ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آئين جي حاڪميت جو سوال-I

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

پاڪستان 1947ع ۾ 14 آگسٽ تي قائم ٿيو، پر 26 سالن تائين ملڪ بنا ڪنهن دستور يا آئين جي تڳندو رهيو. 1940ع واري ٺهرا ۾ جيڪي صوبائي خودمختياري جا اصول طئي ڪيا ويا، انهن تي اڄ پنجهتر سالن تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي. جنهن جو وڏي ۾ وڏو مثال سنڌ ۽ بلوچستان جي زمينن، پاڻي، گئس، تيل، ڪوئلي، سنگ مرمر، گرينائيٽ ۽ ٻين معدني وسيلن تي وفاقي حڪومت جو قبضو آهي. پ پ سرڪار جا حمايتي ليکڪ ۽ صحافي زرداري دور اندر آئين ۾ ڪيل 18هين ترميم تي جيڪي شادمانا ڪن ٿا، تن کي پ پ اڳواڻن کان پڇڻ گهرجي ته سمورا معدني ۽ آبي وسيلا مرڪز حوالي ڪري اوهان ارڙهين ترميم ذريعي اسان کي ڪهڙي صوبائي خودمختياري ڏني آهي؟ دنيا جي ملڪن ۾ لکيل توڙي اڻ لکيل آئين ۾ هڪ صدي ۾ به ڪا هڪڙي ترميم نه ٿيندي آهي، پر پاڪستان جي آئين ۾ هر هڪ سويلين توڙي مارشل لا حڪومت پنهنجي من مرضي سان ترميمون ڪرائي فقط پاڻ کي ۽ پنهنجي سرمائيدار ۽ جاگيردار ساٿارين کي فائدو رسائيندا آهن. 1973ع کان وٺي 2023ع تائين اهڙي ريت اسان جي آئين ۾ هيستائين 19 ترميمون ڪيون ويون آهن، جن مان ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن کي ڪوبه فائدو نه ٿيو آهي. پر اٽلو کين ڇيهو رسيو آهي.
مون کي چٽي طرح ياد آهي ته جنرل ايوب خان جهڙي ڊڪٽيٽر خلاف صدارتي اليڪشن ۾ مقابلو ڪرڻ عيوض قائد اعظم محمد علي جناح جي سڳي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح کي به فوجي صدر ۽ سندس ڪنوينشن مسلم ليگ جو سيڪريٽري جنرل ذوالفقار علي ڀٽو ڀارتي ايجنٽ چئي عوام کي گمراهه ڪرڻ جي سازش ڪندا هئا. 1962ع ۾ ٿيل هن اليڪشن ۾ مشرقي بنگال توڙي اولهه پاڪستان جي ننڍن صوبن ۾ مارشل لا کان نفرت ۽ فاطمه جناح سان محبت هوندي هئي، پر چونڊن جي نتيجن ۾ ڦير ڦار ڪري جنرل ايوب خان کي زوري کٽايو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي 1973ع جو آئين ٺاهڻ ڪري وڏو ڪارنامو ڪندڙ سمجهيو ويندو آهي. پر آئين ۾ پهرين ترميم هن پاڻ ان وقت ڪري ڇڏي، جڏهن اڃا ڀٽو صاحب 1973ع واري آئين ۾ ترميم ڪري ملڪ مٿان ايمرجنسي لاڳو ڪئي، جنهن مطابق ڊفينس آف پاڪستان رولز (ڊي پي آر) تحت حڪومت جي مخالفت ڪرڻ وارن کي ٽن مهينن تائين جيل ۾ واڙڻ جو سرڪار کي اختيار ملي ويو. ان سان گڏوگڏ بنيادي انساني حقن ۽ اظهار جي آزادي کي به ختم ڪري ڇڏيائين ۽ ساڳي مارشل لا واري سينسرشپ عمل ۾ اچي ويئي. سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي پابنديون ۽ ايڊيٽرن جون گرفتاريون به ڊي پي آر واري انهي ڪاري قانون موجب ڪيون وينديون هيون. ايمرجنسي جو بنيادي مقصد بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) جي چونڊيل صوبائي حڪومتن کي ختم ڪري فوجي آپريشن ڪرڻ هو. مخالف ڌر جي جن اڳواڻن کي عدالتون ضمانت تي آزاد ڪنديون هيون. انهن ججن کي هٽائي ڇڏيندو هو. اڄ هڪ ڀيرو وري به ملڪ جي اعليٰ عدالت جي ججن کي پارليامينٽ ۽ وفاقي ڪابينه طرفان حڪم ڏنو ويو آهي ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال استعيفيٰ ڏيئي گهر هليو وڃي. حيرت آهي ته انهي ساڳئي چيف جسٽس گذريل سال هنن ئي ڏينهن ۾ جڏهن عمران خان حڪومت هٽائڻ خاطر آڌي رات جو عدالت جا دروازا کولائي ساٿي ججن کي سڏائي عمران خان کي وزيراعظم جي عهدي تان هٽايو ته پي ڊي ايم جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جشن ملهايو هو ۽ عمر عطا بنديال کي فرشتو سمجهندا هئا، ڇاڪاڻ ته چيف جسٽس جي آڌي رات مهل ڪيل فيصلي جي ڪري کين وفاق ۾ حڪومت ملي ويئي.
