ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪشمڪش

Editorial-Article- Umer Qazi

پاڪستان ۾ اقتداري ڪشمڪش ڪا نئين ڳالهه ناهي. ملڪي تاريخ ۾ اهڙو ڪو دور ئي نه رهيو آهي، جڏهن اقتدار جي سلسلي ۾ مٿين سطح تي ڇڪتاڻ نه رهي هجي. پر گذريل ڪجهه وقت کان وٺي اها ڪشمڪش ايتري ته شديد ٿي وئي آهي جو اها هاڻي ان پردي جو به ڪو خيال نه ٿي ڪري، جيڪو اڳ ۾ ڪيو ويندو هو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اڳ ۾ جيڪا به ڪشمڪش ٿيندي هئي، اها پردي جي پويان هوندي هئي. جڏهن ته هاڻي پردا چاڪ ٿي ويا آهن ۽ اهم ادارن جي پاڻ ۾ جيڪا به ڇڪتاڻ ۽ جيڪا به دوري آهي، اها پڌي پٽ پئجي وئي آهي. هاڻي هر ادارو پنهنجي پردي مان ٻاهر نڪري آيو آهي. ان قسم جو انداز ملڪي سياست ۾ آزادي آڻيندو يا انارڪي؟ ان سوال تي ملڪ جا وڏا دماغ سنجيدگيءَ سان سوچي رهيا آهن. ڇو ته ان سلسلي ۾ اسٽيڪ وڏا آهن. هن ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، ان ۾ مثبت پهلو گهٽ ۽ منفي پهلو وڌيڪ نظر اچي رهيو آهي. خاص طور تي ملڪ ۾ جيڪا مهانگائي آهي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جنهن تنهائيءَ جو شڪار ٿي رهيو آهي، ان سان تڪليف ۾ اضافو وڌي رهيو آهي.

ملڪ جڏهن داخلي ۽ خارجي سطح تي ان قسم جي ڪيفيت مان گذرندو هجي، ان مهل سياسي بحران جو بار وڌيڪ ٿي ويندو. اها هڪ نارمل ۽ فطري ڳالهه آهي. پاڪستان جا رياستي ڪلها هن مهل ايترا ڪمزور آهن جو اهي ايڏو وڏو بار کڻي نه ٿا سگهن، جيترو بار انهن مٿان وڌو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ اهم ڪردار وري به انهن سياستدانن جو آهي، جن جي ايجنڊا تي ملڪ جو وقار ۽ عوام جو سک نه پر پنهنجي سرڪار ۽ پنهنجو اقتدار آهي.

عدليا ۽ حڪومت جهڙي طرح ڪشمڪش جو ڏيک ڏئي رهيون آهن، ملڪي تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن به نه ٿيو هو. ڇو ته اها کڻي ڪنهن به حڪومت هجي پر اها ڪنهن به طرح سان عدليا سان ڦٽائڻ جو خطرو نه کڻڻ ۾ ئي پنهنجو خير سمجهندي رهي آهي. جيڪڏهن پاور جي نشي ۾ الوٽ ٿي پرويز مشرف جيڪو قدم عدليا جي خلاف کنيو هو، اهوئي هن جي زوال جو سبب بڻيو.

پاڪستان جي سياسي صورتحال ايتري ته غيريقيني حالتن جي حوالي ٿيل آهي جو ڪنهن کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿي سگهي ٿو؟ هڪ خطرو اهو هو ته ملڪ ۾ ڪنهن به طرح سان آمريت مڙهجي سگهجي ٿي. پر گذريل ڏينهن جهڙي طرح فوج جي سربراه پنهنجي تقرير ۾ واضح ڪري ڇڏيو ته فوج چونڊيل نمائندن ۽ آئين سان گڏ بيٺل آهي ته ان کان پوءِ اهو خطرو ٽري ويو آهي ته ڪا مداخلت جي تاريخ ورجائجي سگهي ٿي. پر گذريل ڏينهن واري تقرير جو اهو جملو عمران خان جي سياست لاءِ واضح پيغام آهي، جنهن ۾ آرمي چيف چيو ته “نئين پراڻي پاڪستان جي ڳالهه ڇڏي، پنهنجي پاڪستان جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي” آرمي چيف جي ان بيان کان پوءِ تحريڪ انصاف جي حلقن ۾ خاموشي آهي. اها خاموشي ڪهڙي طرح سان ختم ٿيندي؟ اهو سوال وري به ڪنهن سپ وانگر ملڪ جي حساس پهلوءَ کي ڏنگ هڻي رهيو آهي.

ملڪ هن مهل ان موڙ تان گذري رهيو آهي، جنهن ۾ اسٽيبلشمينٽ به اهوئي چاهي ٿي ته سياسي پارٽيون پاڻ ۾ گڏجي ويهن ۽ ان صورتحال جو حل تلاش ڪن، جنهن صورتحال ۾ مهانگائي ۽ عالمي سطح تي تنهائيءَ جا تمام وڏا خطرا پيدا ٿي پيا آهن. ان ڪري ملڪ جو ڀلو چاهيندڙ يا جن قوتن جا مفاد ملڪ جي مستحڪم صورتحال سان لاڳاپيل آهن، انهن جو بيحد اصرار آهي ته ڪنهن به طرح سان حڪومت ۽ مخالف ڌر گڏجي ويهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن عملي نتيجي تي پهچن. ڇو ته ان ۾ ئي ملڪ جو ڀلو آهي. حڪومت ته پهرين ڏينهن کان وٺي عمران خان سان ڳالهائڻ جي لاءِ تيار آهي. جڏهن ته عمران خان کي اهو پسند ناهي.

هن وقت اهم سوال اهو آهي ته ان ڪشمڪش جي هوندي چونڊون ٿينديون؟ ڇا چونڊن کان پوءِ ڪشمڪش جو انت ايندو؟ يا اهو پهريان کان وڌيڪ ايترو ته وڌي ويندو جو ان تي ڪنٽرول تمام گهڻو ڪٺن محسوس ٿيندو!!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button