سنڌ سوشل ميڊيا جي سلور اسڪرين سان سر ٽڪرائي پڇا ڪري رهي آهي ته “امن ڪڏهن ملندو؟”
گوگل مان جواب اچي ٿو ته “جيستائين انصاف نه ايندو، تيستائين امن نه ٿو ملي سگهي”
سنڌ پڇا ٿي ڪري ته “انصاف ڪڏهن ملندو؟”
ميڊيا مان جواب اچي ٿو ته منصف ملڪي سياست سبب مصروف آهن.
اهو آهي مختصر منظرنامو ان الميي جو جيڪو اجمل ساوند تي صورت ۾ سنڌ کي ڀوڳڻ لاءِ مليو آهي.
اها آهي ته ان انصاف عدم موجودگي، جنهن جي نه هجڻ سبب بدامنيءَ جو راڪاس ڪڏهن ڪهڙي ڳڀروءَ ته ڪڏهن ڪهڙي ڳڀروءَ کي ڳهي رهيو آهي.
سنڌ کي ناظم جوکيو جو انصاف نه ملي سگهيو. مظلوم سنڌ پنهنجيون اکيون اگهي، ڪنڊ ۾ ماتم وساري جيئڻ سکي رهي هئي ته هن جي جهوليءَ ۾ هڪ پروفيسر پٽ جو لاش ڪريو. مائي جندو جهڙي سنڌ واري اکين ۾ لڙڪ سجائي سوشل ميڊيا تي انصاف لاءِ ٻاڏائي رهي آهي ۽ پريس ڪلبن جا پتا پڇي، ميڻ بتيون ٻاري رهي آهي.
هيءَ صورتحال آخر ڪيستائين هوندي؟
ڇا اسان کي معلوم ناهي ته امن ۽ انصاف جا رستا ڪنهن روڪيا آهن؟ اهو درست آهي ته بظاهر انهن پنهنجن واٺن وڏيرن ۽ سردارن کي سامهون بيهاريو آهي. پر اسان کي معلوم آهي ته انهن وڏيرن ۽ سردارن کي ماڻهو ويڙهائڻ ۽ لاش ڪيرائڻ جي سگهه ڪير ڏئي ٿو؟ جڏهن انهن جي مٿان قانون ڪڙڪي ٿو ته انهن کي فرار جو رستو ڪير فراهم ڪري ٿو؟ پوءِ انهن کي واپسيءَ جي واٽ ڪير ٿو ڏئي؟ جرڳا ڪير ٿو ڪرائي؟ لاشن کي ڪير ٿو وڪڻائي؟
عوام کي هر شيءَ جو علم آهي. هاڻي ماڻهو ايترا سادا ناهن جو انهن کي ٻارن وانگر ڪا ڪهاڻي ٻڌائي مطمئن ڪيو وڃي. ماڻهن وٽ سوين سوال آهن. حڪومت وٽ هڪ به جواب ناهي. ڇا ان سوال جو ڪو جواب آهي ڪنهن وزير؟ ڪنهن وزير اعليٰ؟ ڪنهن وزير اعظم يا صدر وٽ ته آخر سنڌ قبيلائي دشمنين جي جهنم ۾ ڇو جلي رهي آهي؟
ڇا هو اڄ به اهو جواب ڏيندا ته جڏهن شعور ايندو. جڏهن سوچ ۽ سمجهه ايندي. جڏهن تعليم عام ٿيندي. تڏهن ان قسم جا جهالت وارا جهيڙا پنهنجو پاڻ ختم ٿي ويندا. ڇا هو هن صورتحال ۾ به اهوئي جواب ڏيندا؟ جڏهن سنڌ جي سيني تي هڪ پي ايڇ ڊي پروفيسر جو لاش پيو آهي. هو جيڪو فرانس مان وڏي ڊگري وٺي آيو. هو جنهن کي هن مٽيءَ جي مهڪ سان محبت هئي. هن وٽ ڪي خواب هئا. هن چاهيو پئي ته هو سنڌ جي نوجوانن ۾ اتساهه پيدا ڪري. هن سدائين اهو سوچيو هو ته سنڌ جي غلاميءَ جو انت ان صورت ۾ به اچي سگهي ٿو ته سنڌ جو هر نوجوان تمام گهڻو تعليم يافتا ۽ تمام گهڻو باشعور بڻجي وڃي. ايترو تعليم يافتا ۽ ايترو باشعور جو دنيا جو هر ملڪ هن کي پنهنجو شهري بڻائڻ ۾ فخر محسوس ڪري. پر هن کي اهو خواب پورو ڪرڻ جي ڪوشش دوران خون ڪيو ويو ۽ هن جي لاءِ صرف سنڌ جو اڇي لٽي وارو عوام پنهنجي وس آهر انصاف گهري رهيو آهي ۽ اها پڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته وري ڪنهن اجمل ساوند جو سرعام قتل نه ڪيو ويندو.
