ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مدد ۽ قرضن تي اڃا ڪيترو ڀاڙيو ويندو؟

Editorial

هي دنيا جا واحد حڪمران آهن جنهن ڳالهه تي هنن کي ڏک ۽ افسوس ڪرڻ گهرجي، ان تي هي خوش ٿيندا آهن ۽ ان کي پنهنجو ڪارنامو سمجهندا آهن. جنهن جو اظهار ٻاهرين امداد ۽ قرض وغيره آهن. جن تي حڪمران خوشي ۾ ڍاپندا ناهن. تازو ئي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته گڏيل عرب امارات آئي ايم ايف کي هڪ ارب ڊالر امداد جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. اسحاق ڊار ٽوئيٽر تي پيغام جاري ڪندي چيو ته گڏيل عرب امارات هڪ ارب ڊالر مالي امداد جي تصديق ڪري ڇڏي، يو اي اي عملدارن آئي ايم ايف کي به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ گڏيل عرب امارات جي آفيسرن سان رابطي ۾ آهي، هڪ ارب ڊالر جمع ڪرائڻ لاءِ دستاويز کي آخري شڪل ڏني پئي وڃي. اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته چين جي آئي سي بي سي بئنڪ کان 30 ڪروڙ ڊالر جي ٽين قسط اڄ اسٽيٽ بئنڪ کي ملي ويندي. ٻئي پاسي هاڻي پرڏيهي مالياتي فنڊ (آئي ايم ايف) سان اسٽاف ليول معاهدو ٿيڻ ۾ رڳو سعودي عرب جي تصديق باقي آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن مطابق سعودي عرب کان 2 ارب ڊالرز جي فنانسنگ ايندڙ هفتي ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن ٻڌايو ته سعودي عرب کان تصديق کان پوءِ آئي ايم ايف جي ٻاهرين فنانسنگ جا شرط پورا ٿي ويندا.

هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جا سمورا شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن ان ڪري هاڻ آءِ ايم ايم وٽ معاهدو نه ڪرڻ جو ڪوبه بهانو نه آهي. لاهور ۾ شاهدره فلائي اوور منصوبي جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف جو هڪ ٽٽل ڦٽل معاهدو حڪومت جي جهولي ۾ وڌو ويو هو، جنهن جي لاءِ اڄ تائين لائنون ڪڍيون پيون وڃن، اسان جي ڪابه چونڊ نه آهي ان لاءِ آءِ ايم ايف جا شرط مڃڻا پئجي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم جي شرطن ۾ آخري شرط دوست ملڪن کان ڪجهه ارب ڊالر آڻڻ هئي، چين 2 مهينا اڳ اندازو لڳائي ورتو هو ته پاڪستان کي ڏکيائين ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي جنهن سبب چين اسان جو 2 ارب ڊالر قرض پوئتي ڪري ڇڏيو. هن وڌيڪ چيو ته دوست ملڪن کان قرض جو شرط پورو ڪرڻ لاءِ پرڏيهي وزير ۽ ناڻي واري وزير سان گڏ آرمي چيف به اهم ڪردار ادا ڪيو.

جڏهن ته عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پاڪستان جي اهم دوست ملڪن طرفان مالي امداد جي تازي اعلان جي آجيان ڪئي آهي. آءِ ايم ايف مشن چيف پاڪستان نيٿن پورٽر چيو ته پاڪستاني وفد ۽ آءِ ايم ايف اسٽاف جي تازي ملاقاتن ۾ مضبوط پاليسين کي برقرار رکڻ تي اتفاق ٿيو آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستاني اختيارين جي انهن ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو ۽ ادارو جلد کان جلد ضروري مالياتي خاطريون حاصل ڪرڻ جو منتظر آهي ته جيئن نائين اقتصادي جائزي جو ڪاميابي سان رستو کلي سگهي.

اسان جو حڪمرانن کان سوال آهي ته نيٺ ٻاهرين امداد، دوست ملڪن جي مدد ۽ عالمي مالياتي ادارن جي قرض تي آخر ڪيترو ڀاڙيو ويندو؟ 

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button