رانديون

قومي ٽيم جا پرڏيهي ڪوچ 11 اپريل تي پاڪستان پهچندا

لاهور: نيوزيلينڊ ٽيم جي پاڪستان جي دوري لاءِ گرين شرٽس جا پرڏيهي ڪوچ 11 اپريل تي پاڪستان پهچندا. ذريعن موجب گرانٽ بريڊ برن ۽ اينڊريو پيوٽڪ 11 اپريل تي پاڪستاني وائيٽ بال اسڪواڊ کي جوائن ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته گرانٽ بريڊ برن کي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويندو، جڏهن ته اينڊريو پيوٽڪ کي نيوزيلينڊ خلاف سيريز لاءِ بيٽنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويندو.

ان کان علاوه عمر گل کي نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ قومي وائيٽ بال اسڪواڊ جو بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويندو. ذريعن موجب عمر گل 6 اپريل کان قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ شروع ٿيندڙ ٽريننگ ڪيمپ ۾ شرڪت ڪندو. ٻئي طرف نيوزيلينڊ جي دوري دوران مڪي آرٿر جي به پاڪستان پهچڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ مڪي آرٿر جي مصروفيت ڊربي شائر سان 6 اپريل کان شروع ٿيندي، هو ڪائونٽي دوران پاڪستان جو دورو ڪري سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button