انسان جي فڪري تاريخ ۾ مارڪسزم وڏو انقلاب هو، مارڪسزم ۾ وري ليننزم وڏو انقلاب هو. زندگي مسلسل روان دوان آهي. تنهنڪري اهو ممڪن ئي ڪونهي ته زندگي اڳتي وڌندي رهي، پر ان اوسر دوران هو مخصوص حالتن ۾ نون مسئلن کي پيدا نه ڪري، زندگي جي ترقي دوران اڀرندڙ نوان مسئلا نين تشريحن جا گهرجائو هوندا آهن، ٻي انٽرنيشنل جي اڪثر “مارڪسوادين” جي ڪمزوري اها هئي ته اهي نون اڀريل سوالن کي نه سمجهي سگهيا، لينن جي سڀ کان وڏي قابليت اها هئي ته هن نين حالتن تحت سماجي اوسر جي مختلف دائرن ۾ جيڪي به نوان سوال ۽ مسئلا اڀريا، هن انهن جو ٺوس تجزيو پيش ڪيو، انهن جي پيش نظر هن مارڪسزم ۾ واڌارا آندا. لينن کان اڳ ۾ ٻي انٽرنيشنل جي نظرئيدانن مارڪسزم کي رڳو فڪري بحثن تائين گهٽائي، ان جي سائنسي جوهر کي گم ڪري ڇڏيو. لينن جو ٻيو اهم ڪارنامو مارڪسي سائنس کي بحال ڪرڻ هو. ان سلسلي ۾ لينن ڪيترائي آرٽيڪل، پمفليٽ ۽ ڪتاب لکيا، ۽ انهن مان هڪ آرٽيڪل “مارڪسزم ۽ سڌارواد” به هو، جيڪو هن 1913ع ۾ روس جي موقعي پرستن جي مزدور دشمنيءَ خلاف ۽ مارڪسزم جي دفاع ۾ لکيو هو. ان آرٽيڪل ۾ لينن سڌارپسنديءَ جي بورجوا ڳر کي وائکو ڪندي، ان کان مزدور طبقي کي باخبر رهڻ ۽ ساڳي وقت سڌارن کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ جي تلقين ڪئي. لينن جو 1913ع ۾ لکيل اهو آرٽيڪل ڪيترن ئي حوالن کان اڄ به ڪارائتو آهي.
لينن پنهنجي ان آرٽيڪل ۾ لکي ٿو: “انارڪسٽن جي ابتڙ مارڪسسٽ سڌارن جي جدوجهد کي تسليم ڪن ٿا. يعني اهڙن قدمن جي جدوجهد کي جيڪا حڪمران طبقي جو اقتدار ختم ڪرڻ کان سواءِ پورهيتن جي حالت کي بهتر بڻائي ٿي. گڏوگڏ مارڪسسٽ سڌار پسندن (Reformists) خلاف انتهائي ثابت قدميءَ سان جدوجهد ڪن ٿا. جيڪي سڌي يا اڻ سڌي طرح پورهيت طبقي جي مقصدن ۽ سرگرمين کي رڳو سڌارن تائين محدود ڪري ڇڏين ٿا. اصل ۾ سڌار پسنديءَ (Reformism) ذريعي سرمائيدار طبقو پورهيتن کي دوکو ڏيندو آهي. جيڪي آهستي آهستي حالت بهتر ٿيڻ باوجود سرمائي جي حاڪميت باقي رهڻ تائين سدائين اجرتي غلام رهن ٿا.”
لينن وڌيڪ لکي ٿو: “لبرل بورجوازي هڪ هٿ سان سڌارا آڻي ٿو ته، ٻئي هٿ سان انهن کي کسي وٺي ٿو. سڌارن کي گهٽائي ٻڙيءَ برابر ڪري ڇڏي ٿو ۽ کيس پورهيتن کي غلام بڻائڻ لاءِ، انهن ۾ ڏڦيڙ وجهڻ لاءِ ۽ پورهيتن جي اجرتي غلاميءَ کي دائمي بڻائڻ لاءِ استعمال ڪري ٿو. ان لحاظ کان سڌار پسندي، کڻي اها خلوص سان ئي ڇو نه لاڳو ڪئي وڃي، عمل ۾ هڪ اهڙو هٿيار بڻجي وڃي ٿي، جنهن سان سرمائيدار طبقو پورهيتن کي بگاڙي ٿو ۽ انهن کي ڪمزور ڪري ٿو. سمورن ملڪن جو تجربو ٻڌائي ٿو ته، جيڪي پورهيت سڌار وادين تي اعتماد ڪن ٿا، انهن کي سدائين بيوقوف بڻايو وڃي ٿو.”
هو لکي ٿو: “ان جي ابتڙ پورهيت جيڪي مارڪس جي نظرئي کي سٺي نموني ذهن نشين ڪري ٿا وٺن، يعني اهو سمجهن ٿا ته سرمائي جي حڪمرانيءَ سان گڏوگڏ اڻٽر طور اجرتي غلامي به باقي رهندي، هو ڪنهن به بورجوا سڌارن کان دوکو نٿا کائين. اهو سمجهڻ کان پوءِ ته، جيستائين سرمائيداريءَ جو وجود باقي آهي، سڌارا نه ته جٽادار ٿي سگهن ٿا ۽ نه ئي ڏور رس، مزدور بهتر حالتن لاءِ جدوجهد ڪندا آهن ۽ انهن کي اجرتي غلامي خلاف ويڙهه کي تيز ڪرڻ ۾ استعمال ڪندا آهن. سڌار پسند مزدورن ۾ ڏار وجهڻ ۽ دوکو ڏيڻ جي ۽ ننڍڙين رعايتن ذريعي انهن کي طبقاتي جدوجهد کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر مزدور سڌار پسندي جو فريب سمجهڻ کان پوءِ پنهنجي طبقاتي جدوجهد وڌائڻ ۽ ان کي وسيع ڪرڻ خاطر سڌارن مان فائدو کڻندا آهن.”
(هلندڙ)