اسلام آبادپاڪستان

دنيا پلواما حملي بابت ستيال پال جي انڪشاف جو نوٽيس وٺي:پاڪستان

اسلام آباد :پاڪستان چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني طور قبضي هيٺ آيل والاريل ڄمون ڪشمير جي نام نهاد اڳوڻي گورنر ستيا پال ملڪ جي تازن انڪشافن ٻيهر فيبروري 2019ع جي پلواما حملي جي حوالي سان پاڪستان جي موقف جي تصديق ڪئي آهي. ڪالهه هتي جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته انهن انڪشافن مان واضح ٿيو آهي ته ڪهڙي به طرح ڀارتي قيادت اندروني سياسي فائدي جي استعمال لاءِ عادتن دهشتگردي جي ڀوت کي استعمال ڪندي پنهنجي مظلوم هئڻ جو شرمناڪ بيانئو ۽ هندوازم جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائي ٿو. ترجمان اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري انهن انڪشافن ۽ ڀارت جي خود غرضي ۽ سياسي مفادن تي ٻڌل پاڪستان مخالف پروپئگنڊا مهم جي نوٽيس وٺندي. ترجمان چيو ته اٿاريل سوالن جا جواب ڏيڻ گهرجن. وقت اچي ويو آهي ته ڀارت کي پلواما حملي کانپوءِ علائقائي امن کي نقصان پهچائيندڙ قدمن لاءِ ڏوهي قرار ڏيارجي. ترجمان ٻڌايو ته پاڪستان ڀارت جي ڪوڙي بيانئي جو مقابلو ۽ چڙ ڏياريندڙ عملن باوجود ثابت قديمي ۽ ذميواري سان ڪم ڪندو رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button