ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سڄي دنيا منهنجو گھر آهي-II

هن چيو مون کي پاڻي پياريو. اسان کيس پاڻي ڏنو ۽ منهنجو پي کيس وٺي اسپتال ڏانهن ويو. واٽ تي هن ٻڌايو ته سندس نالو قادر آهي ۽ هو هڪ پورهيت آهي. هو مزدوري جي ڳولها ۾ نڪتو هو. سندس زال کيس اهڙي وڳوڙن واري صورتحال ۾ ٻاهر نڪرڻ کان منع ڪئي پر جيئن ته گھر ۾ کائڻ لا ڪجهه نه هو ۽ ٻار بک تي هئا ان ڪري کيس ٻاهر نڪرڻو پيو ۽ انهن ماڻهن جي ور چڙهي ويو. ليکڪ سوچي ٿو ته غربت ۽ بک جي ڪري انسان جي لا پنهنجي سلامتي جي اهميت به نه ٿي رهي. قادر نيٺ انهن زخمن جي ڪري مري ويو.
ليکڪ ڏهه سال شانتي نڪيتن ۾ گذارڻ کانپو 1951 ۾ پريزيڊينسي ڪاليج ڪلڪتي ۾ آيو.
ڪلڪتو هڪ گندو ۽ غربت ۾ ورتل شهر هو. گھڻا ان ڳالهه تي حيران هئا ته نيٺ انگريزن ڪلڪتي کي ئي پنهنجي واپاري ڪوٺي قائم ڪرڻ لا ڇو چونڊيو. هتي اڳ ئي ٽي ڳوٺ گوبندپور، ڪالي ڪٽا ۽ ستانتي جي نالن سان قائم هئا. هڪ انگريز واپاري جاب چرنوڪ 1690 ۾ اهي هڪ زميندار کان خريد ڪيا ۽ هتي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي واپاري ڪوٺي قائم ڪئي. جاب چرنوڪ کي شهر جو بنياد وجھندڙ ڪري ليکيو ٿي ويو پر ڪلڪتي جي هائي ڪورٽ 2003 ۾ اهو فيصلو ڏنو ته جاب چرنوڪ ان جو بنياد وجھندڙ نه پر اهو شهر گپتا ۽ موريا خاندانن جي دور ۾ به هو ۽ اهو هندوستان ۾ غلام خنادان ۽ مغلن جي دور ۾ به هڪ واپاري مرڪز هو. شهر ۾ ڪيل کوٽائي ۾ گھڻا قديم آثار مليا آهن ۽ ليکڪ پاڻ انهن جو مشاهدو ڪيو آهي. بهرحال انگريزن ان کي جديد شهر ٺاهڻ لا گھڻي جاکوڙ ڪئي. 1727 عيسوي ۾ ڪنگ جارج پهرئين جي حڪم تي هتي سول ڪورٽ ۽ پو ميونسپل ڪارپوريشن قائم ڪئي ويئي. هتي ڪمپني پاران تجارتي ڪوٺي قائم ڪرڻ جو ڪارڻ اهو هو ته اهو هوگلي دريا جي ڪپ تي بندرگاهه جي ويجھو هو ۽ هتان سامان موڪلڻ ۽ گھرائڻ سولو هو. ان ڪري ئي هتي ستن يورپي ملڪن جن ۾ فرانس، هالينڊ ۽ پورچوگال وغيره شامل هئا هتي پنهنجيون واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون.
ان وقت بنگال ۾ سراج الدولا جي حڪومت هئي ۽ سندس گادي جو هنڌ مرشد آباد هو. سراج جو انگريزن سان تنازعو لاڳيتو هلندو ٿي آيو. هن ڪلڪتي تي ڪاهه به ڪئي ۽ انگريزن کي اتان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. اهو اٽڪل ست سال سندس قبضي ۾ رهيو ۽ هن ان جو نالو بدلائي علي نگر رکيو. بهرحال 1757 عيسوي ۾ پلاسي جي جنگ ۾ سراج جي شڪست ۽ مارجي وڃڻ انگريزن کي بنگال ۾ هڪ فيصلي ڪن حيثيت ڏيئي ڇڏي ۽ ڪلڪتي تي به هڪ ڀيرو ٻيهر سندن راڄ قائم ٿي ويو. اهو شهر 1911 تائين برٽش انڊيا جي گادي جو هنڌ رهيو جيڪو پو دهلي منتقل ٿي ويو. هن وقت اهو اولهه بنگال جو گادي جو هنڌ آهي.

ليکڪ لا ڪارل مارڪس جو نظريو ۽ شخصيت وڏي اهميت جي حامل رهي. ان جو ڪارڻ اهو هو ته سندس خاندان جي گھڻن فردن جو واسطو ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ سياست سان رهيو هو ۽ گھر ۾ اهي بحث ٿيندا رهندا هئا. پر هتي معاشيات جي ڪورس ۾ مارڪس ڄڻ ته هڪ استشنا هو ۽ استاد به ان کي ذڪر لائق نه سمجھندا هئا. پر هن پاڻ مارڪس جي نظرين ۽ خاص طور تي قدر زائد ۽ پورهيت جي استحصال جو ٻين عالمن جي نظرين ۽ ڪتابن جي روشني ۾ تنقيدي مطالعو ڪيو.
پنهنجي ان ڪاليج جي پڙهائي دوران کيس پنهنجي صحت جي حوالي سان هڪ وڏي امتحان مان گذرڻو پيو. کيس وات ۾ هڪ داڻو نڪتو جنهن ۾ سور نه هو. کيس شڪ پيو ته اهو ڪينسر ٿي سگھي ٿو. هن پنهنجن ويجھن ٻن ڊاڪٽرن سان صلاح ڪئي جن کيس اطمينان ڏياريو ته اهڙي ڪا ڳالهه نه هئي پر هو مطمئن نه ٿيو ۽ بائپسي ڪرايائين جنهن مان کيس ڪينسر هئڻ جي تصديق ٿي. کيس چيو ويو ته هو وڌ ۾ وڌ پنج سال جيئرو رهي سگھندو. اها ڳالهه سندس خاندان ۽ پنهنجي ذات لا تشويش جوڳي هئي. بهرحال ريڊيوٿراپي جي هڪ ڏکئي مرحلي مان گذرڻ کانپو هو ٺيڪ ٿيو. ڪاليج ۾ سندس دوستن ۾ اها ڳالهه هلي ويئي ته اسپتال پنهنجي ريڊيو ٿراپي جي نين مشينن جي آزمائڻ لا هن کي استعمال ڪيو هو جڏهين ته کيس اهڙي ڪا بيماري نه هئي. پر هو پنهنجي علاج ۽ بيماري جي تشخيص مان مطمئن هو.
کيس پنهنجي بنگالي هئڻ تي فخر آهي پر ان جو اهو مطلب بلڪل ناهي ته کيس ٻين ماڻهن، ملڪن ۽ ٻولين سان نفرت آهي ۽ هو انهن کي ناپسند ڪري ٿو. هو انهن سڀني سان به محبت ڪري ٿو ۽ انهن کي پسند ڪري ٿو.
)پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button