رانديون

ڪين وليمسن آءِ پي ايل ۾ زخمي ٿيڻ بعد گهوڙين جي مدد سان وطن واپس پهتو

آڪلينڊ: ڪين وليمسن آءِ پي ايل ۾ زخمي ٿيڻ کانپوءِ گهوڙين جي مدد سان وطن واپس اچي ويو. آءِ پي ايل جي هڪ ميچ دوران زخمي ٿيڻ سبب ٻاهر ٿيندڙ ڪين وليمسن گهوڙين جي سهاري پنهنجي وطن واپس اچي ويو آهي. هو ڪالهه آڪلينڊ پهتو، هن جي گوڏن تي پٽو لڳل هو ۽ هو گهوڙين جي سهاري هلي رهيو هو. ان موقعي تي 32 ورهين جي ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته منهنجي گوڏي ۾ ڪا به تڪليف نه آهي پر زخم جي نوعيت اسڪيننگ بعد ئي معلوم ٿي سگهندي، جنهن کانپوءِ ماهرن کان معائنو ڪرايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button