رانديون

پاڪستاني جبل چاڙهو نائلا ۽ شهروز ڪاشف تاريخ لکي ورتي

پاڪستان جي ٻن جبل چاڙهن نائلا ڪياني ۽ شهروز ڪاشف جابلو چوٽين جي فتح واري مهم ۾ اهم تاريخ لکي ورتي آهي. ميڊيا مطابق دنيا جي 10 بلند ترين چوٽين ۾ شامل 8 هزار 91 ميٽر بلند چوٽي اناپورنا ڪاشف شهروز ۽ نائلا ڪياني گڏجي فتح ڪئي آهي،

شهروز ڪاشف مهم تي نڪتل آهي

جنهن سان نائلا ڪياني 4 بلند ترين چوٽيون فتح ڪندڙ پهرين پاڪستاني عورت جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي، اهڙي ريت دنيا جون 11 بلند ترين ڇوٽيون فتح ڪرڻ تي ڪاشف شهروز بھ اهم اعزاز ماڻي ورتو.

پاڪستان جي عورت جبل چاڙهو نائلا ڪياني

پاڪستان جي ٻنهي جبل چاڙهن اهم اعزاز ماڻڻ جي آگاهي پنهنجن پنهنجن سوشل ميڊيا پيجز تي ڏني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button