رانديون

سريلنڪا جي مينڊس ۽ ڪرونارتني جون آئرلينڊ خلاف سينچريون

سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽيسٽ ۾ آئرلينڊ خلاف پهرين اننگز ۾ 386 رنسون ٺاهي ورتيون آهن ۽ ان جا 4 بيٽر آئوٽ ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق آئرلينڊ جا بالر وڏي ڪوشش باوجود پهرين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن سريلنڪا جون رڳو 4 وڪيٽون وٺي سگهيا آهن. سريلنڪا جي اوپنرن مان نشان مدوشڪا 29 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، بعد ۾ ڊيموٿ ڪرونارتني 179 ۽ ڪوشل مينڊس 140 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي اسڪور کي 300 کان مٿي ڪري ڇڏيو آهي. اينجليو ميٿيو ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويو آهي. جڏهن تھ ڪالهه راند ختم ٿيڻ وقت دنيش چنديمل 18 ۽ پرابٿ جئي سوريا 12 رنسن سان ڪريز تي موجود رهيا. آئرلينڊ جي بالرن مان مارڪ ايڊيئر، ڪرٽس ڪمفر، بينجامن وائيٽ ۽ جارج ڊوڪريل هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button