رانديونعالمي

نيروبي ۾ مرد نقاب پائي ويمن شطرج ٽورنامينٽ جا 4 رائونڊ کٽي ورتا

ڪينيا جي شهر نيروبي ۾ نوجوان مرد نقاب پائي ۽ اکين تي ڪارو چشمو لڳائي عالمي ويمن شطرج ٽورنامينٽ جا 4 رائونڊ بھ کٽي ورتا، جنهن بعد ان جي اصليت ظاهر ٿي پئي، جنهن تي کيس تحويل ۾ ورتو ويو آهي. ميڊيا مطابق ڪينيا ۾ 31هين عورتن واري شطرنج ٽورنامينٽ کيڏي وئي، جنهن ۾ ڪيترن ئي ملڪن مان 445 عورت رانديگرياڻيون شريڪ ٿيون، جن ۾ 84 ڪينيا جون عورتون پڻ شامل رهيون. جڏهن تھ ٽورنامينٽ ۾ يونيورسٽي جي هڪ نوجوان شاگرد عورتاڻو انداز اختيار ڪري نقاب ۽ چادري پائي شرڪت ڪئي، جنهن 4 رائونڊ کٽڻ بعد نقاب لاٿو تھ سندس اصليت ظاهر ٿي، نوجوان کي ڊسپلينري ڪاميٽي ۾ پيش ڪيو ويندو. ڪينيا جي چيز فيڊريشن واقعي جي جاچ شروع ڪئي آهي، امڪان آهي تھ قانون تحت نوجوان شاگرد کي 7 سالن جي سزا ملندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button