ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

موت جو سوداگر

Editorial-Article- Fareeda

فريڊا بيرنگٽن (Frida Berrington) چوي ٿو ته آمريڪا ٻئي سامان ۽ تفريح سان گڏ هٿيارن جو به اربين رپين جو ڪاروبار ڪندو آهي، جنهن تي سندس صنعت ۽ معاشي دارومدار آهي. هٿيارن جي ڪاروبار جي ٻاهرين کپت تي ڀاڙيندو آهي. 2005ع ۾ آمريڪا 18 ڏهائي 55 ارب رپين جو هٿيارن جو ڪاروبار ڪيو، جنهن ۾ جنگي جهاز، هليڪاپٽر، جنگي ٽينڪ، جنگي بحري جهاز ۽ ٻيو سامان شامل هو. اسان جو خيال آهي ته 2006ع ۾ ٻاهرين واپار سئو ڀيرا وڌي ويندي. هالي ووڊ فلمون، ٽي وي موسيقي ۽ ٻي معاشي آمد کان هي ڪاروبار تمام گهڻو آهي ۽ ڪو به ملڪ اسان جي هن ڪاروبار جو مقابلو نٿو ڪري سگهي. ان کانسواءِ ٻيو سڀ کان وڏو هٿيارن جو واپاري روس آهي جنهن جي چار ارب رپين جي هٿيارن جي کپت ٿي آهي. دراصل عالمي منڊي ۾ روس جي هٿيارن جي کپت آمريڪا جي اڌ برابر آهي. جيترا آمريڪا هٿيار کپائيندو آهي، ان جو اڌ حصو روس به کپائيندو آهي. 2004ع ۾ عالمي منڊي ۾ 34 ڏهائي 5 بلين ڊالر جي هٿيارن جو سودو ٿيو، جيڪو 6 ملڪن جي بجيٽ جيترو آهي.
البت ڏکڻ ايشيا جون حالتون خراب آهن، انهن جون دشمنيون رسوا ۽ خوار ڪھاڻين جيان مئگزين ۽ رسالن جون زينت بڻيل آهن. هٿيارن جو ڪاروبار ڪرڻ جي خواهش جارج بش جي هئي جنهن جو ان ڪاروبار ۾ اهو ڪردار هو جو ڪير پنهنجي محبوب سان گڏ پنهنجي زال کي به هڪڙي ڇت جي هيٺان رهائي ۽ انهن کي پنهنجي هٿان وڃڻ به نه ڏئي.
جڏهن آمريڪا 36 ايف 16 ويڙهاڪ جهاز پاڪستان کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ته هندستان جي حڪومت جي بتي ٻري پئي. هندستان جي وزيراعظم من موهن سنگهه، صدر بش کي چيو ته مون کي هڪ ڳالهه جي ڏاڍي مايوسي ٿي آهي جو توهان ويڙهاڪ جهاز پاڪستان کي ڏنا آهن. ان جو اهو سخت ردعمل ان جي ڪري هو جو هندستان پنهنجو پاڻ کي آمريڪا جو وڏو اتحادي سمجهندو هو. پر آمريڪا جو ان ۾ وڏو فائدو هو، جڏهن آمريڪا هندستان جو رويو ڏٺو ته ان جي بک وڌي وئي اها بک عالمي منڊيءَ جي ڪاروبار جي هئي.
بهرحال جڏهن صدر بش ۽ سندس انتظاميا پاڪستان سان سودو ڪري ايف 16 جهاز اسلام آباد موڪلڻ جي رضامندي ڏني ته ظاهر آهي ته ان جديد هٿيار جو استعمال هندستان تي ٿيڻو هو ۽ هندستاني حڪومت به پريشان ٿي. پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ايف 16 جهازن جو سودو 3 بلين ڊالرن ۾ ٿيو. پر هندستان ۽ آمريڪا جي ڪهاڻي ڪنهن عاشق ۽ محبوب جيان رهي هئي. جيئن ڪوئي عاشق پنهنجي محبوب سان عشق ڪري love her ۽ وري پوءِ leave her جو چڪر هو پر ان جو سبب هو. پاڪستان هڪ اهڙي تند هئي، جنهن ماضي ويجهڙو ۾ پاڪستان جي فوجي آمريتن القاعده کي قبول ڪيو. ٻئي پاسي انهن طالبان جي ايجنسين کولڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. (شايد انهن جي حمايت هن دور ۾ به شامل هجي) هڪ اهڙو ملڪ جنهن ماضي ۾ ائٽمي هٿيارن جو تجربو ڪيو هجي ۽ وري انهن ائٽمي هٿيارن جو راز اتر ڪوريا ۽ ايران کي ڏنو (جن جي نالي اسان جو صدر انهن کي بدي جو محور سڏيندو هو) ۽ پنهنجي سرحدن سان گڏ اسلامي بنياد پرستن ۽ ان جي دهشتگرد ٽريننگ ڪئمپن کي بند ڪرڻ لاءِ ڪو به ڪردار ادا نه ڪري رهيا هئا.
