
سچل سرمست به ان راهه جو راھي آھي جنهن تي صوفي شاهه عنايت شهيد، شاھه ڪريم بلڙي وارو ۽ شاھه عبدالطيف پٽائي رحه گامزن ھئا، انهن سڀني تصوف جون رمزون پنهنجي مام ۾ چيون آھن پر حضرت سچل سرمست ھڪ ڳالھه ۾ انهن سڀني کان مختلف آھي ته هن اهي بنا ڪنهن رک رکاءَ جي وڏي واقعي چئي ڏنيون آھن، حضرت شاهھ عبدالطيف پٽائي رحه پيشنگوئي ڪئي ھئي ته جيڪا ڪُني اسان چاڙھي آھي اُن جو ڍَڪَڻُ سچل سرمست لاھيندو پر جڏھن ڍڪڻ لاھڻ جو وقت آيو ته حضرت سچل سرمست نه صرف ڍڪڻ لاٿو پر ڪُني به ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏي تصوف جي نشي ۾ ايترو ته مست ٿي ويو جو هن خلاف ڪافر ھئڻ جون فتوائون جاري ڪيون ويون ھيون.
درازن جي دُولھه عظيم صوفي بزرگ حضرت سچل سرمست جنهن کي هفت زبان يعني ستن ٻولين وارو شاعر چيو ويندو آھي، ان سنڌ ۾ صوفي ازم ۽ تصوف جي شاعري ذريعي پرچار، اپٽار، ڇيد ۽ وضاحت تمام سٺي سهڻي ۽ بهادراڻا انداز ۾ ڪئي آهي. هونئن ته سنڌ ۾ صوفي ازم جو سڄو سهرو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي طرف وڃي ٿو پر ان پنهنجو مؤقف ويڙهي بيان ڪيو آهي. پر سچل سرمست پنهنجو پيغام کلي عام ۽ چٽي نموني سان بيان ڪيو آهي. جيئن “جنهن دل پيتا عشق دا جام، سا دل مست و مست مدام” يا وري “آئون جوئي آهيان، سو ئي آهيان” جهڙيون سٽون جنهن انداز ۾ چيون آهن، اهو حضرت سچل سرمست جو ئي ڪمال آهي. سنڌ ۾ شاهه عنايت شهيد، بيدل، بيڪس، چيزل، محمد فقير کٽياڻ، فقير ولي محمد لغاري ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن صوفي ازم جي تمام بهترين پرچار ۽ تبليغ پڻ ڪئي آهي. پر جهڙي نموني سچل سائين صوفي ازم کي پنهنجو آئيڊيل ۽ مقصد بڻائي پرچار ڪئي آهي، اهڙو ٻئي ڪنهن سنڌ ۾ نه ڪيو آهي، سندس شاعري جيڪا تقريبن سڄي صوفي ازم تي مبني آهي، جيڪا ستن ٻولين ۾ شامل آھي جن ۾ سنڌي، سرائڪي، اردو، فارسي، عربي ۽ ٻيون ٻوليون شامل آهن، سنڌ جا تقريبن سڀئي شاعر صوفي ازم جا پوئلڳ ۽ پرچارڪ رهيا آهن پر جنهن انداز سان سچل سرمست مُلائيت جو مقابلو ڪيو آهي، جنهن نموني سان هن رجعت پرستيءَ ۽ انتهاپسنديءَ کي ننديو آهي، اهڙيءَ ريت ٻئي ڪنهن به شاعر مزاحمت نه ڪئي آهي.
مَاٺِ ڪَيان ته مُشِرَڪ ٿيان، ڪڇان ته ڪافر،
انهيءَ وائي وَرِ سمجهي ڪو سَچُو چئي.
