رانديون

واريئرز فيئر بريڪ جي چيمپيئن بڻجي وئي، فالڪن کي شڪست

فيئر بريڪ انوٽيشنل ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ واريئرز ويمن جي ٽيم 94 رنسن تان فالڪن ويمنز کي شڪست ڏئي نئين چيمپيئن بڻجي وئي آهي. ميڊيا مطابق ويمن ڪرڪيٽ ليگ جي فائنل مقابلي ۾ واريئرز جي ٽيم آسان مقابلي ۾ فالڪن ويمنز کي هارائي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. ان کان اڳ واريئرز جي ٽيم هيلي ميٿيوز جي 123 رنسن سان 4 وڪيٽن تي 230 رنسون ٺاهي مخالف ٽيم کي وڏو هدف ڏنو،

فيئر بريڪ ٽورنامينٽ جي رنر اپ ٽيم جي ڪپتان هدايتون ڏيندي

جنهن جي موٽ ۾ فالڪن ٽيم 137 رنسون ٺاهي سگهي، چماري ۽ ٿيرٺا 29، 29 رنسن سان نمايان رهيون. ميچ جي آخر ۾ هيلي ميٿيوز کي سينچري اسڪور ڪرڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button