڪٿي قطارون ڪريو بيٺا آهن ته جيئن انهن کي سستو اٽو ملي سگهي. سستو اٽو وٺڻ جي چڪر ۾ عام ماڻهو رش سبب لتاڙجي مارجي پڻ رهيو آهي، اها صورتحال ڪنهن به ريت بهتر ڪونهي. جيڪڏهن عام ماڻهو مارجي رهيو آهي ۽ پوءِ به اٽي جي مفت ۾ فراهميءَ وارو عمل جاري آهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته حڪومت سستي اٽي جي فراهميءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ تيار ڪونهي پر اها عوام کي خواري وسيلي مفت ۾ اٽو فراهم ڪرڻ تي زور ڏئي رهي آهي. جڏهن ته سستي اٽي جي فراهمي ۽ ان جي خريد هتان جي عوام جو حق آهي. جيڪڏهن هاڻوڪي حڪومت عوام کي سستو اٽو به فراهم ڪري نٿي ڏئي سگهي ته پوءِ ان حڪومت جو ڪهڙو فائدو، جيڪا ماڻهن جي وات جو گرهه کسي رهي آهي. ان حوالي سان ڪالهه وفاقي وزير مريم اونگزيب جو هڪ بيان سامهون آيو آهي.
سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته چئن سالن کان عوام جو اٽو، کنڊ ۽ ڳڀو ڦريندڙ هاڻي وزيراعظم جي مفت اٽي اسڪيم کي تڪراري بڻائي رهيا آهن. ايتري غليظ ذهنيت آهي جو عوامي منصوبن کي به پنهنجي گهٽيا سياست جي ور چارهي ڇڏين ٿا. سياسي يتيم پنهنجون سموريون سازشون ناڪام ٿيڻ کانپوءِ عوام جي مفت اٽي جي پويان پئجي ويا آهن. ڪالهه جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته چار سال پهرين خراب ڪڻڪ عمران خان گهرائي هوندي؟ ايتري غليظ ذهنيت آهي جو عوامي منصوبن کي به پنهنجي سياست جي ور چاڙهي ڇڏين ٿا، پنجاب جي عوام کي مفت اٽو ملي، مفت بجلي ملي، ميٽرو ۽ اورينج ٽرين ملي ته کيس تڪليف ٿي ويندي آهي. عوام جو اٽو، کنڊ کائيندڙ عمران خان کي ڏک کائي ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف غريبن کي مفت اٽو ڇو ڏئي رهيو آهي؟ هاڻي وزيراعظم عمران ناهي جيڪو عوام جو اٽو کائي وڃي، ماني کائي وڃي، روزگار کائي وڃي. هاڻي وزيراعظم عمران خان ناهي جنهن عوام تي پيٽ تي ڌاڙا هنيا، انهن کي ڪارخانن مان ڪڍي لنگر خانن تي ويهاري. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڏينهن رات عوام جي ترقي، بيروزگاري ۽ مهانگائي گهٽ ڪرڻ تي سوچي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف آهي جنهن ترقيءَ جي بند ٿيل سمورن منصوبن کي ٻيهر شروع ڪيو. سياسي يتيم پنهنجون سموريون سازشون ناڪام ٿيڻ کانپوءِ عوام جي مفت اٽي جي پويان لڳي ويا آهن. ميڊيا کي درخواست آهي ته تحقيق کانسواءِ اهڙي غليظ ذهنيت جي ڪوڙين ۽ عوام دشمن خبرن کي هلائڻ کان پاسو ڪري.
اهي ڳالهيون ڪنهن سياسي پارٽي يا سياسي اڳواڻ لاءِ سياسي بنيادن تي بهتر لڳن ٿيون. پر ڇا عوام کي مفت اٽي تي هيرائڻ گهرجي. ڇا عوام لاءِ اهو بهتر ناهي ته حڪومت اٽو ايترو سستو ڪري ڇڏي جو ان کي ڪنهن به ريت مفت اٽي جي ضرورت پيش نه اچي ۽ نه ئي اهو ڪنهن قطار ۾ لڳي پنهنجو وارو اچڻ انتظار ڪري. ڇو ته دنيا ۾ اهو ڪٿي به ناهي ٿيندو ته اٽي جهڙي اسم لاءِ ماڻهو قطار ۾ لڳا هجن ۽ حڪومت مفت ۾ اٽو ورهائڻ جو سلسلو شروع ڪيو هجي. ان وٺ وٺان سبب ماڻهو مرڻ مارائڻ لاءِ به تيار ٿي وڃن. حڪومت جيڪو مفت ۾ اٽو عوام کي هن وقت فراهم ڪري رهي آهي بهتر آهي ته اٽي تي سبسڊي ڏئي ان کي هر دڪان تي رکيو وڃي ۽ اتان ان جي فراهمي ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته اٽي جي فراهمي حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ان ذميواريءَ کان ڪنهن به ريت حڪومت پنهنجو پاڻ لنوائي نٿي سگهي. اٽي جو بحران ايترو به سنگين ڪونهي جو ان کي حڪومت حل نه ڪري سگهي يا وري اهو حل ٿيڻ جوڳو نه هجي.
اسين سمجهون ٿا ته عوام کي باعزت طريقي سان اٽي جي فراهمي ڪئي وڃي ۽ اها هروڀرو مفت ۾ نه هجي. عوام کي جيڪڏهن هر دڪان تان مناسب اگهه ۾ اٽو ملندو ته اهو ضرور خريد ڪندو ۽ ماضي ۾ به ڪندو رهيو آهي. تنهنڪري حڪومت مفت اٽي واري اسڪيم جو دفاع ڪرڻ بند ڪري. ڇاڪاڻ ته ان سان ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button