سچل سرمست ضلعي خيرپور ميرس جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ “درازا” شريف ۾ ميان صلاح الدين فاروقي جي گهر ۾ سنہ 1152 ھجري (1739ع) ۾ اک کولي سندس اصل نالو عبدالوھاب ھو. ننڍپڻ کان وٺي پاڻ سچ کي سچ ۽ ڪوڙ کي ڪوڙ چيو ۽ سچ ڳالهائڻ جي ڪري کيس مٽ مائٽ اوڙي پاڙي جا سڀ ننڍا توڙي وڏا ماڻهو ۽ بزرگ کيس “سچو” ۽ “سچيڏنو” ڪري سڏيندا هئا ۽ پوءِ انهيءَ نالي سان مشهور ٿيڻ لڳو، حضرت سچل سرمست ميان صلاح دين فاروقي جو اڪيلو فرزند ھو، ڇهن سالن جي ڄمار ۾ پيءُ جي پيار واري شفقت کان محروم ٿي ويو، جنهن کان پو چاچي ميان خواجہ عبدالحق فاروقي جي تربيت ھيٺ رھي ڪري روحاني فيض پرايو. ھيءُ حافظ قرآن سان گڏوگڏ عربي و فارسيءَ جو عالم پڻ هيو، هڪ روايت موجب حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحہ ڪنهن ڪم سانگي درازا شريف ۾ آيو ھو، تڏهن سچل سرمست اڃان ٻالڪ هو، شاهه صاحب ڏسي کيس چيو ته “هيءُ نينگر اسان جي چاڙهيل ڪنيءَ جو ڍڪڻ لاهيندو” وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اڳتي هلي سچل سائين اها ڳالهه سچ ثابت ڪري ڏيکاري ۽ پاڻ “هفت زبان” شاعر سڏجڻ لڳو، “ھفت زبان” مان مراد ست زبانون ڄاڻيندڙ ھن هڪ ئي وقت سنڌي، ھندي، عربي، فارسي، سرائيڪي، پنجابي ۽ اُردو زبانن ۾ شاعري پڻ ڪئي آھي تاريخ ۾ ھن جي ھڪ لک ڇٽيهھ ھزار ڇھه سئو ڇهن شعرن تي مشتمل شاعري ملي ٿي. پاڻ شاعر کان علاوہ صوفي درويش پڻ ھو ۽ پاڻ روزي نماز ۽ شريعت جو پڻ پابند ۽ پاڻ انسانيت جو علمبردار ۽ انسان دوست ٿي ڪري زندگي وقف ڪئي آھي.
سچل سرمست سنڌ جي صوفي شاعرن جو امين آھي جنهن جو فيض ايترو ته وسيع آھي جنهن منجهان اڄ به اڃيارا پنهنجي اُڃ اوجهائي رھيا آھن، موجوده دور ۾ جتي دنيا بارود جي ڍير ٿي بيٺي آھي ۽ ھر پاسي حسد، ڪينو ۽ نفرت پکڙيل آھي انهيءَ حالات ۾ سچل جو فڪر سنڌ سميت دنيا جي ماڻهن لا پيار، محبت ۽ ڀائيچاري جو وڏو سبب آھي، ھن ڌرتيءَ جو خمير امن ۽ آشتيءَ وارو رھيو آھي انهيءَ ڪري ھيءُ خطو صوفي فڪر ۽ روايتن سان مالا مال پڻ رھيو آھي.
سچل انسان ۽ سندس عظمت کي افضل سمجهيو آھي ۽ انسانذات کي به اھو ئي درس ڏنو آھي ته انسان افضل آھي، غم سهي ڇڏيو، غم کائي ڇڏيو ۽ غم کي پي ڇڏيو پر انسانيت کي ڪڏھن بہ نہ ايذايو ۽ پنهنجي محبوب کي ڳولهيو عشق کانسواءِ ڪجھه بہ نہ آھي.
قرب، پيار ۽ محبت جي ڪا به حد مقرر ناهي ھوندي ڇو ته انسان جڏهن قرب جي تانگهھ ۾ پوي ٿو ته تڏهن پاڻ کي مرڪز جي چوڌاري گهمندي محسوس ڪري ٿو.
جيئن لطيف سائين فرمايو آھي ته،
پنهون پنهون ٿي ڪريان، آئون پنهون پڻ پاڻ،
اديون ٿيس اڄاڻ، جو ڪين پروڙيون پاڻ کي.
جڏھن سنڌ تي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي حڪومت ھئي ۽ ان وقت ۾ مذھبي انتهاپسندي عروج تي ھئي ۽ انهن ڏکين ڏينهن ۾ سچل سرمست پنهنجي زندگي گذاري رھيو ھو ۽ چئني طرفن کان مذھبي نفرت ڏسي سچل سائين چيو ھو تہ،
“مذھبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،
شيخي پيري بزرگي بيحد ڀلايا،
ڪي نوڙي نمازون پڙھن ڪن مندر وسايا،
اوڏا ڪين آيا، عقل وارا عشق جي”
سچل سائين جيڪو پاڻ وڏو عالم ھيو ان جو پيغام ڪنهن به مذھب خلاف نه ھيو پر انسان دوست رجحانن کي ھٿي وٺرائڻ ۽ انسانن جي وچ مان وڇوٽيون ختم ڪرڻ لاءِ ھڪ عالمي درس انسانيت آھي، ھن طرح جي گروپ بندي يا فرقي پرستي کي ختم ڪرڻ لاءِ مذھبي رواداري ۽ ھيڪڙائي جو سبق سيکاريو آھي جيڪو ماڻهو ھڪ جو قائل ھوندو اھو سڀني سان محبت ڪندو.