آئون اهڙا لقا زماني کان ڏسندو پيو اچان ته پاڪستان ۾ مذهبي نظام مغربي جمهوري سرشتو يا ننڍي کنڊ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ صدين کان رائج پئنچائتي طريقو به بار بار ناڪام ٿيندا رهيا آهن. پئنچائت واري سرشتي کي هاڻي جرڳو چوندا آهن ۽ انهي جرڳي مسڪين پورهيتن، سندن زالن ۽ ڌيئرن کي ڄمندي شرط وڏيرن ۽ سردارن جو باندي ۽ غلام ٺاهڻ کانسوا اهڙو ڪوبه ڪم نه ڪيو آهي، جنهن جي ساراهه ڪري سگهان. هن ملڪ مٿان نه رڳو جمهوري آپيشاهي جو جبر، فوجي آمريت جو انڌو قانون بلڪه جرڳائي سرشتي جي بدمعاشي پورهيت انسانن کي اڄ اهڙي اوڙاهه ۾ وجهي ڇڏيو آهي جو بيروزگاري، مهانگائي ۽ پوليس جي ظلم تشدد کان ڪڪ ٿي گهڻا مرد ۽ مائيون روز آپگهات ڪرڻ ۾ ئي پنهنجي نجات سمجهڻ لڳا آهن. پاڪستان انهي بربادي جي ڪري اڄ عالمي ادارن جي سروي رپورٽن موجب تمام تکي رفتار سان پوئتي پيل تمام گهڻن ملڪن کان به پوئتي ٿي ويو آهي. هڪ رپورٽ موجب اسان جي ملڪ جي ڪل آبادي مان 8 ڪروڙ ماڻهو تعليم کان وانجهيل آهن، پنج ڪروڙ انسانن کي ٻن ويلن جي به ماني نصيب نه ٿي ٿئي. 9 ڪروڙ غريبن وٽ بيمارين جو علاج ڪرائڻ لا نه پئسا آهن ۽ نه سرڪاري سطح تي ملندڙ سهولتون، پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم ڏهن بدترين ملڪن ۾ پاڪستان نائين نمبر تي پهچي چڪو آهي، جنهن جا ڪروڙين معصوم ٻارڙا پرائمري تعليم به نه ٿا پرائي سگهن.
غربت کي ختم ڪرڻ لا رٿيل بينظير ڪارڊ لا هيستائين عالمي ادارن ۽ بئنڪن کان ورتل ڏهه ارب ڊالر خرچ ڪرڻ جي باوجود اسان جو ملڪ هڪڙي به غريب ڪٽنب کي پنهنجن پيرن تي بيهاري پاڻ ڀرو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي! آخر ڇو؟ ان ڪري ته پرڏيهي ناڻي جي صورت ۾ جيڪي ڊالر اچن ٿا، تن کي هر دور جا حاڪم اسمگلنگ وسيلي ٻاهرين ملڪن جي بئنڪن ۾ يا ملڪيتون خريد ڪرڻ ۾ سيڙايو ڇڏين. ان پرڏيهي ناڻي عيوض اسٽيٽ بئنڪ کان ڪاغذ جا پاڪساني نوٽ ڇپرائي ماڻهن ۽ عورتن ۾ ورهائين ٿا، پر ان رقم جي ويليو ايتري مس بچي ٿي،جو پنهنجي ٻچن لا اٽو وٺي سگهن. آخر ائين ڏهاڪن کان ڇو پيو ٿئي. هن رپورٽ ۾ انهي سوال جو جواب هنن لفظن ۾ ڏنل آهي. سادو سودو ڪارڻ آهي. پاڪستان جي حڪمران اشرافيه نهايت پٿر دل آهي، جنهن غربت ۽ اڻهوند کي هاسيڪار وڌايو آهي ته جيئن ڪروڙين ماڻهو رڳو پنهنجو ۽ ٻچڙن جو پيٽ پالڻ خاطر سدائين حاڪمن جا ٻانها بڻجي نسل در نسل حياتي گهارين! اشرافيه جو پنهنجو طرز زندگي ڏسو ته اهو بي تاج بادشاهن وارو آهي ۽ خدا جي خلق کي غلام انهي ڪري بڻايو اٿن ته هميشه کين ووٽ ڏيئي تخت تي ويهاريندا رهن.
ڄڻ ته پاڪستان هڪڙو ملڪ نه پر سرون ٺاهيندڙ بٺو آهي، جنهن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت، زالون، مرد ۽ سندن ٻچڙا نسل در نسل قيد ۾ باندي بڻيل هوندا آهن. اهو سڀ ڪجهه سرمائيدارن ۽ جاگيردار طبقي جي مفادن کي بچائڻ لا ڪيو ويندو آهي. اڄ هڪ دفعو ٻيهر اعليٰ عدالت جي ججن کي پنهنجن ئي ساٿي ججن سان ويڙهايو پيو وڃي. مسلم ليگ نواز اها ساڳي واردات 1997ع ۾ تڏهوڪي چيف جسٽس سجاد علي شاهه خلاف به ڪري چڪي آهي.
)هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button