پر پاڪستان ۽ هندستان ٻئي هڪ ٻئي جا وڏا دشمن آهن، جن هن وقت تائين ٽي جنگيون وڙهيون آھن. ايندڙ هر ڏينهن ۾ ڪا نه ڪا ننڍي وڏي جھڙپ ڪندا رهندا آهن. ٻيو ته وري ٻئي ائٽمي هٿيارن جو تجربو ڪري چڪا آهن ۽ هڪ ٻئي کي ائٽمي هٿيارن جون ڌمڪيون ڏيندا رهن ٿا. بهرحال هندستان جي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ جارج بش ڇا ڪيو؟ هن به هندستان کي پاڪستان جهڙا ويڙهاڪ جهاز ڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي. جيئن هن پاڪستان کي ڏني هئي. يعني آمريڪا هڪ ته هٿيارن جي ڪاروبار مان ڪيو ٻيو وري انهن کي خطرناڪ جنگ لاءِ تيار ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي ريت ان هندستان سان وفا ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ هندستان کي ائٽمي هٿيارن لاءِ مٽيريل سپلاءِ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ان کانسواءِ ويڙهاڪ جهازن جي سپلائي ڪرڻ جي ڳالهه ٻولهه شروع ڪري ڏني ۽ ڪهڙا جهاز بهتر هوندا. آمريڪا نئين ممڪن ڊيل لاءِ 126 لوڪ هيڊ مارٽن (Lock head Martin) ايف 16 جهازن ۽ بوئننگ (Boeing) جو ايف – 18 هارنيٽ (Harnet) ڏيڻ جي آڇ ڪئي. جلد ئي ٻنهي خريدارن کي اطمينان ۾ ورتو. پر هندستان ۽ پاڪستان جا ماڻهو حيران هئا ته اهڙن جديد هٿيارن کي خريد ڪرڻ لاءِ پئسا ڪٿان ايندا، جتي هو صاف پاڻي پيئڻ لاءِ پريشان آهن، جتي انهن جو اولاد سرڪاري اسڪول پڙهڻ لاءِ ٽي کان چار ڪلوميٽر پيرين پنڌ ڪري اسڪول پڙهڻ وڃن ٿا. جتي هو ڏکن ۽ تڪليفن سان پنهنجو پيٽ پالين ٿا.
اهڙي حالت ۾ هندستان سنجيده ناراض محبوبا جو روپ اختيار ڪري وٺندو آهي. سعودي عرب محفل کي ڦرڻ وارن گلوڪارن جهڙو ڪردار ادا ڪندو آهي. جتي جديد هٿيارن جو سوال آهي، جيڪا تيل سان ڀريل بادشاهيءَ سلطنت هجڻ جي باوجود به هو هٿيارن جي فرمائش ڪندي آهي. هو به جديد هٿيارن کي خريد ڪرڻ لاءِ هو پيٽرول سان گڏوگڏ ڊالر به ادا ڪندو آهي. تڏهن ته هٿيارن جي فيڪٽري (Arms Industry) رياض ۾ هڻڻ جو 6 بلين ڊالر جو سودو ٿيو. تنهنڪري هو پاڻ ۾ ئي سمائجي نٿو بس ان کي شروع ڪرڻ لاءِ ڪانگريس جي (Rubber Stamp) جي ضرورت آهي. ان ۾ رانديڪا به شامل آهن. جنهن ۾ بليڪ هاڪ هليڪاپٽر، هٿياربند گاڏيون ۽ ٻيو جديد سامان هوندو. هي سڀ سعودي عرب ان ڪري، ڪري رهيو آهي ته هو اولهه وارن سان پنهنجو رشتو رکي ان جي ٻڌندو، جيڪو اولهه مڃيندو هوندو. 9/11 جي هائيجيڪر گهڻا تڻا سعودي هئا، شايد هن وقت به سعودي جي شهزادن جي دهشتگردن جي به حمايت اڄ به جاري آهي.
سنڌيڪار: راشد علي ڀرڳڙي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button