ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لوفر مافيائون يا قبيلائي دهشتگردي؟

پروفيسر اجمل ساوند کي نام نهاد “قبيلائي” جهيڙي جي آڙ ۾ 6 مارچ تي ڪنڌڪوٽ ۾ سندراڻي برادري جي لوفر مافيا کيس قتل ڪري ڇڏيو سنڌ جو هي محبوب پروفيسر جنهن پنهنجي تعليم ڪنڌڪوٽ کان شروع ڪندي لاڙڪاڻو ڪيڊٽ ڪاليج کان پوءِ جرمني، سنگاپور ۽ فرانس مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي هو فرانس ۾ پروفيسر به رهيو. اجمل ساوند يونيورسٽي آف پيرس ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جون خدمتون ڏنيون ۽ پوءِ وطن جي ڇڪ هن کي واپس سنڌ ۾ وٺي آئي.
سکر جي آءِ بي اي پروفيسر جي خدمت سرانجام ڏيندو رهيو. هو ڪمپيوٽر شعبي ۾ پروفيسر هيو. هن جي دماغ نٿي چاهيو ته پنهنجي زندگي يورپ جي پرمسرت سرد ۽ پرسڪون زندگي ۾ وقت گذاري هو سنڌ جي ٽرامي جي جهڙي گرمي ۾ واپس آيو ۽ ان آءِ بي اي يونيورسٽي کي پنهنجون خدمتون آڇون جنهن يونيورسٽي جي ساک نه رڳو هن ملڪ ۾ مٿاهين آهي پر دنيا ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿي. يونيورسٽي جو فائونڊر سائين نثار صديقي مرحوم اتر سنڌ ۾ هڪ ماڊل تعليمي ادارو ٺاهڻ جو خواب ساڀيا ڪيو.
سائين نثار صديقي پنهنجي پورهئي ۽ محنت سان ادارو جوڙيو يقينن سنڌ حڪومت هن جي ڪجهھ نه ڪجھه مدد ڪئي پر هن پنهنجي عزم ۽ حوصلي سان اهوئي مثال قائم ڪيو ته جيڪڏهن اسان کي پنهنجي ماڻهن ۽ وطن سان محبت آهي ته اسان ڪين مان ڪجھه ڪري سگھون ٿا آءِ بي اي يونيورسٽي کي مان جڏهن ڏسندو آهيان ته مون کي هي محسوس ٿيندو آهي ته هي رڳو يونيورسٽي ناهي پر خوابن جي ماڊل هڪ شڪنتلا جوڙيل آ جيڪا شڪنتلا ڪالي داس پنهنجي حسين ۽ خوبصورت تصورن جي بنيادن تي لکي هئي.
ساوند جو قتل پهريون قتل ناهي پر برادرين ۽ ذاتين جي نالي تي جيڪي قبيلائي جھيڙا خاص ڪري اتر سنڌ ۾ آرگنائيز ڪرائي ڪرايا ٿا وڃن ۽ پوءِ رهزنن جا ٽولا سنڌ جي سون ڳوٺن ۾ نو گو ايريا ٺاهي رڳو موجون نه پيا ماڻن پر ذات برادري ۽ قبيلي جي نالي تي جھيڙن جي رهزنيتي اڳواڻي ڪندي لکن ڪروڙن جا چندا وٺن ٿا انهن برادرين کان چندا ٿا وٺن جيڪي هنن جي ڀرپاسي ۾ رهن ٿيون ٻئي طرف ڀوتارن جي لاءِ انهن علائقن ۾ پولنگ اسٽيشنون بليڪ چيڪن جي مثل آهن پيسو ۽ ووٽ جھيڙن جو بنياد وڌائي ٿو هي لوفر جيڪي ان پاپي دنيا مان پنهنجا پلوو ٿا ڀرن ۽ موجون ٿا ڪن انهن جي پوري ڪوشش هوندي آهي ته معمولي قسم جي جھيڙن کي بنياد بڻائي وڏا خوفناڪ جھيڙا پيدا ڪجن زبردستي تون تون مان مان کي جھيڙي ۾ تبديل ڪندا آهن.
شڪارپور ۾ ئي ڳڙهي ياسين تعلقي جي اندر ونگي پٽڻ تان نو ماڻهو قتل ٿيا هئا اهڙا سوين مثال موجود آهن منهنجي پنهنجي آبزرويشن ۾ اهي علائقي گذريا آهن جتي هلندڙ جھيڙي ۾ پوليس موجود هوندي به ڪجھه ناهي ڪندي ۽ پوءِ بي لغام ڏوهاري جھيڙن وڌائڻ جي لاءِ خاص شخصيتن فردن کي چونڊي چونڊي قتل ڪرڻ جي حڪمتِ عملي اختيار ڪندا آهن ته جيئن جھيڙن ۾ شدت اچي سنڌ جي ماڻهن کي ياد هوندو ته 1997 ۾ ڳڙهي ياسين جي اندر ئي ڪجھه بروهي ۽ معرفاڻي ڏوهارين جو جھيڙو ٿيو هو ٻنهي ڌرين جو جاني نقصان ٿيو هو پر هڪ ڌر يعني قادر بخش بروهي وارن ايم اين اي الطاف حسين ڀيو جو قتل ڪيو ۽ پوءِ جھيڙو ٽرائي اينگل ۾ وڌي ويو يعني ڀيا معرفاڻين سان گڏجي ويا. ۽ اهو جھيڙو اتر سنڌ جي تاريخ جو اتنهائي خونريزي وارو جھيڙو ٿي گذريو. ٻنهي ڌرين جا سوين ماڻهو قتل ٿيا هئا ڪيترائي ڳوٺ ويران ٿي ويا اسڪول بند ٿي ويا ۽ زمينون غير آباد ٿي ويون هيون. هاڻي سنڌ جي اندر خاص ڪري اتر سنڌ ۾ شايد ئي ڪو اهڙو تعلقو آهي جيڪو اهڙن گروهن جھيڙن کان
بچيل هجي سنڌ حڪومت هر دور ۾ انهن جھيڙن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جرڳا آرگنائيز ڪرائي ٺاپر ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي جنهن ۾ خونن عيوض خون پاڙيا ويندا آهن ڪنهن به ڏوهاري کي سزا ناهي ملندي سڀ ڪجھه آيو ويو ٿي ويندو آهي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي باوجود ته جرڳا غير قانوني آهن پر ڀوتار ۽ سنڌ سرڪار پنهنجي ڪرت کي اڳتي وڌائيندي نه رڳو جرڳن کي وڌائي رهيا آهن پر جهيڙن جا خود وين گارڊ آهن ساوند جو قتل سندراڻي برادري جي لوفرن ته ڪيو آهي پر انهيءَ سان گڏوگڏ هن جي پويان اها مافيا آهي جيڪا بي گناھه معصومن جو قتل ڪري پنهنجو ڌنڌو پئي ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button