پاڪستانپنجاب

کنڊ جي اسمگلنگ ۽ ذخيرا اندوزي خلاف ڪريڪ ڊائون جي منظوري

لاهور: وزيراعظم کنڊ جي اسمگلنگ، ذخيرا اندوزي، ۽ ناجائز منافعي خوري خلاف وڏي پئماني تي ڪريڪ ڊائون جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. لاهور ۾ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ وزيراعظم ناجائز منافعي خوري ۽ اسمگلنگ جي اطلاعن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ اسمگلنگ جي تدارڪ لاءِ اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اجلاس سڏائي ورتو آهي. وزيراعظم چيو ته اجلاس ۾ کنڊ سميت ٻين شين جي اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ مُلڪ گير ڪارروائي جي حڪمت عملي تيار ٿيندي. ان کانسواءِ وزيراعظم، اسمگلنگ، ناجائز منافعي خوري ۽ ذخيرا اندوزي ۾ملوث ڪردارن خلاف سخت ڪارروائي ۽ سزا ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته عوام کي اسمگلرن، ناجائز منافعي خورن، ۽ ذخيرو ڪندڙن جي رحم ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي، عوام کي ستائڻ وارن کان حساب ورتو ويندو. شهباز شريف، پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي کي صوبي ۾ کنڊ جي قيمت ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺڻ ۽ نگراني جي هدايت ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button