هو جيڪو ديس جو اهڙو جادو جنتر هو جنهن جي لفظ لفظ ۾ بارود جا شعلا هئا، جنهن جي لفظ لفظ ۾ معصوم ادا هئي ۽ جنهن جي لفظ لفظ ۾ صدين جي ڪا اهڙي صدا هئي جنهن تي ماڻهو ماڻهو فدا ٿيڻ ٿي چاهيو. ان وقت جي ٿر جهڙي پوئتي پيل علائقي کي عام معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ ضرورتمند عام شهرين ۾ ريڊيو ورهائيندڙ قائد عوام، لڙوگي؟ لڙينگي، مروگي؟ مرينگي”: هي ٻه نعرا شهيد ذوالفقار علي ڀٽي عوامي سمنڊ سان ٽمٽار هڪ عوامي جلسي ۾ عوام کان واعدي طور ورتا هيا ۽ موٽ ۾ ان ئي جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ عوام پاران ڀرپور موٽ سان ان جو هاڪاري جواب ڏنو.
ذوالفقار ڀٽو، شعور سنڀالڻ کان وٺي ڳڙهي خدا بخش جي مٽيءَ ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿيڻ تائين هن جي سموري زندگي جو هڪ هڪ ڏينهن هڪ عظيم داستان رقم ڪري ويو آهي. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو بنياد رکڻ وقت شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دل ۾ ڪجهه خيال ۽ خواب ضرور آيا هوندا ته عوام جي نالي سان قائم ڪندڙ ان پارٽيءَ ۾ عوام جي شموليت کي ڪيئن يقيني بڻائجي روٽي ڪپڙا اور مڪان جي نعري ۽ ملڪ جي پڙهيل لکيل ۽ نظرياتي قيادت جي پيپلزپارٽي ۾ شموليت ۽ وقت جي آمرن سان کليل جنگ ۽ عوام جي طاقت جي ڏڍ سبب ذوالفقار علي ڀٽي عوام جي واڌ ويجهه ۽ ملڪي بهتريءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ شروع ڪئي هن جي طلسماتي شخصيت ۽ جهر جهنگ ۾ عوام وٽ پهچڻ ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو ان وقت جي آمر پاران سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ ڦاهي چاڙهڻ کان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي آمرن خلاف ڪيل ملڪي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي جدوجهد ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڪارڪنن هزارين قربانيون ڪن قيد جون عقوبتون سٺيون ته ڪن وري جلاوطني، ڪن موت جي ڦاهيءَ کي چميو ته ڪن وري پنهنجي سينن تي گوليون کاڌيون ۽ ڀٽي صاحب جي مٿين نعري ۽ ان جي موٽ ۾ ڪيل واعدي تي پنهنجي ثابت قدم هجڻ جو ثبوت ڏنو. “مون کي ڪوبہ جلاوطن نٿو ڪري سگھي، مان ھن مٽيءَ جي پيدائش آھيان ۽ ھتي ئي دفن ٿيڻ پسند ڪندس” جا جملا اچاريندڙ 5 جنوري 1928 ۾ مٺن زيتونن جي سرسبز باغن جي وچ ۾ اک کوليندڙ ذوالفقار علي ڀٽو کي تعليم ۽ سياسي تربيت جو آغاز ڪجهه اهڙي طرح ٿيو ته المرتضيٰ هائوس جي فضا ۾ ان کي ٻڌايو ويو ته ڊڄڻو صرف خدا جي ذات کان آهي باقي دنيا جي فرعونن ۽ نمرودن سان وڙهي عوام جا حق بازياب ڪرائڻا آهن. سنڌ، ڪئليفورنيا يونيورسٽي، برڪلي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ۽ لنڪنز انورڊ ۾ بارسٽر جي حيثيت سان تربيت حاصل ڪندڙ ڀٽي صاحب ننڍي عمر ۾ قائد اعظم سان خطن ذريعي، اعليٰ تعليم جي حاصلات سان گڏو گڏ دنيا جي معيشت ۽ سياست جي لاهن چاڙهن کي به معلوم ڪيو. هن سوشلزم ۽ جمهوريت جا راز کوليا ۽ ننڍي عمر ۾ جڏهن ان سياسي بلوغت حاصل ڪئي تڏهن کان وٺي هن عملي طور تي عوام سان اڻٽٽ رشتو جوڙيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوامي طبقن مزدورن، صحافين، وڪيلن، استادن، پروفيسرن، شاگردن، هنرمندن ۽ قلم ڌڻين جي تمام ويجهو رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جهڙي مضبوط طاقت کي اڃا به وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ پهريون ڀيرو سياست کي ايئرڪنڊيشن ايوانن مان ڪڍي عوام جي جهوپڙين تائين پهچايو. هن انساني حقن مرد، عورتن ۽ اقليتن جي مسئلن، تعليم، صحت ۽ زراعت جي ترقي تي خاص ڌيان ڏياريو. ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، جنگي قيدين کي ڀارت جي چنگل مان آزاد ڪرايو. وطن کي آئين جو تحفو ڏنو. اسلامي ملڪن جي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪئي. ٻهراڙي جي آبادي کي مراعتن، تعليم، صحت ۽ روزگار جي ذريعي موقعا فراهم ڪيا. سندس هر تقرير ۾ غريبن ۽ مسڪينن جي ڳالهه ڪيل هوندي هئي يعني هارين توڙي مزدورن جو ذڪر لازمي هوندو هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي هر تقرير ۾ غريب عوام کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته عوام ئي طاقت جو اصل سرچشمو آهي. دوست توڙي دشمن اها ڳالهھ ضرور مڃيندا ته عوام ۾ سياسي سجاڳيءَ وارو انقلاب صرف ۽ صرف شهيد ڀٽي جي ڪوششن جو نتيجو آهي نه ته ان کان اڳ، عوام سياست ۾ سرگرم حصو ڪونه وٺندو هو ۽ نه ئي اميدوار عوام ۾ اچي ڳالهائڻ پسند ڪندا هئا جڏهن ته ماڻهن جي، ووٽن وجھڻ ۾ ڪا خاص دلچسپي به ڪانه هوندي هئي، ٻين جا ڪوڙا ووٽ وجھڻ جو ته عام رواج هوندو هو. پوءِ، شهيد ڀٽي سياسي سجاڳي وارو طوفان ملڪ اندر آندو جيڪو ڏسنديَ ڏسنديَ ساري ملڪ اندر ڇانئجي ويو جڏهن ته غريبن، هارين ۽ پورهيتن کي احساس ٿيو ته هو پنهنجي قسمت ووٽن ذريعي بدلائي سگھن ٿا.
زيڊ اي ڀٽو هڪ عوامي شخص ۽ عوامي ليدر هو (اها ڀٽي خاندان جي وڏي خوبي آهي جو هن خاندان جا ماڻهون هميشه عوام سان رهندا آهن پو ڇو نه موت اچي ورائي محترمه جي شهادت به عوام جي وچ ۾ ٿي.) ڀٽو صاحب عوام سان هميشه عوامي ٻولي ۽ عوامي انداز سان ڳالهائيندو هو. ۽ انهن ۾ رلي ملي ويندو هو ۽ هر ماڻهو کي ائين محسوس ٿيندو هو ته اسان جو ڪو پنهنجو گهر جو ڀاتي آهي. اهو شايد ڀٽي صاحب جو ڀاڳ چئبو جو مرد عورتون ننڍا وڏا پوڙها ۽ ٻار کيس ساڳي محبت سان ياد ڪندا آهن، قائد عوام جا جلوس جلسا ۽ عوام جو سمنڊ شايد ڀٽو صاحب اهو پهريون ليڊر هو جنهن جا ايڏا وڏا جلوس جلسه ٿيندا هئا ۽ ڀٽي صاحب جي جلسي ۾ عوام جو سمنڊ نظر ايندو هو.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي 22 سال گذري چڪا آهن پر شهيد ڀٽي جي محبت ۾ ڪابه ڪمي ناهي آئي، جڏهن ته آمر ضياءَ کي ماڻهو خراب نالن سان ياد ڪندا آهن. آمر ضياءَ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي جي تختي تي چاڙهي وڏو ظلم ڪيو پر سڀ کان وڌيڪ ظلم اهو ڪيو ويو جو ڀٽي صاحب جي وارثن يعني مرحوم بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو شهيد سميت ڀٽو خاندان جي ڪنهن به فرد کي ڀٽي صاحب جو آخري ديدار نه ڪرايو ويو. بهرحال الله تعاليٰ وٽ به انصاف آهي. جڏهن 17 آگسٽ 1988ع تي آمر ضياءُ جو جهاز تباهه ٿيو ته هن جا هڏا به مالڪن کي نه مليا. جڏهن سندس مبينا تابوت کي ان جي گهر وارن جي سامهون رکيو ويو ته ان جا وارث فقط روئيندا ۽ پٽيندا رهيا، پر ان جو آخري ديداربہ ڪري نه سگهيا. ڇاڪاڻ ته قدرت ان جو اهڙو حشر ڪري ڇڏيو جو ڪوبه شخص ان جي “ميت” کي ڏسڻ لاءِ تيار نه هو.
ڪاش! تاريخ 4 اپريل 1979ع تي رياستي دهشتگردي جو نوٽيس ورتو وڃي ها ۽ قاتلن کي سرعام سزا ڏني وڃي ها ته شايد اسان جي قوم کي ايترو ناقابل تلافي نقصان نه پهچي ها.