سنڌي سماج وانگر اهي بنيادي معاشرتي تبديليون پاڪستان جي ٻين قومن ۾ به آيون آهن ۽ رياست به انهن تبديلين کي نظر ۾ رکي گذريل ڪجهه سالن کان پنهنجون پاليسيون وضع ڪيون آهن. پاڪستان جي مرڪز پنجاب ۾ ته نئين مڊل ڪلاس ۽ شهري آبادي جي سائز سنڌ کان تمام وڏي آهي پر ان جو اظهار رياستي قومپرستي ۽ ماڊريٽ مذهبيت ۾ ٿئي ٿو. جنرل مشرف جي آخري دور ۾ جيڪا جمهوري تحريڪ پيدا ٿي، اها جتي حڪمران بلاڪ ۾ اندروني تضادن جهڙوڪ آمريڪا سان لاڳاپا ڪمزور ٿيڻ، روايتي مذهبي طبقي سان تعلق خراب ٿيڻ، بلوچ مزاحمت جي نئين لهر، مشرف جو روايتي حڪمران پارٽين جهڙوڪ پيپلز پارٽي نواز ليگ کي سوڙهو ڪري سڌي آمريت سان حڪمراني ڪرڻ ۽ اعليٰ عدالت جي ججن کي قيد ڪري ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو نتيجو هئي، اتي ان ۾ نمايان ڪردار پاڪستان جي مرڪز پنجاب ۽ ڪي پي ۾ نئين مڊل ڪلاس جو به هو جنهن جو نمايان مثال وڪيل برادري ۽ سول سوسائٽي آهي. ان کانپوءِ ئي “سول سوسائٽي ايڪٽوزم” گهڻو عام ٿيو. 2008ع کانپوءِ سولين حڪومت جيئن ته تحريڪ جي نتيجي ۾ آئي هئي، ان ڪري وقتي طور اسٽيبلشمينٽ پوئتي هٽي پر 2013ع کان اسٽبلشمينٽ پنهنجي مرڪزي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ رياستي اسٽرڪچر ۾ بنيادي تبديليون آنديون. اهي تبديليون ان نئين شهري مڊل ڪلاس جي ذريعي ڪيون ويون. جنرل راحيل شريف جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ خاموش تبديلي (passive revolution) جو دور شروع ٿيو. ڊسمبر 2014ع ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو اهو فيصلاڪن نقطو هو. ان کان ڪجهه عرصو پهريان اسٽبلشمينٽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي پنجاب، ڪي پي ۽ ڪنهن حد تائين سنڌ جي شهري علائقن جي نئين مڊل ڪلاس ۽ شهري نوجوان جي جماعت طور متعارف ڪرايو ۽ ان کي ملڪي سطح جي قوت ڪيو. جنرل راحيل شريف سڀ کان پهريان ان طبقي ۽ پارٽي جي ڊسڪورس کي اسٽيبلشمينٽ جو ڊسڪورس ٺاهي پاڪستاني “مسلم قوميت” جي نئين سر وضاحت ڪئي. هاڻ مسلم قوميت کي ترقي، ڪرپشن مخالفت ۽ شهري ماڊرن مذهب سان جوڙيو ويو، جيڪو نج پنجاب، ڪي پي ۽ ڪنهن حد تائين سنڌ جي شهري علائقن جي نئين مڊل ڪلاس جو ثقافتي اظهار آهي. ان ترقي، ماڊريٽ مذهب ۽ ڪرپشن مخالفت ڊسڪورس کي پنهنجو ڪري اسٽيبلشمينٽ ان نئين شهري ڪلاس جي حمايت حاصل ڪئي ۽ ٻئي پاسي ڪرپشن مخالفت جي آڙ وٺي سڀني روايتي پارٽين کي سوڙهو ڪرڻ شروع ڪيو. ترقي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي نالي ۾ نيشنل ايڪشن پلان تحت فاٽا، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ آپريشن تيز ڪري سڀني ريڊيڪل ڌرين ۽ مجموعي قومپرست انقلابي سياست جي چيلهھ چٻي ڪئي وئي. اها نئين خاموش تبديلي هن دفعي 60 ارب چيني ڊالر ۽ سِيڙپڪاري لاءِ ماحول پيدا ڪرڻ ۽ ان جي مدد سان ٿي رهي هئي. آمريڪا جي بدلجندڙ پاليسين سبب هاڻ پاڪستاني اسٽبلشمينٽ هڪ نئين طاقت اڳيان پنهنجي جاگرافيائي پوزيشن ۽ قومن جي تاريخي وسيلن کي وڪڻي مسواڙ حاصل ڪرڻ پئي چاهي. 2018ع ۾ ته شهري نوجوانن جي “ڪپتان” کي حڪومت به ڏني وئي. پر سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين پريفرين ۾ ان جبر ڊسپزيزڊ نوجوان شهري آبادي ۽ ڪنهن حد تائين نئين مڊل ڪلاس ۾ وڌيڪ ڪروڌ کي جنميو آهي ۽ نتيجي ۾ ان جو اظهار رياستي پراجيڪٽ جي ابتڙ ٿيو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ به روايتي قومپرست سياسي پارٽين کي دٻايو ويو، نيشنل ايڪشن پلان تحت ۽ اين جي او جي صورت ۾ سرڪاري “دانش” کي پروان چڙهايو ويو ۽ پيپلز پارٽي جي ذريعي وڏيراشاهي ۽ ريئل اسٽيٽ ٺيڪيدارن جي “سياسي سرپرستي” (political patronage) کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو پر ان سڄي عرصي دوران قوم دوست وطن دوست ترقي پسند اسٽڊي سرڪلن کان ويندي ننڍين تنظيمن تائين سياسي ڪم هلندو رهيو آهي. جيئن 2018ع ۾ ملڪي حالتون تبديل ٿيون، عالمي اڪيلائپ کان ويندي ملڪ جي حڪمرانن جو اندورني تضاد تيز ٿيو ته ان نئين نسل جي تحرڪ به پنهنجو ڪر کنيو. فاٽا مان پي ٽي ايم جي تحريڪ اٿي. پشتون تحفظ تحريڪ پنهنجي جوهر ۾ پاڪستاني رياست جي جنگ جي نتيجي ۾ ستايل ۽ بيدخل ٿيل ماڻهن جي تحريڪ آهي جنهن ۾ نمايان ڪردار ان ڊسپزيزڊ نوجوان نسل جو هو جنهن پنهنجي ڳالهه “انساني حقن” جي دائري ۾ پئي رکي ۽ ان تحريڪ صورت قومي ورتي. ايئن سنڌ ۾ گم ٿيل ماڻهن کان ويندي ڊوميسائلن جي اشوز تي تحرڪ تيز ٿيڻ لڳو.
سنڌ جي ٻيٽن کي وفاق حوالي ڪرڻ وارو آرڊيننس جڏهن آندو ويو هو تڏهن مان هڪ ڳالهه لکي هئي ته رياست ان آرڊيننس ذريعي ٻين ڳالهين سان گڏ 2013ع کان ڪيل سياست مخالف “سيڙپڪاري” جي ڪاميابي کي به چيڪ ڪرڻ گهري ٿي. ٻيٽن تي قبضو هجي يا هائوسنگ اسڪيمن جو معاملو، اهي ٻئي معاملا جوهر ۾ سرمائي ۽ شهرڪاري سان جڙيل معاملا آهن. سرمايو جديد بيٺڪيتي مسواڙي رياست ذريعي سنڌ جي ٻيٽن کان ويندي زمين کي ڦٻائي ۽ ڌرتي ڌڻين کي بيدخل ڪري اتي ميگا منصوبا جوڙڻ گهري ٿو پر سنڌ جي پيرائي ۾ اهي معاملا قومي صورت وٺن ٿا، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اها