
پاڪستاني اداڪارا مومل شيخ چيو آهي تھ مون کي جيڪا مڃتا ملي آهي يا شوبز دنيا ۾ جيڪو مقام مون ماڻيو آهي، ان ۾ والد يا ٻين گهرڀاتين جو ڪردار ناهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ مون هي سڀ ڪجهه پنهنجي محنت ۽ ڪم سبب حاصل ڪيو آهي. مومل شيخ جو چوڻ هو تھ ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ والد سبب مان پروڊيوسرن سان ڳالهائڻ ۾ گهٻرائيندي هئس تھ مٿان پنهنجا نوازي جو الزام لڳي وڃي، اهو ئي سبب آهي جو مون پنهنجي والد جي هدايتڪاري ۾ بھ ڪم ناهي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ مومل شيخ چيو تھ اداڪار کي ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ واري عوام آهي، مداح تعريف ڪندا تھ شهرت ملندي، انهن تنقيد جو نشانو بڻايو تھ اداڪار پٽ پئجي ويندو آهي، اسان جي ڪم جا وڏا جج مداح آهن.