رانديون

رميز راجا مون ناهي هٽرايو، کيس استعيفيٰ ڏيڻ کپي ها: نجم سيٺي

پي سي بي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي تھ رميز راجا کي مون عهدي تان ناهي هٽرايو، حڪومت تبديلي ئي کيس پاڻ استعيفيٰ ڏيڻ گهرجا جا، پي ايس ايل ۾ ٻن نين ٽيمن جي شموليت سان فرنچائيز کي نقصان نھ ٿيندو. ميڊيا سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ هن جو چوڻ هو تھ ان معاملي تي ليگ جي اختيارين سان منهنجي ڳالهه ناهي ٿي، پر خواهش آهي تھ نيون ٽيمون حصو بڻجن. جڏهن تھ اڃا تائين ٻن نين ٽيمن کي ايونٽ ۾ آڻڻ بابت حتمي فيصلو ناهي ٿيو. هن چيو تھ فرنچائيز کي مالي معاملن تي ڳڻتي آهي، مان کين يقين ڏيان ٿو تھ آمدني وڌڻ سان انهن کي منافعي مان حصو ملي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button