شهرڪاري ٻه قومي نظريي تي بيٺل رياست جي صورت ۾ ٿئي ٿي ۽ پاڻ سان گڏ ٻاهرين آبادي کڻي سيٽلر ڪالونيلزم جي صورت اختيار ڪري ٿي ۽ نتيجي ۾ ٻنهي تحريڪن قومي صورت ورتي. ٻيٽن تي قبضي جو آرڊيننس ۽ ميگا پروجيڪٽ جي نالي تي قبضاگيري جا وائرل ٿيل اهي منظر اهڙا واقعا ثابت ٿيا جن وڏي عوامي تحرڪ کي جنم ڏنو، لکين سنڌي موبلائز ٿيا ۽ روايتي قومپرست سياسي پارٽيون به منظر تي اچي ويون. سنڌ ايڪشن ڪميٽي ان سڄي تحريڪ جي صرف هڪ امبريلا هئي جنهن جي بينر هيٺ وڏيون سرگرميون ٿيون، ڇاڪاڻ ته ان کان علاوه ڪو مرڪزي وڏو سياسي پليٽفارم نه هيو پر اها واحد آرگنائيزنگ فورس نه هئي. ان تحرڪ جو سماجي جائزو وٺجي ته ان ۾ مک ڪردار ان شهري ڊسپزيزڊ ڪلاس ۽ نئين مڊل ڪلاس جو آهي جيڪو انفارميشن ٽيڪنالاجي سان به جڙيل آهي ۽ ننڍن سياسي نظرياتي فڪري پروفيشنل گروپن ۽ تنظيمن ۾ منظم آهي. ان پنهنجو اظهار قومي طور ڪيو آهي. ان ڪري مان انهن تحريڪن کي خودرو تحرڪ نٿو سمجهان پر بظاهر خودروئيت ۾ به تنظيم ۽ شعور موجود آهي. شهيد نظام جوکيو به اهڙو ئي هڪ نوجوان آهي، جيڪو لوڪل گورنمنٽ ۾ غيررسمي نوڪري ڪندڙ آهي ۽ سوشل ميڊيا جي اوزار ذريعي دنيا سان به ڳنڍيل آهي ۽ ان ذريعي پنهنجي علائقي جا مسئلا به هائلائيٽ ڪندو رهي ٿو. سرداري سرشتي جي روايتي ضابطن کان تنگ هو عرب شيخن جي شڪار کي ظاهر ڪرڻ جي پاداش ۾ شهيد ڪيو ويو. هو پنهنجي ان عمل ۾ پوري طبقاتي ۽ جديد ماحولياتي تضاد کي اظهاري پيو. نتيجي ۾ هاڻ پوري سنڌ جو باشعور ماڻهو سردارن ۽ عرب شڪارين خلاف قومي طور سراپا احتجاج آهي.
2.تحرڪ جون حدون: اسان ڇا حاصل ڪيو؟
ٻيٽن جي تحريڪ کان ويندي 6 جون واري تحريڪ ۽ ناظم جوکيي جي شهادت کانپوءِ پيدا ٿيل تحرڪ تائين، اهو سڄو سياسي اڀار حڪمرانن جي خاص عملن جي ردعمل ۾ اٿيو آهي ۽ ان ردعمل واري سياسي اڀار جي نتيجي ۾ ٻيٽن تي قبضي جو آرڊيننس واپس ٿي ويو ۽ ناظم جوکيو جا قاتل گرفتار ٿي ويا پر اهي واقعا جيڪي ساختياتي تضادن ۽ مسئلن کي اظهارين ٿا، ان تي ڪا پيش رفت ٿيڻ بجائي اهو اڀار ختم ٿي وڃي ٿو. مثال 6 جون واري ڌرڻي ۾ هزارين لکين سنڌي موبلائز ٿيا پر اهو پرتشدد واقعي ۾ تبديل ٿي ويو ۽ ان کانپوءِ تحريڪ ٽيمپو وڃائي وڌو، قبضي گيري جي حوالي سان ڪي اصلاح نٿي سگهيا ۽ پوءِ ڪجهه ليڊرن “حڪمرانن سان ملاقاتون” شروع ڪيون. ايئن عين ممڪن آهي ته ناظم جوکيي تي پيدا ٿيل تحرڪ قاتلن کي سزا جي حوالي سان ۽ عرب شڪارن جي شڪار جي حوالي سان ڪي نتيجا ڏيڻ بجاءِ ختم ٿي وڃي. ان جو سبب اهو ئي آهي ته