رانديون

ڀارتي ٽيم پاڪستان نٿي اچي ته قومي ٽيم به نه وڃي: سليم يوسف

لاهور: پاڪستان جي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر سليم يوسف جو چوڻ آهي ته ايشيا ڪپ لاءِ ڀارت جو پاڪستان اچڻ کان صاف انڪار سخت فيصلو آهي، جيڪڏهن ڀارتي ٽيم پنهنجي فيصلي تي قائم رهي ٿي ته پاڪستان کي ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت نه وڃڻ گهرجي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سليم يوسف چيو ته ڪرڪيٽ ۾ هڪ طرفي فيصلا نه ٿيندا آهن، پاڪستان ڪا عام ٽيم ناهي. ان جو شمار دنيا جي ٽاپ ٽيمن ۾ ٿئي ٿو.

سليم يوسف چيو ته مداح پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ چاهين ٿا، جيڪڏهن ڀارت سمجهي ٿو ته اها وڏي ٽيم آهي ۽ پاڪستان نه ويندي ته پوءِ پاڪستان کي ڀارت نه وڃڻ گهرجي ڇو ته دنيا جون سموريون وڏيون ٽيمون پاڪستان ۾ آيون آهن. آسٽريليا، انگلينڊ، نيوزيلينڊ جون سموريون ٽيمون پاڪستان آيون ۽ سيريز کيڏيون، ڀارت کي به پاڪستان اچي ايشيا ڪپ کيڏڻ گهرجي، ڪرڪيٽ جا مداح ٻنهي ملڪن کي گڏ کيڏندي ڏسڻ چاهين ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button