ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڦوٽَهڙو

Editorial-Article- Irshad Leghari

جڏهن جڏھن ڦوٽهڙي جي رُت ايندي آهي، ڌرتي سائي چادر پائيندي آهي، نمن ۾ ٻُور ايندو آهي ۽ پراڻيون يادون وليُن جيان وجود کي ويڙهي وينديون آهن تڏھن پنهنجي من ۾ انهن واٽن جا واڄا ٻيهر وڄڻ لڳندا آهن، جن واٽن تي هلندي پاڻ پنهنجي ذات جي ادراڪ ۽ ديس جي آجپي واري سفر ۾ توازن قائم رکڻ جا جتن ڪندي، سدائين اهي ماڳ پئي ڀيٽيا آهن، جتي نفي ۽ اثبات جي تعليم جون محفلون سجايون وينديون آهن. ۽ اتي پريت جي حاصل توڙي لاحاصل وارين ٻنهي ڪيفيتن ۾ انهن خيالن جي اُڻت ٿيندي آهي، جن ۾ يا ته ماڻهو پرينءَ سان گوڏي گڏ هوندو آهي يا پرينءَ جي پچار هوندي آهي. مطلب ٻنهي پاسن کان خيال جو محور “پرين” ئي هوندو آهي، جنهن کان ڌار هجڻ وارو دم حرام سمجهيو وڃي ٿو.
بھرحال مسئلو وري تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ڪن معاملن ۾ چِت جو چرخو چيو ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي. جڏهن ايئن ٿئي ته پوءِ ڇا ڪجي؟ پوءِ اهي نفي ۽ اثبات جا سنک وڄائيندڙ نانگا سامي ئي ساٿ ڏيندا آهن، جيڪي ٻڌائين ٿا ته جيڪڏهن چرخو چيو نه ڪري ته ان جي ٽُٽل تند کي ٻيهر ڪيئن جوڙجي.
اڄ به اهي ساڳيا ڏينهن آهن ۽ اها ساڳي ئي پچار پنهنجي روح ۾ هڪ ازلي واڄي جيان وڄي رهي آهي. پر ان وچ ۾ ظاهري سفر جي حوالي سان جيڪي اڻٽر لڪ ۽ لانگها پاڻ لنگهي پار ڪيا آهن، تن ۾ پاڻ کي پنهنجي هڪ سنگي جا چيل اهي آخري جملا ياد اچي رهيا آهن، جيڪي هُن انهي شام چيا هئا، جڏهن پاڻ شام جي ڌرم جو آخري شنان ڪري، اوسيئڙي جي رات کان ڪجھه وقت لاءِ موڪلاڻي وارو لباس پائي، ان ماڳ ڏانهن وڃي رهيا هئاسون، جتي هڪ واعدي جي فصل جي پاڻ کي آبياري ڪرڻي هئي. پر اهو جيئن ته پنهنجي اڪيلي ذات جي ڳُجهه جو بنھه ڳُجهو سفر هو، جنهن جي. وضاحت پاڻ ڪنهن جي به اڳيان ڪرڻ نٿي چاهي ۽ نه اهڙي وضاحت ضروري به هئي، تنهن ڪري پنهنجي سنگ جي گهڻن تڻن ساٿين کي سمجھه ۾ نٿي آيو ته پاڻ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون!؟ پر اهو پنهنجو يار، جيڪو پنهنجن ڪيترن ئي اوجاڳن جو شاهد هو، تنهن پنهنجي پر ۾ نئين پنڌ جي باري ۾ خبر ناهي ڇا طئي ڪري اهو فيصلو ٻڌائيندي چيو هو ته:
“پنڌ ۾ طرف جي درستگي جو يقين پھريون شرط آهي”
۽ پنهنجي دوست جي اهڙي راءِ جي ورندي ڏيندي پاڻ جواب ۾ چيو هو ته: “جيڪڏهن ڪنهن کي لڳي ٿو ته منهنجو پنڌ تصورِ يار کان الڳ، ڪنهن غلط رُخ ۾ آهي ته مون سان گڏ هلڻ لاءِ ڪو به پابند ناهي. جنهن کي جيڪو پنڌ درست لڳي، سو پنهنجي ان راھه تي هلڻ لاءِ آزاد آهي.” اهي ڏينهن ۽ هي ڏينهن، وري پاڻ کي اهو سنگي ٻيهر نه ملي سگهيو آهي، جنهن سان گڏ ڪُفر جي بازار ۾ رلندي جواني جي پهرئين معصوم گناھه سان اوچتي ملاقات تڏهن ٿي هئي، جڏهن زماني جي نظرن ۾ پاڻ تمام وڏا پارسا بڻجي چڪا هئاسين ۽ شهر جي ڳلين چوڪن تي موت کان پوءِ واري حياتي يا جيئري مرڻ واري مام جي فلسفي تي ايئن ڳالهائيندا وتندا هئاسين جيئن ڪڏهن يونان ۾ سقراط پنهنجي ديوانگي عام ٿي ڪئي.
ها، انهن ئي ڏينهن ۾ اهي نظم به ته لکيا هئاسين، جيڪي پاڻ کان هڪ ڀيري اُن جوڳڻ به پڙهڻ لاءِ گهريا هئا، جنهن پنهنجي پيار جي ڳولها ۾ اهو سمجهيو هو ته:
“هي سج ئي آهي جيڪو سنسار جي لاحاصل محبتن جي کنڊرن جو سڀ کان پراڻو ۽ اڪيلو گواهه آهي” ۽ پوءِ درٻار جا اهي سڀئي وفادار، جن کي پنهنجي پنهنجي منصب تي وڏو ناز هو، سي پاڻ کان خبر ناهي ڇو ايترا خائف بڻجي پيا، جو پاڻ کي ماڳهين نگر مان ئي نيڪالي ڏيڻ ٿي گهريائون.
بھرحال هاڻ اهي ڏينهن ناهن رهيا. معصوم گناھه جي راهنمائي ۾ ڪيل پنڌ گهڻو اڳيان نڪري چڪو آهي ۽ پاڻ اڄڪلھه اڻ طئي ٿيل نتيجن جي ناوَ ۾ چڙهي اوڏانهن وڃي رهيا آهيون، جتي پاڻ کي هڪ ازل جي لکيل واعدي واري ڦُلواڙي کي پاڻي ڏيڻو آهي. پر ان پنڌ ۾ پاڻ کي پنهنجي ان دوست جي باري ۾ ڪڏهن ڪڏهن خيال ضرور اچي ٿو، جنهن کي پنهنجي هر نئين وک تي اعتراض هوندو هو.
۽ پوءِ پاڻ ٻيهر وک کنوڻ ٿا ۽ واعدي واري تنهن ڦُلواڙي ڏانهن روانا ٿيون ٿا، جتي ڪيترائي ڦول هيلوڪي ڦوٽهڙي ۾ نئين جوڻ ۾ ڦُٽا آهن ۽ پاڻ کي ڀئنور بڻجي انهن ڦُولن کي ريجهائڻو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button