ريڊيڪل سياسي ڌريون فڪري ۽ عملي طور ايتري قوت نٿيون رکن ته اهي تحرڪ پيدا به ڪن، ان کي ڊائريڪشن به ڏئي وڃن ۽ منطقي نتيجي تائين پهچائي به وڃن. مثال اسان جهڙيون ننڍيون تنظيمون 6 جون واري تحريڪ کان پهريان شهرڪاري جي صورت ۾ قبضي گيري تي فڪري ۽ عملي ڪم ڪنديون رهيون آهن، جنهن جو ان تحريڪ ۾ حصو هو پر اسان ترقي پسند قوم دوست ماڻهو ان پوزيشن ۾ ناهيون ته ان تحريڪ تي فڪري ۽ عملي هيجيمني قائم ڪري سگهون، ايئن اسان ناظم جوکيي جي معاملي ۾ هر ممڪن ڪوشش ڪيون ٿا ته ان کي ماحوليات سان فڪري طور ڳنڍجي پر اهو ضروري ناهي ته ائين ٿئي. اها موضوعي کوٽ آهي جنهن کي پورو ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اها کوٽ به ميدان کان ٻاهر ويهي نه پر اهڙن سياسي تحريڪن ۾ عملي ۽ فڪري مداخلت وسيلي پوري ٿيندي. پر ڪجهه سياسي ماڻهو ان کوٽ ڏانهن اشارو ڪري اهو سوال ڪندا آهن ته “ان سڄي تحريڪ مان حاصل ڇا ٿيو؟”
عوامي سياسي اڀار، ڀلي وقتي هجن، ماڻهن جي قومي عوامي ارادي (National Popular Will) جو وقتي اظهار هوندا آهن. عام حالتن ۾ عام ماڻهن جو مزاحمتي ارادو ٽٽل هوندو آهي، اهي ذاتي زندگي جي موقعي پرستين، لالچ، خوف يا جهالت ۾ ٻڏل هوندا آهن پر جڏهن سياسي اڀار ٿيندو آهي ته هڪ قومي ارادي طور عمل ڪندا آهن. اهو وقتي قومي ارادو ماڻهن جي اجتماعي لاشعور ۽ يادگيري جو حصو ٿي ويندو آهي. مزاحمت جو اهو اجتماعي لاشعور ۽ يادگيري ئي ماڻهن کي مختلف وقتن تي اڪسائيندي آهي ته ويڙهه ممڪن آهي. ڀلا حر تحريڪ يا ايم آر ڊي جي تحريڪ پنهنجا اعلانيل نتيجا فوري طور جيئن جو تيئن حاصل ڪري سگهيون؟ ڪالاباغ ۽ اينٽي ٿل ڪينال سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جو خاتمو آڻي سگهيون؟ بلڪل به نه. پوءِ به انهن ٻه ٽي اهم مقصد حاصل ڪيا. انهن سنڌ جي قومي غلامي جي صورتن کي عام ڪيو ۽ ان خلاف ويڙهه کي اجتماعي ياد ۽ لاشعور جو حصو ٺاهيو، انهن تحريڪن ظالم ۽ مظلوم جي طاقت جي توازن ۾ تبديلي آڻي مظلوم جي وجود کي باقي رکيو. سنڌ جيڪڏهن پنهنجي قومي وجود ۽ غلامي جي شعور سان زنده آهي ته انهن مزاحمتن جي نتيجي ۾ آهي. 6 جون 2021ع به سنڌ جي اجتماعي ياد جو حصو آهي جڏهن سنڌ جي ماڻهن اڳيان غلامي جي جديد صورت سيٽلر ڪالونيلزم واضح ٿي، جڏهن گهڻي عرصي کانپوءِ سنڌ جي ماڻهن جي قومي عوامي ارادي جو اظهار ٿيو. 6 جون هجي يا ناظم جوکيي جي مزاحمت، اها هڪ قوم طور اسان جي اجتماعي ياد جو حصو ٿي ڪري اسان کي توڻي دشمن کي ياد ڏياريندي رهندي ته اسان زنده آهيون ۽ زنده رهنداسين.
(پورو ٿيو)