ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وڌندڙ سياسي بحران

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

عمران خان نيازيءَ جي اقتدار مان تڙجڻ کان پوءِ هو جيترو خطرناڪ ٿي سامهون آيو آهي، اقتدار ۾ هوندي هو ايترو خطرناڪ ڪونه هو. ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته هو عوامي ووٽن سان اقتدار ۾ ڪونه آيو هو. هن کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ سڀئي رستا هموار ڪيا ويا هئا. تازو ئي پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ نديم افضل چن جو انٽرويو نشر ٿيو آهي، جنهن ۾ هن عمران خان نيازيءَ جي حڪومت سان لاڳاپيل ڪجهه رازن تان پردو کنيو آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان نيازي رڳو اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد ۽ جنرل آصف غفور تي اعتبار ڪندو هو، جيڪي هن جا ڪن ها. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ان وقت جنرل فيض حميد ئي هلائي رهيو هو. اعتماد جي ووٽ کان وٺي بجيٽ پاس ڪرائڻ لاءِ پي ٽي آءِ لاءِ وڏا مسئلا رهيا هئا، جنهن کي فيض حميد ئي حل ڪرائي ڏيندو هو. ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ راز پڌرا ٿي سگهن ٿا، جن وسيلي عمران خان نيازيءَ جي حڪومت جي سمورين ڪمزورين جو ذڪر به ضرور هوندو.

ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ پهرين ڏينهن کان وٺي سويلين اقتدار تي قابض رهي آهي، چونڊيل وزيراعظمن کي لاهڻ يا انهن کي قتل ڪرائڻ ۾ عدليا به برابر جي شريڪ رهي آهي. نظريه ضرورت کي هٿي ڏيندڙ عدليا اڄوڪي دور ۾ تڪراري بڻجي وئي آهي. ڪالهه به هڪ اهڙو فيصلو آيو آهي، جنهن لاءِ جوڙيل بينچ کان ڪجهه جج پنهنجو پاڻ کي الڳ ڪري چڪا هئا ۽ اها بينچ ٽٽي وئي هئي پر چيف جسٽس عمر عطا بنديال پنهنجو پاڻ کي ان بينچ ۾ شامل ڪري هڪدم پي ٽي آءِ جي حق ۾ فيصلو ڏئي پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ تڪراري قرار ڏئي ڇڏيو آهي پر ان ڳالهه جي کيس ڪا پرواهه به ڪونهي.
عمران خان نيازي جيئن ته اسٽيبلشمينٽ پاران ميدان ۾ لاٿو ويو هو، جنهن لاءِ هر قسم جون مراعتون پيدا ڪيون ويون پر جيئن ته اقتدار جو اصل مرڪز اسٽيبلشمينٽ آهي، تنهنڪري جنهن فاشسٽ طرز حڪمراني ڏانهن عمران نيازي ملڪ کي وٺي پئي ويو. اهو ملڪ ۽ ملڪي ادارن لاءِ بنهه خراب هو. پر هاڻ نه رڳو عمران خان نيازيءَ جي مقبوليت ۾ واڌ ٿي آهي پر هر اهو ماڻهو جيڪو هن جو پوئلڳ آهي اهو کيس سچو، ايماندار ۽ سورهيه آهي. هن جي ڪيل هر ڳالهه کي دل سان قبول ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن اڄ هو ڏينهن رات ۽ رات کي ڏينهن ٿو چوي ته ان کي به قبول ڪيو ٿو وڃي.
اسٽيبلشمينٽ ان ڳالهه کان ڪيترو به انڪار ڪري ته هن عمران خان نيازيءَ کي لانچ ناهي ڪيو ۽ نه ئي اها هن جي سهولتڪار رهي آهي. پر اهو سچ آهي. 2017ع ۾ جڏهن نواز شريف کي نا اهل ڪيو ويو ته ان سڄي معاملي جي پويان اسٽيبلشمينٽ هئي ۽ ان ۾ عدليا اهم ڪردار ادا ڪيو. عدليا به اهو طئي ڪري ورتو هو ته نواز شريف کي ڪنهن به ريت نا اهل ڪرڻو آهي ۽ پوءِ جڏهن 2018ع اچي ويو ته ان ۾ پي ٽي آءِ کي ون مين شو پارٽي طور پيش ڪيو ويو. اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ايندڙ وقت ۾ جنهن پارٽيءَ جو ملڪ تي راڄ هوندو سا پي ٽي آءِ کان سواءِ ڪا ٻي نه هوندي. عمران خان نيازي پنهنجي هر تقرير ۾ چوندو هو ته اسٽيبلشمينٽ وٽ هن کان سواءِ ڪو ٻيو چارو ڪونهي. تنهنڪري هو ئي آخري چوائس آهي ۽ اهو ئي اسٽيبلشمينٽ جو فيورٽ آهي. پر سياست ۾ ڪجهه به ممڪن آهي، سياست ۾ ڪو اڳواڻ آخري ڪونه هوندو آهي ۽ نه ئي ان کان سواءِ سياسي ميدان خالي سمجهيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته سياست ۾ سدائين متبادل موجود هوندو آهي، رڳو وقت اچڻ جو انتظار ڪيو ويندو آهي. تنهنڪري نه رڳو عمران خان نيازيءَ جا متبادل موجود آهن پر سندس پارٽي به اقتدار کان هٿ ڌوئي ويٺي آهي.
پهريون ڀيرو سياسي جهيڙو اِن حد تائين پنجاب ۾ ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ان کان اڳ ۾ سدائين سنڌ ۾ سياسي جهيڙن کي جاءِ ملندي رهي آهي، هن وقت سياسي طور سنڌ شانت آهي ۽ پنجاب ۾ هلچل متل آهي. پنجاب سدائين ٻين صوبن جو سياسي ۽ معاشي طور استحصال ڪندو رهيو آهي، تنهنڪري هي ويڙهه جيڪا گذريل ڪجهه سالن کان هلي رهي آهي، اها نيٺ پنهنجي منطقي انجام تي پهچڻي آهي، جنهن کان پوءِ هڪ اهڙو سياسي ماحول پيدا ٿيندو، جيڪو بهتر هوندو. پر جيڪڏهن اها سياست ۾ به اسٽيبلشمينٽ وٽ يرغمال هوندي ۽ سياسي پارٽيون ان جي ونگار پيون وهنديون ته پوءِ ملڪ جي سياست ۾ ڪڏهن به ڪا تبديلي ڪونه اچي سگهندي. تنهنڪري اهو سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته آزاد جمهوريت جو قيام آزاد سياست سان ئي ممڪن آهي.
هاڻ جڏهن وفاقي ڪابينا سپريم ڪورٽ جي ڪالهوڪي فيصلي کي هڪدم رد ڪري ڇڏيو آهي ته ان سان آئيني ۽ سياسي بحران وڌيڪ سنگين ٿي سگهي ٿو. جيڪي خدشا سيڪيورٽي ادارن سيڪيورٽي بابت ڏيکاريا آهن، انهن کي نظر ۾ رکندي ائين لڳي رهيو آهي ته چونڊون مئي ۾ به ڪونه ٿي سگهنديون. چونڊون مئي ۾ ٿين يا نه ٿين پر عمران خان نيازيءَ لاءِ هاڻوڪي ڀيري اقتدار ماڻڻ مشڪل آهي. ڇاڪاڻ ته هن تي اعتماد ڪرڻ اسٽيبلشمينٽ لاءِ پنهنجو پاڻ کي ڏچي ۾ وجهڻ آهي.
ملڪي سياست کي گندو ڪرڻ ۽ جمهوري قدرن کي بگاڙڻ ۾ عمران خان نيازي ۽ سندس پارٽيءَ جو اهم ڪردار رهيو آهي. تنهنڪري سندس پوئلڳن کي سياست به اها گهرجي جيڪا عمران نيازي ڪري رهيو آهي، جيڪا اصل ۾ سڄي نظام لاءِ تباهي آڻيندڙ آهي. اقتدار ۾ اچي هن ڪنهن آمر وانگر تاحيات ملڪ جو حڪمران ٿيڻ پئي چاهيو پر هر سياستدان ڪا نه ڪا غلطي ڪري ويندو آهي، اهڙيون غلطيون عمران خان نيازيءَ کان به ٿي ويون، جيڪي هن جي اقتدار وڃائڻ جو سبب بڻيون.
هن وقت سڀئي معاملا عمران خان نيازيءَ جي حق ۾ ان ڪري به وڃي رهيا آهن جو عدليا هن جي پاسي آهي. اها آئين ۽ قانون کي پاسيرو رکي فيصلا ڪرڻ جي نه رڳو جرئت ڪري رهي آهي پر انهن کي لاڳو ڪرائڻ تي به زور ڏئي رهي آهي. جنهنڪري حڪومت نه رڳو عدالت جي ڪردار تي اعتراض اٿاري رهي آهي ۽ اها هڪ طرفن فيصلن کي به قبولڻ لاءِ تيار ڪونهي. پارليامينٽ جي ڪيترن ئي فيصلن کي سپريم ڪورٽ پٺي ڏيندي رهي آهي. جج آئين بدران پنهنجي ضمير موجب فيصلا ڪندا رهيا آهن. تنهنڪري اهڙا فيصلا ائين ئي ٿي سگهن ٿا، جيڪي اڄڪلهه يا ماضي ۾ سامهون ايندا رهيا آهن.
ملڪ ۾ هاڻوڪي بحران مان نڪرڻ جو اڪيلو حل رڳو چونڊون ڪونه آهن. پر ملڪي قيادت پاران اهو طئي ڪرڻ آهي ته اها ملڪ کي ڪهڙي دڳ ڏانهن وٺي وڃڻ چاهي ٿي. اها ڪهڙي ريت دنيا سان هلڻ چاهي ٿي ۽ دنيا ۾ اها ملڪ جو ڪهڙُو تعارف پيش ڪرڻ چاهي ٿي. ڇاڪاڻ ته ملڪ ائين ڪونه هلندا آهن، جيئن پاڪستان کي هلايو پيو وڃي. فرض ڪجي چونڊن جي نتيجي ۾ عمران خان نيازي اقتدار ۾ اچي ٿو وڃي ته هن وٽ اهڙي ڪهڙي جادو جي لٺ آهي جو هو ملڪ جا معاشي ۽ سياسي مسئلا حل ڪري وٺندو. جڏهن ته هو پنهنجي اقتداري دور ۾ پاڻ مسئلا پيدا ڪندڙ حڪمران رهيو آهي. ان کان سواءِ هن ملڪ کي ڇا ايتري خودمختياري حاصل آهي جو ڪابه حڪومت آزاد حيثيت ۾ فيصلا ڪري سگهي. تنهنڪري هي بحران وقت گذرڻ سان وڌندو ويندو ۽ ان جا حل ڳولڻ لاءِ سياسي قيادت کي اڳيان اچڻو پوندو. جيڪا آزاديءَ سان جرئت منداڻا فيصلا ڪري سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button