ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

شانتي نڪيتن ۽ ٽيگور-II

 چين جا ماڻهو سواءِ هتي اچڻ جي تعليم لا دنيا جي ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ نه ويندا هئا. شاهراه ريشم لا جيڪو چيو وڃي ٿو ته ان سان واپار کي ترقي ملي ۽ مختلف ملڪن جا ماڻهو هڪ ٻئي جي ويجھو آيا پر ساڳي وقت اها شاهراه علم جي پانديئڙن لا نالندا يونيورستي تائين پهچڻ جو هڪ ذريعو پڻ هئي. اها يونيورسٽي پنجين صديءَ ۾ آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج کان به پنج ڇهه سو سال اڳ قائم ٿي. مختلف وقتن تي ٽي ڀيرا ان يونيورسٽيءَ کي تباهه ڪيو ويو، آخري حملو ترڪ حملي آور بختيار خلجي ٻارهين صديءَ ۾ ڪيو جنهن ۾ يونيورسٽيءَ جو نالو نشان ختم ٿي ويو. چون ٿا ته عمارت کي ڏنل باهه اٽڪل ٽي مهينا ٻرندي رهي ۽ هتان جي لائبريريءَ ۾ کجور جي پنن تي لکيل هزارين ڪتاب سڙي رک ٿي ويا. هڪ خيال اهو آهي ته ان کي باهه ڏيڻ جو مقصد اهو هو ته ٻڌ مت جون تعليمات جيئن ته اسلام جي خلاف آهن، ان ڪري انهن کي ٻنجو ڏنو وڃي. جڏهن ته ٻيو خيال اهو به آهي ته خلجي ان جي تعمير وغيره کي ڏسندي ان کي مندر وغيره سمجھيو هو ۽ سندس ليکي هتي خزانو وغيره هوندو. جيتوڻيڪ کوٽائي مان يونيورسٽيءَ جي حوالي سان گھڻين شين جهڙوڪ ليڪچر هال، آڊيٽوريم ۽ هاسٽل وغيره جي خبر پيئي آهي پر گھڻين شين جو ظاهر ٿيڻ اڃا باقي آهي. ان ڪم جي اڳتي وڌڻ ۾ موجوده بي جي پيءَ جي حڪومت سان مسئلو اهو آهي ته اهي ٻڌ مت جا آثار آهن، جيڪي نظرياتي طور ان جي هندوتا جي فلسفي سان ٺهڪي نه ٿا اچن.

شانتي نڪيتن جي تعليم جي ٻولي بنگالي هئي. ليکڪ جي پسند جا مضمون سنسڪرت ۽ رياضي هئا. انگريزي ڏانهن سندس گھڻو ڌيان نه هئا. ڍاڪا جي سينٽ گريگوري مشنيري اسڪول ۾ به سندس ڪارڪردگي ڪا چڱي نه هئي. شانتي نڪيتن کانپوءِ کيس ڪلڪتي جي پريزيڊينسي ڪاليج وڃڻو هو، جتي کيس انهن ٻنهي مضمونن ۾ مهارت حاصل ڪرڻي هئي. سندس چوڻ آهي ته شاگردن کي ڪنهن هڪ ڪلاسيڪي ٻولي جهڙوڪ سنسڪرت، لاطيني، يوناني ۽ قديم عربي وغيره ۾ مهارت حاصل ڪرڻ گھرجي پر ڀارت ۾ ان حوالي سان رڳو سنسڪرت کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. سنسڪرت رڳو اهڙي ٻولي ناهي جنهن ۾ مذهبي ادب هجي پر ان ۾ فلسفو ۽ ٻيون گھڻيون شيون آهن. مذهب سان گڏوگڏ ان ۾ غيرمذهبي خيال به ملن ٿا. ويد ۽ مهاڀارت سان گڏوگڏ گھڻو ٻڌ لٽريچر پالي ۽ سنسڪرت ٻولين ۾ ملي ٿو. رياضي پنهنجي فلسفي، فارمولن ۽ ٿيوريم وغيره ذريعي سندس ان سوچ کي وڌيڪ قوت ٿي ڏني.

ٽيگور شانتي نڪيتن جي فنڊنگ لا ملڪ جي مختلف حصن ۾ ڊرامن ۽ ڊانس وغيره جا پروگرام ڪندو هو ۽ ايستائين ته انهن ۾ پاڻ به حصو وٺندو هو ۽ ڊانس ڪندو هو. 1913ع ۾ اداري جي ڪنهن رٿا جي حوالي سان فنڊنگ وغيره جي مسئلي تي گڏجاڻي هلي رهي هئي. ان گڏجاڻي هلندي کيس نوبل ايوارڊ ملڻ متعلق ٻڌايو ويو ته هن اتي ويٺل همراهن کي چيو ته بس رقم جو بندوبست ٿي ويو ۽ نوبل ايوارڊ جي اها ملندڙ رقم ان رٿا تي خرچ ٿيندي. 

شانتي نڪيتن ۾ گھڻا وڏا اڳواڻ ۽ عالم ايندا هئا ۽ شاگردن کي ليڪچر ڏيندا هئا. ان سلسلي ۾ هن چيانگ ڪائي شيڪ جو ذڪر ڪيو آهي. هن چيني ٻوليءَ ۾ ڳالهايو پر ان جي ترجمي جو ڪو بندوبست نه هو جنهنڪري تقرير ۾ ماڻهن جي دلچسپي نه رهي ۽ ان دوران ئي اتي ويٺل پنهنجين ڳالهين ۾ لڳي ويا. پوءِ کين ان ڳالهه جو احساس ٿيو. ميڊم چيانگ ڪائي شيڪ هڪ رک رکاءُ واري عورت هئي ۽ کيس چڱي انگريزي ايندي هئي. مهاتما گانڌي به اتي آيو هو هن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته جڏهن ته موسيقي زندگيءَ ۾ ئي شامل آهي ته پوءِ ان کي ڌار مضمون طور پڙهائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. گانڌي سان ٽيگور جا ٻيا به گھڻا اختلاف رهيا.

ٽيگور جو گانڌيءَ سان اختلاف جو هڪ ڪارڻ اهو به هو ته هو قومپرستيءَ جو مخالف هو جنهن جو اظهار سندس ناول The Home and the World ۾ به ملي ٿو. هن 1930ع هربرٽ ليڪچر ۾ اهو اظهار ڪيو هو ته سندس شخصيت جي ٺهڻ ۽ سڃاڻپ ۾ ٽن ثقافتن انگريز، اسلام ۽ هندوازم جو ڪردار آهي. ٽيگور سوويت يونين به ويو هو. اولهه ۾ ٽيگور جو جيڪو تاثر ٺاهيو ويو اهو هڪ صوفي جو هو. بهرحال ٽيگور شانتي نڪيتن ۾ وشوا ڀارتي قائم ڪري هڪ متبادل تعليمي نطام جو نمونو ڏنو هو، جنهن کي حڪومتي سطح تي سرپرستي ملي ها ۽ ان کي اختيار ڪيو وڃي ها ته گھڻا مثبت نتيجا سامهون اچن ها.

 )پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button