ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

شهيد ڀٽي جو وڇوڙو ۽ اڄوڪي پ پ قيات

Editorial-Article- Abdul Sattar

عبدالستار ميراڻي
پاڪستان جي ايٽمي ٽيڪنالاجيءَ جي خالق شھيد ذوالفقار علي ڀٽي سياست کي ميرن، پيرن، وڏيرن، سردارن ۽ ڀوتارن جي بنگلن ۽ گرفت مان ڪڍي ٻاهر آندو ۽ غريب عوام کي پنهنجا حق گهرڻ ۽ پنهنجا فيصلا پنهنجي ضمير تي پاڻ ڪرڻ جي جرئت ۽ زبان ڏني اڳ وڏيرا ڀوتار غريبن کي پنهنجي بنگلن تي گهرائي ووٽ وٺندا هئا پر ڀٽي انهن کي غريبن جي درن تي وڃي ووٽ وٺڻ لاءِ مجبور ڪيو. ڀٽي جو پڻ ھڪ جاگيردار ۽ وڏيرڪي طبقي سان تعلق هو پر هن پنهنجي طبقي سان بغاوت ڪري هو غريبن جو ڀرجهلو ٿيو ۽ تاريخ ۾ سدائين امر ٿي ويو. ڀٽي غريب ۽ بي پهچ پاڪستانين ۽ خاص طور تي اسلامي ملڪن کي پنهنجا حق گهرڻ جو درس ڏنو. هن اسلامي ملڪن جي اتحاد لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون جنهن دنيا جي ديومالائي ملڪ آمريڪا جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون، جنهن ڀٽي کي اسان کان جسماني طور جدا ڪرڻ ۽ تخت دار تائين پهچائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. اهو ئي سبب هو جو شھيد ڀٽي جي زندگي بچائڻ لاءِ اسلامي ملڪن جي ان وقت جي سندس دوست سربراهن خاص طور تي سعودي جي شاهه فيصل، فلسطين جي ياسر عرفات، لبيا جي ڪرنل قذافي، شام جي حافظ الاسد جون سموريون ڪوششون رائگان ويون.
شھيد ڀٽي جي اعتماد جرئت ۽ ذھانت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن هو 1963ع ۾ وائيٽ ھائوس آمريڪا ۾ آمريڪا جي ان وقت جي صدر جان ايف ڪينيڊي جي قتل کان هڪ مهينو اڳ ساڻس مليو هو ته ڪينيڊي سندس قيادت ۽ ذھانت کان سخت متاثر ٿي چيو هو ته جيڪڏهن تون آمريڪي هجين ها ته منهنجي ڪابينا جو وزير هجين ها، جنهن تي ڀٽي صاحب جرئت منديءَ سان جواب ڏيندي چيو ته جيڪڏهن مان آمريڪي هجان ها ته آمريڪا جو صدر هجان ها، جنهن تي ٻنهي وڏا ٽهڪ ڏنا. ڀٽي کي ملڪ جي جاگيردار طبقي ۽ عالمي طاقتن ڪڏهن به پسند نه ڪيو. ڇو ته اعتماد، جرئت مندي ۽ ذھانت واري طوفان جي سوچ رکندڙ غريبن ۽ مظلوم طبقي جي ڀرجهلي سنڌ ڄائي شھيد ڀٽي کان اهڙو خوف ٿيو جنهن ملڪ جي وڏيرن، ڀوتارن ۽ دنيا جي يورپي ملڪن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون ۽ ڀٽي ملڪ جي وڏيرن ڀوتارن ۽ اسٽيبلشمنٽ سان گڏ دنيا جي ترقي يافته ملڪن کي للڪارڻ کان نه ڪيٻايو جنهن سبب هو سندس جاني دشمن بڻجي ويا.
1965ع جي پاڪ – ڀارت جنگ دوران ڀٽو پاڪستان جو پرڏيهي وزير هو ۽ ڀارت سان فيصلائتي جنگ جاري هئي ته ان وقت جي فوجي صدر جنرل محمد ايوب خان شملا ٺاهه تي صحيحون ڪيون ۽ جنگ بندي ٿي پر ڀٽو ان ٺاهه جو مخالف هو ۽ ان وقت جي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽي تاشقند گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ کي پاڪستان جي نمائندي جي حيثيت ۾ جذباتي انداز ۾خطاب ڪندي انڊيا سان سو سال تائين جنگ ڪرڻ والاريل ڪشمير کي آزاد ڪرائڻ جو وچن ڪندي پيپر ڦاڙي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو، جيڪا ڳالهه آمريڪا سان گڏ صدر ايوب کي خراب لڳي ۽ ڀٽي صاحب پنهنجي وزارت تان استعيفا ڏئي جنرل ايوب خان خلاف هلچل ۽ سول نافرماني تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ته