ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عدالتي ستدارن جي آڙ ۾ اليڪشن کان انڪار-II

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

 گذريل آچر تي منهنجي هن تجزياتي آرٽيڪل جي پهرين قسط شايع ٿي هئي، جنهن جي آخري پئرا هئي پاڪستان تي ڪيئن ڏهاڪن کان حڪومت ڪندڙ اشرافيه نهايت پٿر دل آهي. غربت، بيروزگاري ۽ اڻهوند کي هنن هاسيڪار وڌايو آهي ته جيئن ملڪ جا ڪروڙين انسان رڳو پنهنجن ٻچڙن جي پيٽ پالڻ جي فڪر ۽ ڳڻتي ۾ سدائين حاڪمن جا ٻڌا ٻانها بڻجي، نسل در نسل حياتي گهارڻ تي مجبور هجن، حڪمران اشرافيه جو طرز زندگي ڏسو ته اهو بي تاج بادشاهن وارو آهي، هنن خدا جي خلق کي پنهنجو غلام انهي ڪري بڻائي رکيو آهي ته جيئن اليڪشن ۾ هميشه کين يا سندن اولاد کي ووٽ ڏيئي تخت تي ويهاريندا رهن. ڄڻ ته پاڪستان هڪڙو ملڪ نه پر سرون ٺاهيندڙ بٺو آهي جنهن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت زالون، مرد ۽ سندن سنها سنها ٻچڙا نسلن تائين قيد ۾ باندي بڻجي رهن. اهو سڀ ڪجهه حاڪم سرمائيدارن ۽ جاگيردار طبقي جي مفادن کي بچائڻ لا ڪيو ويندو آهي. اڄ هڪ دفعو ٻيهر ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت جي ججن کي پنهنجن ئي ساٿي ججن سان ويڙهايو وڃي پيو. مسلم ليگ نواز اهڙي ساڳي واردت 1997 ۾ تڏهوڪي چيف جسٽس سجاد علي شاهه مرحوم جي خلاف به ڪري چڪي آهي.

هن لکڻي کي پورو هڪ هفتو لنگهي ويو آهي پر پارليامينٽ ۽ اعليٰ عدالت وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽجن بدران ماڳهين وڌي ويئي آهي. انهي ڇڪتاڻ جو بنيادي ڪارڻ سپريم ڪورٽ جو گذريل مهيني جاري ڪيل حڪم آهي ته پنجاب ۽ خيبر پختونخواه صوبن ۾ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون آئين ۾ طئي ٿيل اصول مطابق نوي ڏينهن اندر ڪرايون وڃن، انهي عدالتي فيصلي حڪمران ڌر جي سمورين تيرهن جماعتن کي اهڙو بتال ڪري ڇڏيو آهي جو هنن سپريم ڪورٽ جي ججن وچ ۾ وڏي ڦڙڦوٽ وجهڻ سان گڏوگڏ عدالتي اختيارن گهٽائڻ جو حل ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت بنا پارليامينٽ مان منظور ڪرائي صدر مملڪت جناب عارف حسين علوي ڏانهن اماڻيو جنهن انهي ترميم کي آئين جي ابتڙ (متصادم) قرار ڏيئي رد ڪري ڇڏيو صدر علوي اهو نوٽ لکي حڪومت کي فائيل واپس ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي اختيارن سان پارليامينٽ پاران هٿ چراند ڪرڻ غير قانوني عمل آهي جنهن جي منظوري نٿي ڏيئي سگهجي. منهنجي ذاتي را آهي ته عارف علوي صاحب پاڪستان جو پهريون سويلين صدر آهي جيڪو اڳڙين جو گڏو بڻجي اکيون پوري پي ڊي ايم سرڪار ۽ اسٽيبلشمينٽ جي دٻا جو شڪار ٿيڻ کان بار بار انڪار ڪري پنهنجي سڀ کان وڏي علامتي عهدي جي لڄ رکي بلڪل هڪ نئين تاريخ رقم ڪري رهيو آهي. گذريل اربع واري ڏينهن جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ سيڪريٽري دفاع، سيڪريٽري خزانه ۽ اٽارني جنرل پيش ٿي اهو ٻڌايو ته قومي اسيمبلي ڪلهه هڪڙو قانون منظور ڪيو آهي جنهن مطابق اوهان چيف جسٽس جي حڪم کي رد ڪري چيو ويو آهي ته صوبائي اسيمبلين جي چونڊن لا، 21 ارب روپيا نٿا ڏئي سگهجن ڇاڪاڻ ته قومي خزانو خالي آهي. انهي تاويل کي سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ رد ڪندي اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي سربراهه کي رقم جاري ڪرڻ جو چيو آهي.

