ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

انصاف جو ادارو

Editorial-Article- Umer Qazi

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 8 آڪٽوبر واري چونڊ اعلان کي رد ڪندي پنجاب ۾ چونڊون 14 مئي تي ڪرائڻ جو فيصلو ڏنو آهي. اسان کي معلوم هجڻ گهرجي ته اهڙي فيصلي تي حڪومت جو موقف ڪهڙو هوندو؟ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مخالف ڌر اهڙي فيصلي کي قانون ۽ آئين جي فتح قرار ڏيندي. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جو فيصلو حڪومتي ڌرين جي حق ۾ هجي ها ته ڇا عمران خان جو ردعمل ساڳيو هجي ها؟ ڪو ڪجهه به چوي ته پر ائين نه هجي ها. ڇو ته هن مهل تائين اهو نه ٿيو آهي. اسان وٽ انصاف جي تارازيءَ جا ٻيئي پڙ ڏسڻ بدران صرف پنهنجو پڙ ڏٺو ويندو آهي.
هن ملڪ جي مسئلن جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته هتي هر اداري کي تڪراري بڻايو ويو آهي. ادارن جو احترام ختم ڪرڻ ۾ ڪنهن جو بنيادي هٿ آهي؟ اسان سڀني کي خبر آهي. هڪ ته اها قوت جيڪا ملڪ جي آئين کي پائمال ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ٿي ڇڏي ۽ ٻي اها قوت جيڪا پنهنجي ذاتي، خانداني ۽ گروهي مفاد لاءِ هر اداري جا بنياد ڪمزور ڪرڻ تي سدائين بضد رهي آهي. هيءَ اها ئي قوت آهي، جنهن کي جڏهن اقتدار نه ملندو آهي ۽ خاص طور تي جڏهن اقتدار انهن جي مخالفن جي هٿن ۾ هوندو آهي ته هو اسٽيبلشمينٽ کي مداخلت ڪرڻ جا سڏ ڏيڻ ۾ نه ڪو شرم محسوس ڪندا آهن ۽ نه وري انهن کي آئين ۽ قانون جو خوف ٿيندو آهي ته انهن مٿان اسٽيبلشمينٽ کي بغاوت ڪرڻ جو ڪيس به داخل ٿي سگهي ٿو. اها قوت ڪهڙي آهي؟
اها قوت اسان جي انهن اقتدار پرست سياستدانن تي مشتمل آهي، جن هن وقت به ملڪ مسئلن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. هو هن وقت به پنهنجي پوري طاقت سان هر اداري کي تڪراري بڻائي، ان جي حيثيت مٿان ڪاپاري وار ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ٿا ڇڏين. اها قوت هن وقت گهڻو ڪري حڪومت جي صورت ۾ سپريم ڪورٽ جي مٿان الزامن ڀريون آڱريون کڻي رهي آهي ۽ سپريم ڪورٽ کي شابس آهي ته اها هن مهل تائين ان توهين آميز تماشي کي صبر سان برداشت ڪري رهي آهي. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ چاهي ته انهن جي دماغن ۾ هڪدم هوا نڪري وڃي. ڇو ته انهن کي معلوم ناهي ته سپريم ڪورٽ وٽ هن ملڪ جا سڀ کان وڌيڪ آئيني اختيار آهن ۽ سپريم ڪورٽ جيڪڏهن توهين عدالت جو قانوني طاقت وارو آپشن استعمال ڪري ته انهن ۾ بيهي رهڻ جي جرئت نه هجي. ڇو ته هو بنيادي طور تي بزدل آهن. پر هن وقت پاڪستان جي صورتحال تمام بري آهي. بحران ايترو ته شدت اختيار ڪري ويو آهي جو سپريم ڪورٽ توڙي ملڪي اسٽيبلشمينٽ نهايت احتياط کان ڪم وٺي رهي آهي. ڇو ته انهن سمورين قوتن کي معلوم آهي ته جيڪڏهن انهن صبر جو مظاهرو نه ڪيو ته امن امان جون سموريون بندشون ختم ٿي وينديون ۽ ملڪ جي روڊن ۽ رستن تي اهو مڇريل عوام نظر ايندو، جنهن کي اڳواٽ تمام گهڻي تڪليف آهي. جنهن لاءِ هڪ وقت جي ماني به تمام وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي. ان عوام کان هن وقت هر قوت خوف کائي رهي آهي. ڇو ته ان عوام وٽ صرف ۽ صرف غصو آهي.