سنڌ صوفي بزرگن جي سرزمين رھي آھي جنهن تي ھميشه حق ۽ سچ جو آواز بڻجي مانجهي مرد مجاهدن انساني آزاديءَ سميت حق ۽ سچ جو درس ڏيڻ سان گڏوگڏ مظلوم ماروئڙن جي عزت ۽ آجپي لاءِ سموري زندگي وقف ڪئي آھي پر ڏاڍ، جبر، بربريت، ظلم جي آڏو ڪين جهڪيا آھن.
سنڌ جي فقير صفت انسانن، درويشن ۽ صوفي بزرگن پنهنجي درس ۽ شاعريءَ جي ذريعي پوري دنيا ۾ وحدت الوجود، هيڪڙائيءَ ۽ انسان دوستيءَ جي پرچار سان گڏوگڏ قومي يڪجهتيءَ جي تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ ان وقت جي خدائون، جابرن ۽ سامراجين جي رستا روڪ ڪندي پنهنجي فڪري لاٽ سان عوام جي شعور کي بيدار ڪيو آهي. سچل عشق، محبت ۽ انساني آزاديءَ جو علمبردار، امن ۽ اتحاد جو پيامبر، وحدت الوجود جو درس ڏيندڙ سچو ۽ کرو عالم ھيو.
سنڌ جي صوفي بزرگن انسان دوستي ۽ رواداري تي ايمان رکيو آھي ۽ ھميشه مذھبي رواداري کان ڪم ورتو آھي. ھر وقت انهن جي اھا ڪوشش رھي آھي تہ انهن معاملن، مسئلن ۽ جهڳڙن کان مٿانهون رھي ڪري انسان ذات جي خدمت ڪئي وڃي ۽ ائين ئي سچل ڪري ڏيکاريو آھي.
سچل سرمست ان وقت جي سامراج سان بغاوت ڪري اھڙي ته شاعري ڪئي جنهن سان جهالت واري اونداھي کي شڪست آئي ۽ ھر طرف حق ۽ سچ جي روشنيءَ جون لاٽون ٻري پيون ھيون ۽ ڀليل ماڻهن کي سڌي راهه ڏيکارڻ جي لاءِ لازوال جدوجهد پڻ ڪئي.
سچل سنڌ جي سرزمين جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ توحيد جو پيغام پهچائي روحانيت جي سڳنڌ ۽ سرھاڻ سان سرھو ڪري ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کي معرفت جي رنگ ۾ ريٽو ڪري چوڏھن رمضان سنہ 1242 ھجري، 11 اپريل (1827ع) تي 90 ورھين جي ڄمار ۾ وصال ڪيو انهيءَ تاريخ تي ھر سال درگاھه تي”عرس” ميلو لڳندو آھي ۽ سڄي دنيا جي مختلف ملڪن مان هن سان پيار ڪندڙ ۽ پانڌيئڙا اچي سڪ جو سلام ڀريندا آھن، سندس مقبرو درازا شريف ۾ موجود آھي ۽ مقبرو ان وقت جي خيرپور ميرس جي والي مير رستم خان 1440 ھجري ۾ تعمير ڪرايو ھو. جڏھن ته موجوده وقت ۾ درگاهھ بنيادي سهولتن کان بلڪل محروم ٿي چڪي آھي ۽ ان طرف ڪير به ڌيان ڏيڻ لا تيار ئي ناھي ۽ نه ئي ڪنهن کي ڪا ڳڻتي آھي.
درازن جي دُولھه عظيم صوفي بزرگ حضرت سچل سرمست جي فڪر مان انسانيت سان محبت، پيار، ڀائيچاري ۽ امن جو درس ملي ٿو. سچل سائين امن جو پارکو هيو جنهن جي ڏنل درس کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي موجوده صورتحال جتي مذهبي انتهاپسندي ڳڙهه بڻيل آهي، اتي سچل سائين جي پيغام کي عام ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.