 هن ملڪ مٿان نه رڳو جمهوري آپيشاهي جو جبر، فوجي آمريت جو انڌو قانون بلڪ جرڳائي سرشتي جي بدمعاشي پورهيت انسانن کي اڄ اهڙي اوڙاهه ۾ وجهي ڇڏيو آهي جو بيروزگاري، مهانگائي ۽ پوليس جي ظلم تشدد کان ڪڪ ٿي گهڻا مرد ۽ مائيون روز آپگهات ڪرڻ ۾ ئي پنهنجي نجات سمجهڻ لڳا آهن پاڪستان انهي بربادي جي ڪري اڄ عالمي ادارن جي سروي رپورٽن موجب تمام تکي رفتار سان پوئتي پيل تمام گهڻن ملڪن کان به پوئتي ٿي ويو آهي. هڪ رپورٽ موجب اسان جي ملڪ جي ڪل آبادي مان ڏهه ڪروڙ ماڻهو تعليم کان وانجهيل آهن، پنج ڪروڙ انسانن کي ٻن ويلن جي به ماني نصيب نه ٿي ٿئي 9 ڪروڙ غريبن وٽ بيمارين جو علاج ڪرائڻ لا نه پئسا آهن ۽ نه سرڪاري سطح تي ملندڙ سهوليتون، پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم ڏهن بدترين ملڪن ۾ پاڪستان نائين نمبر تي پهچي چڪو آهي جنهن جا ڪروڙين معصوم ٻارڙا پرائمري تعليم به نه ٿا پرائي سگهن. آخر ڇو؟ ان ڪري ته پرڏيهي ناڻي جي صورت ۾ جيڪي ڊالر اچن ٿا تن کي هر دور جا حاڪم اسمگلنگ وسيلي ٻاهرين ملڪن جي بئنڪن ۾ يا ملڪيتون خريد ڪرڻ ۾ سيڙايو ڇڏين ان پرڏيهي ناڻي عيوض اسٽيٽ بئنڪ کان ڪاغذ جا پاڪستان نوٽ ڇپرائي ماڻهن ۽ عورتن ۾ ورهائين ٿا پر ان رقم جي ويليو ايتري مس بچي ٿي جو پنهنجن ٻچڙن لا اٽو وٺي سگهن. آخر ائين ڏهاڪن کان ڇو پيو ٿئي؟ هن رپورٽ ۾ انهي سوال جو جواب هنن لفظن ۾ ڏنل آهي سادو سودو ڪارڻ آهي. پاڪستان جي حڪمران اشرافيه نهايت پٿر دل آهي. جنهن غربت ۽ اڻهوند کي هاسيڪار وڌايو آهي ته جيئن ڪروڙين ماڻهو رڳو پنهنجو ۽ ٻچڙن جو پيٽ پالڻ خاطر سدائين حاڪمن ڄا ٻانها بڻجي نسل در نسل حياتي گهارين.

 جيڪڏهن ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت جي فيصلن کي بلڊوز ڪرڻ جو سلسلو هڪ ڀيرو شروع ٿي ويو ته پو پڪ سمجهو ته اوهان انهن قوتن جا هٿ پيا مضبوط ڪريو جيڪي اقتدار تي قبضو ڪرڻ لا واجهائين پيا پر حالتن اًڃا ايتري قدر ڀوائتي شڪل اختيار نه ڪئي آهي جو ڪنهن کي جهٽ هڻڻ جو موقعو ملي. هونئن ٻه ملڪ جي سياسي ۽ معاشي حالت توڙي عالمي سطح تي ايشيائي سپر طاقتن جي تازن شاندار فيصلن طاقت جو توازن امريڪا کان منتقل ڪري سامراجي هڪ هٽي کي ڪاپاري ڌڪ هڻڻ جي شروعات ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ چائنا جي صدر شي جن پنگ جي دانشمندي ذريعي سعودي عرب پاران ايران، يمن، شام ۽ لبنان ڏانهن دوستي جو هٿ وڌائڻ وارا تيزي سان ورتل اپا عالمي سامراج لا پريشاني پيدا ڪري چڪا آهن. مون کي اهو ٻڌايو ته آخر نوي ڏينهن اندر آئيني گهرج مطابق چونڊون ڪرائڻ کان پي ڊي ايم وارن جو ساهه ڇو ٿو ٻوساٽجي؟ فقط چونڊن کان بچڻ خاطر هو ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت جي اختيارن تي ايڏو وڏو وار ڪرڻ لا ڇو آتا آهن؟ هي ته ايئن ئي ٿيو. جنهن لا عام طور چئبو آهي هڪ ته چوري مٿان سينه زوري! مون هڪ مهينو اڳ لکيو هو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو ويو ته ڪارن ڪوٽن وارا وڪيل سڄي ملڪ اندر عدليه بچايو تحريڪ هلائيندا جنهن جي شروعات ٿي چڪي آهي. اڄ بئرسٽر اعتزاز احسن پاران اڳوڻي گورنر پنجاب جاويد لطيف کوسي جي قيادت هيٺ لاهور ۾ قانوندانن، وڪيلن، رٽائرڊ ججن ۽ سياسي ڪارڪنن جي گڏجاڻي ٿي رهي آهي جنهن ۾ حڪومت جي غير قانوني هٿڪنڊن کي منهن ڏيڻ ۽ اعليٰ عدالت کي بچائڻ لا، 2007 ۾ هلايل ملڪ گير هلچل جيان هڪ نئين تحريڪ شروع ڪرڻ جو پروگرام رٿيو پيو وڃي. جيتوڻيڪ آصف زرداري به پي ڊي ايم حڪومت جو پيل پائو آهي پر ٻن ٽن ڏينهن کان هو وزير اعظم شهباز شريف کي اهائي صلاح ڏيندو اچي ته ڇڪتاڻ ۽ تڪرار وڌائڻ بجا مخالف ڌر جي اڳواڻ عمران خان سان ڊائلاگ ڪري، سڄي ملڪ اندر عام چونڊون ڪرائڻ جو گڏيل پروگرام ٺاهيو ته بهتر ٿيندو.

(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button