سنڌ

ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار ڀٽو جي ورسي تقريب، قرآن خواني

پهرين چونڊيل وزير اعظم ۽ پيپلز پارٽي جي باني قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44 هين ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ورسي جي موقعي تي پ پ ضلعي لاڙڪاڻي پاران ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ قرآن خواني ڪئي وئي، جنهن ۾ پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، ايم اين اي نصيبان چنه، پ پ اڳواڻ اعجاز احمد لغاري، خير محمد شيخ، نثار مراد ڀٽو، منصور سومرو، اسد الله ڀٽو، عبدالخالق ڀٽو، ضمير سولنگي، سيف الله ابڙو، سليم منگي، بشير ڀٽو، منظور خاصخيلي، طالب جروار ۽ ٻيا شريڪ هئا. قرآن خواني ڪرڻ بعد اجتماعي دعا گهري وئي، جنهن بعد ڪارڪنن جي وڏي انگ قائد عوام شهيد ذوالفقار ڀٽو، شهيد راڻي بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گل رکي فاتحه خواني ڪري خراج عقيدت پيش ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button