سنڌ کي هن تمام گهڻي قانوني ۽ حقيقي جدوجهد ۾ ڪنهن جو به ساٿ حاصل ڪونهي. سنڌ کي نه ته سرڪار جو سهڪار حاصل آهي. سنڌ کي نه ته مخالف ڌر جو سهارو آهي. سنڌ کي ان انصاف واري اداري جو به ساٿ ميسر ناهي، جيڪو ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
اسان کي معلوم آهي ته سنڌ ۾ سرڪاري ڌر ان سلسلي ۾ ڪجهه به نه ڪندي ۽ شهباز شريف توڙي هن جي سرڪار لاءِ هي ڪو به مسئلو ناهي. سنڌ اهو به ڄاڻي ٿي ته عمران خان جون اکيون صرف ۽ صرف اقتدار کي ڏسي رهيون آهن. هن کي سنڌ جي سورن جو تر جيترو به احساس ناهي. اهڙي صورتحال ۾ اهو فرض عدليا جو آهي ته سياسي حوالي سان سوين ڪيس اڪلائڻ کان پوءِ هڪ نظر ان سنڌ تي به وجهي، جيڪا مائي جندو جي روپ ۾ پنهنجي ساوند جهڙي شهيد پٽ لاءِ انصاف گهري رهي آهي.
عدليا کي عوام کان وڌيڪ علم آهي ته سرڪار ان سلسلي ۾ ڪجهه به نه ڪندي. ڇو ته سڌي طرح سان نه ته گهٽ ۾ گهٽ اڻ سڌي طرح سان سرڪار جو اهڙن معاملن ۾ ڀرپور ملوث هجڻ يقيني هوندو آهي. عدليا کي خبر آهي ته جيڪڏهن حڪومت چاهي ته هڪ مهيني اندر سنڌ ۾ جيڪي به قبيلائي فساد آهن، انهن کي مڪمل طور تي ٻنجو اچي سگهي ٿو پر سرڪار پنهنجن سهڪاري سردارن ۽ ونگارو وڏيرن کي ڪنهن به طرح سان ڪمزور ڪرڻ نه ٿي چاهي. سرڪار کي صرف ووٽ گهرجن ۽ وڏيرڪو سسٽم لٺ سان عوام کي ڌڻ وانگر هڪلي پولنگ اسٽيشنن تي پهچائي ۽ پنهنجي مرضيءَ مطابق ٺپا هڻائي ٿو. اهڙي اقتداري قوت کي سرڪار ڇا لاءِ ڊسٽرب ڪندي؟
سرڪار عوام جي احتجاج ۽ انصاف جي تقاضا کي اهميت ڏئي ها ته ڇا ناظم جوکيو جو لاش ايئن لڙهي وڃي ها؟ هرگز نه. سرڪار هاڻي اجمل ساوند جي ڪيس کي به ان طرح سان ڌوڙ ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي. جهڙي ريت سنڌ جو روشن ستارو اجمل ساوند مٽيءَ ۾ ملي ويو.، تهڙي طرح هاڻي هن جو ڪيس به لئه مٽي ڪرڻ لاءِ سرڪار ۽ هن جا سياسي ڪمدار ميدان ۾ لٿل آهن.
اهڙي ماحول ۾ اهو عدليا جو فرض آهي ته سنڌ ۾ قبائلي جهيڙن جي سلسلي ۾ هڪ اعليٰ اختياراتي ڪميشن قائم ڪري ۽ اهي سمورا سردار ۽ وڏيرا ۽ ڀوتار پهرين ان ڪميشن آڏو پيش ٿين، جيڪي اهڙن ڌنڌن ۾ ملوث رهيا آهن. ان بعد انهن جي مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ ڪيس هلايا وڃن. انهن کي انصاف مطابق سزائون ڏنيون وڃن. جيڪڏهن ان قسم جو ڪو قدم کنيو ويندو ته انصاف جي صورت عيان ٿي سگهندي. جيڪڏهن اعليٰ عدليا ساوند جي ڪيس کي نظرانداز ڪيو ته پوءِ ان جي وارثي ڪير ڪندو؟ پوءِ ته اهوئي سلسلو شروع ٿي ويندو. جنهن سلسلي ۾ هر لاش ڪرڻ جي قيمت ٻه لاش ڪيرائي ورتي ويندي آهي. جيڪڏهن لاشن جي بدلي ۾ لاش ڪرندا رهندا ۽ امڙين جون جهوليون خالي ٿينديون رهنديون ۽ ٻار يتيم ٿيندا رهندا ته ان صورت ۾ امن ڪيئن ايندو؟
اسان سالن کان وٺي، اهي گيت سپنن وانگر پنهنجي اکين ۾ سانڍي ويٺا آهيون ته:
“امن ايندو وري
امن ايندو وري
شهر ٻهه ٻهه ڪندا
مرڪندي زندگي
ماءُ جي مهڪ ۾
امن جي تازگي
ٻار جي ٽهڪ ۾
امن جو آرسي
امن ايندو وري
امن ايندو وري”
پر امن ڪڏهن ايندو؟ انصاف ڪڏهن ملندو؟ امن ۽ انصاف جي انتظار ۾ ته اسان جا ڪارا وار به سفيد ٿي ويا آهن. پر بدامني ۽ بي انصافيءَ جي ڪاري رات ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي.
ڪاش! ڪوئي ٻڌائي ته سج ڪڏهن اڀرندو؟
اهو سج جنهن جا روشن ڪرڻا، اکين ۾ جوت جاڳائيندا.
ڪاش! ڪوئي ٻڌائي صبح ڪڏهن ٿيندو؟