پاڪستان جي ان گهڻ طرفي ۽ تمام گهڻي پيچيده صورتحال ۾ جيڪڏهن چڱائيءَ جي ڪا واٽ ظاهر ٿي سگهي ته اها سمورن ادارن جي وچ ۾ هڪ بهتر لاڳاپي جي صورت ۾ ئي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي پر اسان وٽ مشڪل اها آهي ته گهڻي وقت کان وٺي اسان جا ادارا پاڻ ۾ تعاون واري تعلق کان ڪٽجي چڪا آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ هڪ اهڙي هيجاني ڪيفيت پيدا ٿي وئي آهي جنهن جو اثر مجموعي طور تي ملڪ جي مٿان هر صورت ۾ پئجي رهيو آهي ۽ ڪنهن کي هن مهل سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هو آخر اهڙو ڇا ڪري جنهن سان ملڪ ۽ عوام جو ڀلو ٿئي. پاڪستان جي سلسلي ۾ هن وقت عالمي ادارا به پريشان آهن. انهن کي پاڪستان سان ڪا همدردي ناهي پر انهن کي معلوم آهي ته پاڪستان ڀلي ڏکيو آهي ۽ ڀلي بکيو آهي پر هو هن دنيا جي ايٽمي قوت آهي ۽ هن جي اها حيثيت هن کان ڪو به کسي نه ٿو سگهي. پاڪستان وٽ ايٽمي طاقت هجڻ سبب پوري دنيا پاڪستان جي باري ۾ تشويش سان سوچي ۽ ويچاري رهي آهي. اسان کي اهو به فراموش نه ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان جي جاگرافيائي ۽ سياسي پوزيشن سبب دنيا ۾ هن ملڪ جي تمام وڏي اهميت رهي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻي اهو دور ناهي. جڏهن ته سرد جنگ جي دور ۾ پاڪستان جي طرف پوري دنيا جي قوتن جون اکيون هونديون هيون. پاڪستان جي ان پوزيشن کي ختم ٿيڻ ۾ وقت لڳو پر ان سان پاڪستان کي نقصان به تمام گهڻو ٿيو. جڏهن ته پاڪستان کي معلوم هجڻ کپندو هو ته جڏهن هي وقت گذري ويو ته پاڪستان پنهنجي اهميت کي ڪيئن جتائيندو؟ جيڪڏهن هن ملڪ ۾ اهي ادارا هجن ها ته هوند اسان جي سرد جنگ کان پوءِ اها حالت نه هجي ها.
ملڪن کي اهڙن بحرانن کان بچائڻ ۽ اڳواٽ اپاءَ وٺڻ ۾ ادارن جو اهم ڪردار هوندو آهي. اسان کي اها ڳالهه افسوس سان تسليم ڪرڻ گهرجي ته اسان ادارا سدائين پنهنجن مفادن تان قربان ڪيا آهن. جڏهن ته ادارن کي قائم رکڻ ۽ انهن جي طاقت ۽ قوت وڌائڻ جي لاءِ سدائين قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن. اسان ادارن کان قربانيون ورتيون آهن. هن وقت به اها ئي روش جاري آهي. هن وقت جهڙي طرح سپريم ڪورٽ کي سوڙهو ڪيو ويو آهي ته هن جي ان حالت جو ذميوار ڪير آهي؟ ظاهر آهي ته اسان جون سياسي پارٽيون ۽ اسان جون اهي سرڪاري پارٽيون، جيڪي پنهنجي فائدي لاءِ ملڪ جي سڀ کان اهم اداري کي تمام گهڻي تڪليف ڏئي رهيون آهن. سپريم ڪورٽ جي حيثيت ڪنهن مخصوص جسٽس جي حوالي سان نه آهي ۽ نه وري هجڻ گهرجي. پر آئين جي مطابق جيڪو به منصف ان منصب تي ويهي ٿو، ان کي عزت ڏيڻ ۽ هن جي حڪمن کي اکين تي رکي عمل ڪرڻ ۾ ئي ملڪ جو مفاد آهي. پر اسان وٽ تمام غلط روايتون آهن. اهي روايتون ايتريون ته پڪيون پختيون ٿي چڪيون آهن جو انهن کي ڪنهن به طرح سان چيلينج ڪرڻ به مشڪل ٿي پيو آهي. اسان کي ان صورتحال مان ٻاهر نڪرڻ جي سلسلي ۾ اپاءَ وٺڻ گهرجن.
