سنڌ

چڪ ويجهو ديري کي باهه لڳڻ سبب 300 مڻ ساريون سڙي ويون

چڪ ويجهو ڳوٺ مزارجو ۾ سارين جي ديري کي باهه لڳڻ سبب 25 جريب سارين جو 300 مڻ ساڙيون سڙي رک ٿي ويون. ڳوٺ مزارجو ۾ حافظ اميرالدين سومرو جي سارين جي ديري کي اوچتو باهہ لڳي وئي، جنهن ڪري 25 جريب جي سارين جي ديري جي 300 کان وڌيڪ سپر ساريون سڙي رک ٿي ويون. باهه لڳڻ سبب ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو، جنهن بعد لکي غلام شاهه مان فائربرگيڊ گهرائي وئي، جيڪا باهه تي ضابطو آڻي نه سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button