ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پگهار کان محروم پوليس اهلڪار

Editorial

سنڌ ۾ ڪئين اهڙا ادارا آهن، جتي مطالبن جي مڃتا لاءِ ملازمن جي احتجاج جو سلسلو جاري رهندو آهي، جنهن جو اهم ترين سبب انتظامي نا اهلي آهي. ڪنهن به اداري ۾ جڏهن نيون ڀرتيون ڪيون وينديون آهن ته ان لاءِ بجيٽ رکي ويندي آهي، اها بجيٽ ملازمن جي پگهار ۽ انهن کي ملندڙ مراعتن لاءِ رکي ويندي آهي. پر جيڪڏهن ڪنهن اداري جي ملازمن کي پگهار ڏيڻ لاءِ پئسا به نه آهن ته ان اداري ۾ ڀرتيون ڪرڻ اجائي ڳالهه آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪيترائي سرڪار ادارا بحران جو شڪار لڳا پيا آهن ۽ پنهنجن ملازمن کي پگهار به نٿا ڏئي سگهن. پوليس کاتي ۾ اهڙي حالت لڳي پئي آهي. جنهنڪري عورت پوليس اهلڪارن کي پريشانيءَ مان گذرڻو پيو پوي. جڏهن ته سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اها انهن اهلڪارن کي وقت سر پگهار ڏئي ۽ ڪنهن به ريت ڪن لاٽار نه ڪري. ڪالهه جيڪا خبر رپورٽ ٿي آهي، ان ۾ پگهار کان محروم عورت پوليس اهلڪارن جو انگ بنهه گهڻو آهي. جيڪي گذريل ڇهن مهينن کان بنا پگهار جي پنهنجا فرض نڀائي رهيون آهن. ڪوبه ملازم نوڪري ان ڪري ڪندو آهي ته جيئن ان جون معاشي حالتون بهتر ٿي سگهن. ان کي هر مهيني پگهار ملندو رهي پر جڏهن ادارو انهن جي واهر نه ڪندو آهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته اهو پنهنجن ملازمن کي پنهنجو نٿو سمجهي.
دادو ۾ ڀرتي ٿيل عورت پوليس اهلڪارن جون گذريل 6 مهينن کان پگهار نه ٿي سگهيو آهي، جنهنڪري اهي فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويون آهن. پگهار لاءِ ٽريزري عملدارن پوليس اهلڪارن کان مبينا رشوت طلب ڪري ورتي آهي. عورت پوليس اهلڪارن آءِ جي سنڌ کي شڪايتي خط اماڻي رشوت طلب ڪندڙ ڪامورن خلاف ڪارروائي ۽ پگهار جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. خبر موجب دادو ۾ ڀرتي ٿيل عورت پوليس اهلڪارن جو گذريل 6 مهينن کان پگهار نه ٿيڻ سبب سندن خاندان فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. پگهار لاءِ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر محمد حسن چنگيزي پٺاڻ ۽ آڊيٽر سليم پنهور پاران مبينا رشوت طلب ڪرڻ تي عورت پوليس اهلڪارن آءِ جي سنڌ کي خط لکي رشوت وٺندڙ ڪامورن خلاف ڪارروائي ۽ پگهار جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته گذريل 6 مهينن کان پوليس هيڊڪوارٽر، نادرا آفيس، ايس ايس پي آفيس، وومين ٿاڻو، يونيورسٽي ڪئمپس سميت مختلف هنڌن تي ڊيوٽيون سرانجام ڏئي رهيون آهيون. پگهار نه ٿيڻ سبب سندن خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هنن چيو ته دادو ضلعي ۾ ڀرتي ٿيل 93 عورت پوليس اهلڪارن جا ايف او ون فارم گذريل ٽن مهينن کان ٽريزري آفيس ۾ پيل آهن. پگهار جاري ڪرڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر محمد حسن چنگيزي ۽ آڊيٽر سليم پنهور رشوت طلب ڪري رهيو آهي. رشوت نه ڏيڻ تي رلايو پيو وڃي. ڀرتي ٿيل عورت پوليس اهلڪارن لاءِ سموري بجيٽ اڳواٽ ئي رکيل هوندي ڇاڪاڻ ته ڪنهن به اداري ۾ جڏهن جايون خالي هونديون آهن ته انهن کي ڀرڻ لاءِ هڪ پورو لائحه عمل جوڙيو ويندو آهي ۽ اهڙي ريت هر سال جي بجيٽ هر اداري لاءِ رکي ويندي آهي پر جيڪڏهن ڪنهن اداري ۾ ملازمن کي پگهار نه ملي رهيو آهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته ڪٿي ڪا ڪوتاهي ٿي رهي آهي، جنهن جي جاچ ڪرڻ لازمي آهي. ڇاڪاڻ ته اهو ٿي ئي نٿو سگهي جو ملازمن لاءِ رکيل پئسا انهن کي پگهار جي مد ۾ نه ڏنا وڃن.

اسين سمجهون ٿا ته هي هڪ اهم معاملو آهي، جنهن کي وقت سر حل ڪرڻ ضروري آهي. عورت پوليس اهلڪار جيڪي پنهنجا فرض ايمانداريءَ سان نڀائي رهيون آهن ۽ اهي ان ۾ ڪا ڪوتاهي به نٿيون ڪن ته انهن کي هر مهيني پگهار جاري ڪرڻ لازمي آهي. آءِ جي پوليس سنڌ کي ان معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ترت ئي اهلڪارن جو پگهار جاري ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي مالي پريشانين کان بچي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button