ان دوران جنرل ايوب خان خلاف عوامي هلچل شروع ٿي وئي جنهن جي قيادت شاگردن ڪئي ۽ پ پ قائد شھيد ذوالفقار علي ڀٽي 1968ع ۾ پاڪستان جي صدر جنرل ايوب خان خلاف ھلايل ان احتجاجي تحريڪ ۾ سنڌ جي عوام خاص طور تي ميھڙ ڪي اين شاهه تعلقن جي شاگردن ڀرپور حصو ورتو ھو. ان کان پوءِ شھيد ڀٽي جي ڦاسي خلاف پڻ دادو ضلعي، خاص طور ڪي اين شاهه، ميھڙ ۽ راڌڻ ۾ سخت احتجاج ٿيا هئا. ھتان جي نوجوانن شاگردن سخت احتجاج ڪيا جيل ڀريا ضياءَ مارشل لا دوران ايم آر ڊي دوران پڻ ھتان جي عوام احتجاج ڪيا. ڪي اين شاهه ميھڙ راڌڻ ۾ جيل ڀريو تحريڪ ۾ حصو وٺي جيل ڀريا ان دوران ميھڙ راڌڻ ڪي اين شاهه ۾ فوج طرفان وڳوڙن کي روڪڻ لاءِ ڪرفيو پڻ لڳا پر ان ھوندي به عوام ۽ شاگردن جدوجهد جاري رکي ايم آر ڊي دوران ڪي اين شاهه ۾ نوجوانن احتجاج دوران پنهنجي سينن ۾ فوجي جنتا جون گوليون ٿڌيون ڪري شھادت ماڻي پر ڏک جي ڳالهه اھا آهي ته سنڌ ۾ پ پ جي پندرھن سورھن سالن واري اقتدار دوران ٻنھي تعلقن جو عوام ۽ جدوجهد جي علامت بڻيل پ پ ڪارڪن نظرانداز آهن.
مارشل لا جھڙي ڏکي دور ۾ جدوجهد جي علامت بڻيل پ پ جا بنيادي ڪارڪن جن پنهنجي جوڀن جواني پ پ جي تحريڪن ۽ ڀٽو ازم خاطر جيلن جون تڪليفون ڪاٽڻ ۾ گذاري، اڄ به سورن ۾ آهن. بنيادي مسئٔلن جي حل ۽ نوڪرين کان محروم آهن ۽ پيرين پنڌ گھمي رھيا آهن. جڏهن ته پ پ جي قيادت کي پڻ کاٽائو پٽ کپن ۽ اھي پڻ مال ٺاھڻ جي چڪر ۾ پ پ جي نظرياتي ۽ قربانيون ڏيندڙ ڪارڪنن جي واھر ڪرڻ کان ڪن لاٽار ڪري خاموش تماشائٔي بڻيل آهن. انھن کي کاٽائو پٽ لوٽا وڌيڪ پيارا آهن. تازو جيڪا ٻوڏ آئٔي، ان ميھڙ ۽ ڪي اين شاهه تعلقن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. جڏهن ته پوري دنيا مان حڪمرانن کي اربين رپين جون امدادون مليون، راشن جون ٽرينون ۽ جھاز ڀرجي آيا پر انهن مان ميھڙ ۽ ڪي اين شاهه جي تعلقن جي متاثرن کي ڪجهه به نه مليو ۽ امدادي سامان ڊپٽي ڪمشنرن، اسيمبلي ميمبرن ۽ اھم عھديدارن جي گھرن ڪارخانن اوطاقن ۽ گدامن ۾ سڙندو رھيو پر متاثرن کي نه مليو جڏهن ته رات جي اونداهيءَ ۾ ڪجهه پنهنجي من پسندن ۽ واٺن کي پڻ ڏيندا رھيا ۽ ٻوڏ متاثر ان کان محروم رھيا. وڏي ڏک جي اھا ڳالهه آهي ته ايم آر ڊي دوران فوجي جنتا جي گولين جو کاڄ بڻيل پ پ جي جوڌن جي شھر ڪي اين شاهه کي سنڌ جي وڏي وزير پ پ جي چونڊيل نمائٔندن، وڏيرن ۽ ڀوتارن پنهنجون زمينون ۽ فش فارم بچائٔڻ خاطر ھٿ سان ڪٽ ڏئي ٻوڙائٔي تباهه ڪيو پر انھن جي ڪابه واھر ڪا نه ڪئٔي.
پ پ حڪومت ۾ اقتدار جا مزا ماڻيندڙ پ پ جا چونڊيل نمائٔندا، اقتدار ڌڻي ھڪ ظالم بيوفا محبوب وانگر اوھان به کين ڏکن جي سمنڊ ۾ بي يار مددگار ڇڏي فرار ٿي ويا. پ پ قيادت پڻ خاموش تماشائٔي بڻيل رھي. ياد رکو خدا جي لٺ بي آواز آهي. اهي ڪارڪن جيڪي پ پ ۽ پنهنجي شهيد اڳواڻ لاءِ سر گهورڻ لاءِ تيار رهندا هئا، انهن جي واهر نه ڪرڻ ساڻن نا انصافي آهي. پ پ جا اهي ڪارڪن اڄ به شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي ياد ڪن ٿا ۽ ان جي ڏسيل واٽ تي هلي رهيا آهن پر هاڻوڪي پ پ قيادت رڳو اقتدار جا مزا ماڻي رهي آهي، جڏهن ته حقيقي پيپلز پارٽيءَ جو وجود انهن ڪارڪنن کان سواءِ ممڪن ڪونهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button