پاڪستان جي ڀلائي ان ۾ آهي ته جيڪا به بي ترتيبي ڇائنجي وئي آهي، ان کي ختم ڪرڻ جي منظم ۽ مستقل ڪوشش ڪئي وڃي. اهو مائينڊسيٽ تمام گهڻو نقصانڪار آهي ۽ ان مان ملڪ کي فائدو نه پر نقصان پيو آهي ته جيڪڏهن فيصلو ڪنهن به ڌر جي حق ۾ نه آيو ته پوءِ ان فيصلي کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويندو. ڇا ملڪن ۾ اهو ٿيندو آهي؟ جيڪڏهن اهو ڪجهه عمل ۾ آيو ته پوءِ اسان کي يقين ڪرڻ گهرجي ته اسان اهڙي انارڪيءَ جي طرف وڌي وينداسين، جتان اسان کي موٽ جو رستو نه ملندو ۽ اسان هن لاقانونيت ۽ انارڪيءَ جي رڻ ۾ سدائين ڀٽڪندا رهنداسين.
سپريم ڪورٽ جو ڪهڙو فيصلو آئين ۽ قانون جي حوالي سان درست آهي ۽ ڪهڙو ناهي؟ ان جو فيصلو نه ته مريم نواز کي ڪرڻو آهي ۽ نه شهباز شريف کي ڪرڻو آهي ۽ نه وري بلاول يا عمران خان کي ڪرڻو آهي. سپريم ڪورٽ جي هر فيصلي کي قانون ۽ آئين جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ واري قوت صرف ۽ صرف ان تاريخ جي آهي، جيڪا هر شيءَ کان اوچي ۽ هر شيءَ کان اتم آهي. سپريم ڪورٽ ۾ فيصلا ٿيا آهن ۽ نه صرف اسان جي ملڪ جي سپريم ڪورٽ پر پوري دنيا جي سپريم ڪورٽن ۾ فيصلا ٿيا آهن ۽ انهن مان ڪجهه فيصلا تاريخ غلط به ثابت ڪيا آهن. انهن فيصلن کي ان نظر سان ڏٺو به ويو آهي ۽ ڏٺو به وڃي ٿو. پر اهم سوال اهو آهي ته اسان کي تاريخ جو ڪم نه ڪرڻ گهرجي. اسان کي صرف ۽ صرف پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي. تاريخ پنهنجو ڪم پاڻ ڪندي. تاريخ کي جيڪڏهن ڪا شيءَ غلط لڳندي ته تاريخ لکندي. تاريخ ڪنهن جي غلام ناهي. تاريخ اها ڇاڻي آهي، جنهن مان هر شيءَ ڇڻي ۽ صاف ٿي نڪري ٿي. تاريخ هڪ بي رحم قوت آهي. تاريخ جو ڪم تاريخ کي ئي ڪرڻ ڏنو وڃي ته بهتر آهي.
پاڪستان هن مهل جنهن آئيني ۽ سياسي بحران جي ور چڙهي ويو آهي. ان جا نتيجا نهايت برا نڪري سگهن ٿا. ان صورت ۾ اسان کي سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي حڪم کي اکين تي رکي تسليم نه ڪيو ويو ته هڪ تمام وڏو ٻائيتال مچندو ۽ اهو ايترو ته شديد هوندو، جنهن کي روڪڻ ڪنهن جي وس ۾ نه هوندو. ان کان اڳ جو اسان اهڙي صورتحال جي ور چڙهي وڃون، ان کان اڳ جو اسان پوائنٽ آف نو رٽن تي پهچي وڃون، اسان کي ملڪ جي نازڪ صورتحال کي ڏسندي پنهنجي سوچ ۽ سمجهه کي استعمال ڪندي پنهنجي ملڪ جي سڀ کان معتبر اداري يعني سپريم ڪورٽ جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ جو ساٿ ڏيڻ جو مطلب ڪنهن مخصوص فرد جو ساٿ ڏيڻ نه سمجهڻ گهرجي. پر اسان کي سمجهڻ گهرجي ته اسان وسيع تر ملڪي مفاد لاءِ صرف ۽ صرف انصاف جي اداري جو ساٿ ڏئي رهيا آهيون.
تاريخ ۾ هر قسم جو وقت آيو آهي. هن وقت تاريخ جون اکيون عوام جي طرف تڪي رهيون آهن. هن وقت تاريخ کي اميد صرف ۽ صرف عوام مان آهي. ڇو ته عوام ئي انقلاب آڻي سگهي ٿو ۽ عوام ئي هر ان شيءَ کي بچائي سگهي ٿو، جيڪا شيءَ بچڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ عوام کي پنهنجي ملڪ جي انصاف واري اداري جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. اهو ساٿ ان صورت ۾ تمام گهڻو اهم بڻجي ويندو، جنهن صورت ۾ عوام جو اهو حصو به انصاف واري اداري جو ساٿ ڏئي، جيڪو دلي طور تي ڪنهن مخصوص فيصلي مان خوش نه هجي. ان کي ئي ته قرباني چئبو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button