ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اجمل جو قتل معنيٰ انصاف جو قتل

Editorial-Article- Umer Qazi

اجمل ساوند جي حوالي سان اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سنڌ جي قبيلائي دشمنيءَ ۾ جيڪا ڌر جيترو وڏو ٽارگيٽ چونڊي ۽ ان کي ڪامياب طرح سان قتل جي منصوبي ۾ شامل ڪري، اهو ڪجهه ماڻي وٺندي آهي، جيڪو ڪجهه انهن اڳواٽ طئه ڪيو هوندو آهي ته اها ڌر ايتري ئي گهڻي خوش هوندي آهي. اها هڪ تمام غليظ ۽ تمام وحشي قسم جي ميچ هوندي آهي. ان ۾ مخالف ڌر جو وڏو ۽ مشهور ماڻهو قتل ڪرڻ کي وڏي ڪاميابي سمجهيو ويندو آهي ۽ مون کي محسوس ٿي رهيو آهي ته پروفيسر اجمل ساوند جي ڪيس ۾ ڪجهه اهوئي ٿيو هوندو. هن جي قتل تي سرداري نظام ۾ هڪ خوف به هوندو ۽ هڪ خوشي به هوندي. خوف ان ڳالهه جو ته جهڙي طرح ان جي باري ۾ تمام گهڻو گوڙ متو آهي ۽ سوشل ميڊيا توڙي عام ميڊيا ان جي باري ۾ تمام گهڻي تحرڪ ۾ آئي آهي، ان سان مخالف ڌر يا اها ڌر جنهن اجمل ساوند کي قتل ڪيو آهي، ان جي مٿان هڪ قسم جو پريشر پيدا ٿيندو ۽ انهن کي محسوس ٿيندو ته انهن کي ڪنهن به طرح سان يا ڪنهن به قيمت تي معاف نه ڪيو ويندو پر ساڳي طرح سان ان خون تي جيڪو سرداري نظام جو وحشي پهلو آهي، اهو خوش به ٿيو هوندو ته انهن ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. جڏهن ته انهن کي شرم اچڻ گهرجي.
انهن کي محسوس ٿيڻ گهرجي ته انهن ان اسان کي قتل ڪيو آهي، جيڪو انسان علم جو ڏيئو هو. مون جڏهن سنڌايڪسپريس ۾ خبر جي هيڊنگ اها پڙهي ته مون کي محسوس ٿيو ته اهو ئي سچ آهي. ان خبر ۾ هو ته قبيلائي جهيڙن جي جهالت علم جو روشن چراغ وسائي ڇڏيو. ان خبر ۾ اهو اطلاع هو ته اسان جي لاءِ اها تمام وڏي افسوس جي گهڙي آهي ته اسان جا ماڻهو ان طرح سان قتل ڪيا وڃن ٿا، جنهن ۾ هڪ وحشي سوچ پنهنجو عمل ڪري ٿي. جنهن وحشي سوچ کي نه ذهن آهي ۽ نه اها اهو ڏسي سگهي ٿي ته هو ڪنهن کي قتل ڪري رهي آهي. ان کي محسوس ٿيڻ کپندو هو ته هو اصل ۾ ان کي قتل ڪري رهي آهي، جيڪو انسان علم جو منارو هو. هو سنڌ ۾ پئسا ڪمائڻ نه آيو هو. هو سنڌ کي اهو علم ڏيڻ آيو هو، جنهن علم ۾ عالمي سوچ ۽ سمجهه هئي. پر هڪ عالم کي قتل ڪيو ويو ۽ هن کي ان ڏوهه ۾ قتل ڪيو ويو، جيڪو ڏوهه هن ڪيو به نه هو. هن ڪڏهن به قبيلائي تصورن جي سلسلي ۾ سوچيو به نه هو. هن کي جڏهن به پتو پوندو هوته قبيلائي دشمنيءَ انسانن جي زندگي کسي ورتي آهي ته هو اهو سوچيندو هو اها جهالت آخر ڪڏهن ختم ٿيندي؟
هن کي معلوم نه هو ته جنهن شيءَ جو پاڻ مخالف آهي، اها شيءَ هن جي قتل جو سبب بڻجندي. هن کي ان سوچ قتل ڪيو، جنهن جو هو مخالف هو. هن کي ان سسٽم قتل ڪيو، جنهن کي هن تبديل ڪرڻ جي خواهش رکي. هن ان ماحول اچانڪ موت جو پيغام ڏنو، جنهن ماحول کي تبديل ڪرڻ لاءِ هو پاڻ ميدان عمل ۾ آيو هو.
اسان کي معلوم هجڻ گهرجي ته اهو تمام گهڻو دل خراش پهلو هو ته هو جنهن طرح سان ۽ جيڪا سوچ رکي سنڌ ۾ آيو هو ته هن کي قتل ڪيو ويو ۽ هاڻي هن جي قتل تي سنڌ سراپا احتجاج آهي. اهو احتجاج اجمل ساوند کي واپس ورائي ته نه ٿو سگهي پر گهٽ ۾ گهٽ هو احتجاج ٻين نوجوانن کي ته اجمل ساوند جهڙي انجام کان بچائي سگهي ٿو. ان ڪري اهو احتجاج جاري رهڻ گهرجي ۽ ان احتجاج جو اصل نشانو اهو سسٽم هجڻ گهرجي، جنهن کي سردار هلائن ٿا. جن جو بنياد اهي ڀوتار فراهم ڪن ٿا، جن جي پيٽ ۾ پنهنجي گهر جي ماني گهٽ ۽ مظلومن جا لاش وڌيڪ آهن.
سنڌ احتجاج ۾ آهي. سنڌ کي احتجاج ڪرڻ گهرجي. ڇو ته سرداري سسٽم ۽ ڀوتارڪي نظام هن ڀيري ايڏو وڏو ظلم ڪيو آهي، جنهن تصور ڪرڻ به تمام گهڻو مشڪل آهي. ڇو ته اجمل ساوند جي قاتلن جنهن شخص کي ڪجهه منٽن ۾ قتل ڪري ڇڏيو، ان کي تيار ٿيڻ ۾ تمام گهڻا سال لڳا هئا. پر انهن کي ڪجهه به معلوم نه هو. انهن کي معلوم نه هو ته اجمل ساوند جو قتل سنڌ جو قومي نقصان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button