اسلام آبادپاڪستان

نور مقدم ڪيس:ظاهر جعفر جو موت جي سزا خلاف عدالت سان رابطو

اسلام آباد : نور مقدم ڪيس جي مُک ڏوهاري ظاهر جعفر موت جي سزا خلاف سُپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي. نور مقدم جي قاتل ظاهر جعفر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سُپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ چيو آهي ته ٽرائل ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ثبوت جو درست جائزو ناهي ورتو، غلطين سان ڀرپور ايف آءِ آر تي سزا ڏيڻ انصاف جي اصولن جي ابتڙ آهي. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جن ثبوتن کي اهميت ڏني وئي اُهي قانون جي گهرجن پٽاندڙ قابل قبول ناهن. نور مقدم قتل ڪيس ۾ سزا يافتا ڏوهاري ظاهر جعفر پنهنجي درخواست ۾ استدعا ڪئي آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي موت جي سزا وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. ياد رهي ته ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ظاهر جعفر کي مجموعي طور يارنهن سال سزا، پنج لک ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button